Profile # 113 Shakir Ali Jatoi (PST - GBPS Jatoi Mohalla, Talhar) شاڪر علي جتوئي

 

محترم جناب سائين شاڪر علي جتوئي صاحب جو جنم 25 ڊسمبر 1994ع تي ضلعو بدين جي شھر تلھار ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ مين بوائز پرائمري اسڪول تلھار مان پنج درجا پاس ڪيا ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول تلھار مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان پري ميڊيڪل ۾ نيشنل اسڪول اينڊ ڪاليج بدين مان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ڪامرس ۾ بي ايس ۽ اقتصاديات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سنڌ لا ڪاليج مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ ھن وقت اڪنامڪس ۽ فائنانس ۾ ماسٽرس جو ماجو ڪراچي جو شاگرد آھي ۽ گڏ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ به جاري آھي ـ

سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 10 نومبر 2022ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جتوئي محلا ، تلھار ۾ مقرر ٿيو ـ سائين جن انڊڪشن ٽريننگ به ڪئي آهي ـ سائين جن نون استادن جي پگھارن جي آء ڊيز کان ويندي ڊفرنس بلن تائين ٻين سان گڏ اڳڀرو رھيو ـ جڏھن ته تلھار جي استادن ۽ اسڪولن جي مسئلن تي ھميشه آواز اٿاريندو رھندو آھي ـ

سائين جن جو والد غلام رضا جتوئي ھڪ شگر مل ۾ مزدور آهي ـ سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين علي خواجه سيڪنڊري ۾ استاد عبدالستار ميمڻ ۽ يونيورسٽي جا بھترين استاد طفيل چانڊيو ، ميڊم فوزيه ٽالپر ۽ خالد حسين عباسي آھن ـ 

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته مون سٺن پئڪيجن واريون نوڪريون ڇڏي تعليم کاتي ۾ انڪري آيس جو سندن دلي خواھش آھي ـ آئون پنھنجي سنڌ ۽ پنھنجي شھر جي تعليم جي بھتري لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪيان ڇو جو بغير سٺي تعليم جي جديد دنيا سان مقابلو نٿو ڪري سگھجي ـ آئون پنھنجي برادري جو پھريون نوجوان آھيان جيڪو اعلي تعليم لا۽ يونيورسٽي پھتس ـ ڪرونا دوران چين ۽ جرمني طرفان ماسٽرس لا۽ اسڪالرشپس پڻ مليون پر وڃي نه سگھيس ـ حالاتن سبب ايف پي ايس سي ۽ ايس پي ايس سي جا ڪافي امتحان پاس ڪيم پر الوڪيشن نه ٿي ۽ انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويس ـ آئون فلاحي ڪمن به اڳيان ھوندو آھيان ـ اسڪول ۾ راندين جي مقابلن جي شروعات ڪندڙ به آھيان ـ آئون ڪرڪيٽ ۽ اسنوڪر جو سٺو رانديگر به آھيان ـ منھنجي ڪوشش آھي ته آئون پنھنجي شھر تلھار جي تعليم لا۽ ڪجھ ڪريان ۽ ڪريئر ڪائونسنلگ به ڪيان ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " ھي دور مقابلي جو آھي ـ وڌ کان وڌ پنھنجون صلاحيتون وڌائڻ ۽ نکارڻ لاء ڪتابن سان گڏ ڊجيٽل پليٽفارمس تان مفيد ناليج سرچ ڪريو ـ مستقبل لاء پنھنجي پاڻ کي تيار ڪريو ـ "

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل