Profile # 129 Muhammad Bux Qureshi (HST - GBHS Jamshoro Colony) محمد بخش قريشي

 

محترم جناب سائين محمد بخش قريشي صاحب جو جنم 11 فيبروري 1971ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ڦڪا ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڦڪا مان پرائمري جي پرائي ـ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، ڦڪا مان اٺ درجا ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڀان سعيد آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 15 آگسٽ 1989ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول نينگ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن بطور جي ايس ٽي جن اسڪولن ۾ فرض نڀايو تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خدا آباد ، گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائيٽي ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آر بي بي ڪالوني ، ڄامشورو شامل آهن ـ سندن 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، پيٽاڙو ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آر بي بي ڪالوني ۾ بطور ايف اي بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن انگريزي ۽ رياضي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ نائين ۽ ڏھين ڪلاسن جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ آر بي بي ڪالوني ۾ نائب صدر رھيا آهن ـ استادن جي ھر ڪم ڪار ۾ اڳڀرا رھيا آهن ـ سائين جن قريشي ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ ضلعو ڄامشورو جا آرگنائيزر رھيا آهن ۽ ان جي مرڪزي ڪميٽي جا ميمبر پڻ رھيا آهن ۽ سنڌ گرين ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۾ ضلعو ڄامشورو جا آرگنائيزر پڻ رھيا آهن ـ سائين جن ھن وقت سعيد آباد ڊولپمينٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جا سينئر صلاحڪار آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ مختلف تربيتون حاصل ڪيون آهن جن ۾ پيس جي ٽريننگ ۽ ايل ايس بي اي جي ٽريننگ سرفھرست آهن ـ ان کان علاوھ ھر قسم جي تعليمي پروگرامن توڙي ورڪشاپن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندا رھندا آهن ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت محترمه بينظير ڀٽو آھي ـ سندن مشغلو ڪتاب پڙهڻ آهي ۽ سو کان مٿي ڪتابن جو ذخيرو ڪيو آهي ـ سندن خواھش پنهنجي والد وانگر ھيڊ ماستر ٿي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سر انجام ڏيڻ جي آهي جيڪو انشاء الله جلد پورو ٿيندو ـ

سائين جن جو ڏاڏاڻو خاندان پڪا چنه سيوھڻ شريف مان آهي ۽ ناناڻو خاندان دادو جي ڳوٺ ڦڪا مان آهي ـ سندن ڏاڏو حافظ ڪريم بخش قريشي صاحب ديني عالم ھو ـ سندن والد لعل بخش قريشي پي ايس ٽي ھو ۽ ھيڊ ماستر رھيو آهي ـ سندن نانو الله بخش قريشي عمرڪوٽ ضلعو جي تعلقو پٿورو جو مختيارڪار ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ والدين کي گھرجي ته پنهنجي اولاد جي تعليم سان گڏ تربيت تي به خاص ڌيان ڏين ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم سان ئي سڀ دروازا کلن ٿا ـ تعليم حاصل ڪريو ۽ اڳتي وڌو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل