Profile # 119 Junaid Ahmed Khuhro (JEST - GBLSS Masuhab) جُنيد احمد کُهڙو
Profile # 119
محترم جناب سائين جُنيد احمد کُهڙو صاحب جو جنم 4 جنوري 1994ع تي ضلعو لاڙڪاڻو جي ڳوٺ عاقل ، تعلقو لاڙڪاڻو ٻھراڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان اِبتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، عاقل مان مئٽرڪ جو امتحان A-1 گريڊ ۾ پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، لاڙڪاڻو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان رياضي ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ڪيمپس ، لاڙڪاڻو مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن ٻه سال خانگي اسڪلولز ۾ پڙھايو آهي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 10 نومبر 2014ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز شيخ ٽڳڙ اسڪول ، تعلقو لاڙڪاڻو ٻھراڙي ۾ مقرر ٿيا ـ اھو اسڪول سندن گهر کان 18 ڪلوميٽر پري هو پر سائين ڪڏهن اسڪول جي اسيمبلي مس نه ڪئي سردي هجي گرمي يا برسات هجي پوء به اسڪول ٽائيم تي پهچندو هو ـ سندن 20 جون 2020ع تي جي اِي ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، مسُوهب ۾ ٿي ـ سائين جن اِبتدائي سائنس ۽ انگريزي جا سبجيڪٽ پڙھايا آهن ۽ ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر آهن ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ تمام گھڻيون تربيتون حاصل ڪيون آهن جن ۾ اِنڊڪشن ٽريننگ ۽ آء سي ٽي ٽريننگ سر فھرست آهن ـ سائين جن فيسبوڪ تي تعليم کاتي سان لاڳاپيل اٿينٽڪ ليٽرز ۽ معلومات فراھم ڪرڻ جو ذريعو بڻجڻ سان "جُنيد کُهڙو" جي نالي ذريعي مشھوري ماڻي ـ اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ٿيندڙ استادن جي ڪنفرميشن توڙي پروموشن لاء احتجاجن ۾ ھڪ اڳواڻ طور اڀريا ـ سندن موجودگي ھر انهي احتجاج ۾ ھوندي آهي جنهن ۾ ٽيچرز جا اشوز ھجن چاھي اقراء يونيورسٽي طرفان ڀرتي استادن جو احتجاج ھجي يا آء بي اي طرفان ڀرتي استادن ۽ ھيڊ ماسترن جو احتجاج ھجي ـ سندن خدمتون ھميشه ياد رکيون وينديون ـ سندن خدمتن جي مان ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ ادارن طرفان 20 کان مٿي بھترين ٽيچر جا ايوارڊ مليا آهن ـ
سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون سندن والد ۽ مامو استاد نوردين آهن ـ سندن بھترين استادن ۾ سائين قاضي سهيل ، سائين مجيب ۽ سائين منظور ۽ ميڊم رِدا آهن ـ سندن بھترين دوست ڪاظم شاھ ، شبير کُھڙو ، ماجد کرل ، غلام الله سانگي ۽ وحيد کُھڙو آهن ـ
سائين جن جو والد انسپيڪٽر فوڊ ھو ــ سائين جن جون ٻه ڀينرون ٽيچرز آهن ـ سائين جن جي جيجل امان پڻ رٽائرڊ هوم اِڪانامڪس ليڊي ٽيچر آهي ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي ـ سندن گھڻا ئي مائٽ تعليم کاتي ۾ ملازم آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : ” تعليم دنيا کي نٿي بدلائي ، اها ماڻهن کي بدلائي ٿي جيڪي دنيا بدلائڻ وارا آهن ـ“
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment