Profile # 131 Feroz Memon (HST - GBHS Jamshoro Colony) فيروز ميمڻ
Profile # 131 محترم جناب سائين فيروز ميمڻ صاحب جو جنم پھرين جنوري 1971ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ نُونر ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نُونر مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو بوائز ھاء اسڪول سيوھڻ شريف مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن سُھراب سائيڪل ڪمپني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندي طور چار سال ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ پھرين آگسٽ 1995ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول جھيجا ، بُوبڪ ۾ ٿي ـ سندن 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سائين جن ضلعو ڄامشورو جي جن اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن تن ۾ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو بوائز ھاء اسڪول سيوھڻ شريف ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول لاکا ، گورنمنٽ ب...