Profile # 131 Feroz Memon (HST - GBHS Jamshoro Colony) فيروز ميمڻ
Profile # 131
محترم جناب سائين فيروز ميمڻ صاحب جو جنم پھرين جنوري 1971ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ نُونر ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نُونر مان پرائمري جي تعليم پرائي ـ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو بوائز ھاء اسڪول سيوھڻ شريف مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ شريف مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن سُھراب سائيڪل ڪمپني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي نمائندي طور چار سال ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ پھرين آگسٽ 1995ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول جھيجا ، بُوبڪ ۾ ٿي ـ سندن 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ سائين جن ضلعو ڄامشورو جي جن اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن تن ۾ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو بوائز ھاء اسڪول سيوھڻ شريف ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول لاکا ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول آمري ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوريجا ، خاڻوٺ ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڄامشورو ڪالوني ۾ فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن انگريزي ، رياضي ، سنڌي ، اڙدو ۽ سماجي اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڇھين ۽ ستين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ سائين جن فارغ وقت ۾ مسجد ۽ مدرسي ۾ وقت گذاريندا آهن ـ
سائين جن جو والد جان محمد ميمڻ ھاري آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ڇھون نمبر آهن ـ سندن پنج فرزند ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد آهي ـ سندن وڏي فرزند مصور ميمڻ بي ايس نرسنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ـ
سائين جن پنهنجي زندگي جو ھڪ واقعو سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم کي ٻڌائيندي چيو تہ 1990ع ۾ مون کي عشاء نماز پڙھندي ڇھ ڌاڙيل گھيرو ڪري ويا ـ ان وقت مون سان منهنجو ماسڙ محمد صالح ميمڻ گڏ ھو ـ ڌاڙيل اسان ٻنهي کي اغوا ڪري ويا ھئا جيڪو اسان ڀڳو ٽوڙو ۾ پوليس مقابلي ذريعي بازياب ٿياسين ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگرد محنت ڪن ۽ محنت ڪري اڳتي وڌن -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment