Profile # 111 Mehmood Ahmed Abro (HST - GBHS Nasarpur) محمود احمد ابڙو

 

محترم جناب سائين محمود احمد ابڙو (ادبي نالو ريحان ابڙو) صاحب جو جنم 14 جون 1980ع تي ضلعو ٽنڊوالھيار جي تاريخي شھر نصرپور ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، نصرپور مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، نصرپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ايس ايم ڊگري ڪاليج ، ٽنڊوالهيار مان انٽر ۽ بي اي جي تعليم حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ، حيدرآباد مان پي ٽي سي کان علاوھ ايلسا قاضي ڪيمپس جي آف ڪيمپس پروگرام مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ ان کانسواءِ تدريسي حوالي سان تربيتون ۽ ڪيترن ئي ادارن ۽ آنلائن پروگرامن مان سرٽيفڪيٽ ڪورس پڻ حاصل ڪيا آهن ـ

سائين جن پنهنجي نسن ۾ پورهيت جو رت هجڻ ڪري ڪنهن به ڪِرت کان ڪڏهن به عار محسوس نه ڪيو آهي ـ ننڍي هوندي خرچي پاڻي توڙي شوقيه طور تي کٽون مڙهڻ ، رنگ روغن جو ڪم ، واڍي جو ڪم ، رازڪو ڪم ، بجلي وغيره جي ڪم کان وٺي اٽي جي چڪي هلائڻ تائين پورهيا ڪيا آهن ـ تدريسي حوالي سان شروعات 1998ع کان ٿي جڏهن پنهنجي اوطاق ۾ هلندڙ سرڪاري اسڪول جي ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ شروع ڪيو ـ ادبي ڪم جي باقاعده شروعات 2011ع کان ٿي جنهن کي سکڻ جو سفر سمجهي اڄ تائين جاري رکندا اچن ـ ڪجھ وقت نادرا ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر طور ڪم ڪيائون ـ خانگي اسڪولن ۾ پڙهايو ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ ڪوالٽي اشورنس ۾ ڊپٽي مينيجر طور ڪم ڪيو اٿن ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن پھرين آگسٽ 2008ع تي پرائمري استاد طور مقرري نصرپور ويجھو ڳوٺ ميوو خان لاشاري ۾ بنا عمارت جي اسڪول ۾ ٿي جتي مقرري دوران ڇهن سالن جي عرصي ۾ ايس ايم سي فنڊ ۽ حال سارو ڳوٺ وارن جي سهڪار سان پڪي ڇت وارو هال ڏاڪي به ڏاڪي ٺهرايو ـ سندن وڃڻ کانپوءِ نئين ايندڙ استاد ان تعميري اِرتقا کي جاري رکيو ان مستقل محنت سبب اسڪول جي شاندار عمارت منظور ٿي جيڪا اڄ موجود آهي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ھڪ دفعو ٻيھر اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 27 جون 2014ع تي جي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول نصرپور ۾ مقرر ٿيو ـ سندن 2 ڊسمبر 2020ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سائين انگريزي ، رياضي ، فزڪس ، سنڌي ، اڙدو ، سماجي اڀياس جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ستين ، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر رهيو آهي ـ

سائين 2014ع کان مسلسل سنڌي ادبي سنگت نصرپور ۾ سيڪريٽري رھيو آهي ـ سائين سنڌ جي استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ نصرپور ۾ مختلف وقتن تي جنرل سيڪريٽري ، جُوائنٽ سيڪريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري طور پنهنجا فرض نڀائيندو رھيو آهي ـ سائين نصرپور جي نوجوانن جي تنظيم مهراڻ يُوٿ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ سينئر ميمبر ۽ ٻين رضاڪار سماجي تنظيمن ۾ به مختلف عهدن تي رھيو آهي ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ هيستائين ذميواريون صرف استاد طور ادا ڪيون آهن ـ جڏهن ته تربيتن ۾ انڊڪشن ٽريننگ ، ايل ايس بي اي ٽريننگ ، گائيڊ ٽيچر ٽريننگ ، ريلو انگلش ٽيچر ٽريننگ ۽ ڪيتريون آنلائين ٽريننگس حاصل ڪيون آهن جنهن ۾ برٽش ڪائونسل پاران انويجيليشن جي ٽريننگ پڻ شامل آهي ـ سندن اسٽوڊنٽ لائيف ۾ پاڻ ڪيترائي ڀيرا پوزيشن حاصل ڪرڻ ، ڳائڻ ، ڪوئيز مقابلن ۽ ٻاراڻن رسالن جي سلسلن ۾ حصو وٺڻ تي انعام حاصل ڪيا ـ پروفيشنل لائيف ۾ پنهنجي شاگردن جي پسنديدگي ۽ پنهنجي شروع ڪيل بنا عمارت واري اسڪول جي عمارت ٺهڻ کي ئي پنهنجي لاء وڏو ايوارڊ سمجهن ٿا ـ اسپورٽس ۾ ڪجھ وقت لاء پاڻ کي بالر طور مڃايو جنهن جي آڌار تي ڪجھ مين آف دي ميڇ ايوارڊ حاصل ڪيا ـ

سائين جن جي پسنديده شخصيت انسان دوستي ۽ مثالي محنت جي لحاظ کان ڊاڪٽر محمود مغل آهي ـ ادبي ۽ سماجي لڏي ۾ سرگرم هجڻ ڪري سندن دوستن جو حلقو ايڏو وسيع آهي جو ڪنهن هڪ جو نالو وٺندا ته ٻين سان ناانصافي ٿيندي ـ

سائين جن جو خاندان پورهيت ۽ هنرمند خاندان طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن جي اڪثريت چمڙي تي موتين ۽ زريءَ جي اڻتڪاري سان جتي سازيءَ ۽ ڍور ڍڳن جي سجاوٽ جي سامان ٺاهڻ ۽ اڻت جي ٻين پاسن سان لاڳاپيل هئي ـ جيڪي عظيم اِنقلابي پورهيت رهنما مخدوم بلاول جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ ٽيئر سان نسبت رکندا هئا ـ سندن والد پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو صاحب ڄاتل سڃاتل تعليمدان ، ترجميڪار ، ليکڪ ، روشن خيال مذهبي اسڪالر ۽ اڳوڻا پرنسپال گورنمنٽ ايس ايم ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار آهن ـ سائين جن پنج ڀائرن ۽ ٻن ڀيڻن ۾ مجموعي طور تي پنجين نمبر تي آهن ـ سندن وڏي ڀيڻ ايڇ ايس ٽي آهي ـ وڏو ڀاءُ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ ملازم آهي ـ ٻيو وڏو ڀاءُ سينئر فارماسسٽ ، مختلف ادارن ۾ مينيجنگ ۽ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪندڙ آهي ـ ٽيون وڏو ڀاءُ پورهيت آهي ـ ننڍي ڀيڻ اقوام متحده جي فلپائن آفيس جي ملازم آهي ـ سڀني کان ننڍو ڀاءُ ڪيمسٽريءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وزٽنگ پروفيسر آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته استاد لاءِ وڏي ۾ وڏو اُتساه سندس محنت جي نتيجي ۾ ٻارن جي ڪردار ۾ تبديلي اچڻ هوندو آهي ـ الحمدلله اهڙا ڪيترا واقعا آهن جتي ٻارن لاءِ سخت پريشان ٿيل مائٽن کي نئين اميد ڏني ـ ڪيترن پڙهائي ڇڏيندڙ ٻارن کي واپس آماده ڪيو جن جي ڪاميابين وڏو اُتساه ڏنو ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي ھنن سونھري لفظن ۾ خيالن جو اظھار ڪيو ته تعليم جو فلسفو تمام گهڻو ڳوڙهو آهي ـ ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته انساني شعوري اِرتقا جو اهو سفر جنهن جي منزل پنهنجي ذات کي پنهنجي لاءِ ۽ سماج لاءِ وڌ کان وڌ فائديمند بنائڻ آهي ـ جيتوڻيڪ ان جي به ڪا حتمي حد ڪانهي ـ سڀ کان اڳ ته ٻارن جي فطري صلاحيتن جي پرک ڪجي ، لاڙا ڏسجن ، انکانپوءِ انهن لاڙن جو معاشري ۾ فائديمند استعمال ڏسي ٻار جي تربيت شروع ڪجي ـ ٻار کي ائين ئي پڙهائي به سگهجي ٿو ۽ ساڳي طرح موٽِيويٽ به ڪري سگهجي ٿو ـ تعليم جو عمل صرف ادارن ۾ نه پر گهر ۾ به هلندو رهي ٿو ـ تربيت تعليم جو اهم حصو آهي جنهن جو بنيادي نقطو انسان دوستي ۽ سڀني ساه ڀري مخلوق جو قدر آهي ـ هڪ ڊاڪٽر کي توهان پنهنجي فن ۾ ته ماهر ڪري ڇڏيو پر سندس دل ۾ انسانيت جو احساس ذرو به نه هجي ته هو معاشري جي ڪهڙي ڪم جو ٿيندو ـ اهڙي طرح سڀني شعبن تي اهو اصول لاڳو ٿئي ٿو ـ مٿيون سڀ ڳالهيون پڙهائڻ مان ئي سکيون آهن جن جي اطلاق جو  ذاتي تجربو آهي ـ ٻار کي رٿابنديءَ سان نه سيکاربو ته به سکندو ، پر اهو ائين هوندو جيئن ڪنهن ٻنيءَ کي ڇڏي ڏجي ، هر نه هلائجي ، ٻج نه ڇٽجي ، پاڻي ۽ ڀاڻ نه ڏجي ۽ پوءِ اميد رکجي ته هتي شاندار باغ ڦٽي ايندو ، اتي ڊَڀَ ، سَرَ ، ڪَنڊيون ۽ بي ترتيب ٻوڙا ئي ٿيندا ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " مختصر پيغام اهو ئي آهي ته پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ڳولھيو جيڪو توهان جي ذات ۾ ئي موجود آهي ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل