Profile # 117 Kashif Ali Mangrio (PST - GBSS Malir) ڪاشف علي منڱريو
محترم جناب سائين ڪاشف علي منڱريو صاحب جو جنم پھرين جنوري 1995ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ ميوو خان منڱريو تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ محمد شاھ ھاء اسڪول پيروسڻ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، محرابپور مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ھن وقت ايم فل جا شاگرد آهن ـ
سائين جن ٽي سال بينڪ ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ست سال استاد طور مختلف خانگي ادارن ۾ پڙھايو آهي جن ۾ بحريا ڪاليج ڪارساز ، ڪراچي ۾ بطور پنج سال ليڪچرر پڻ رھيا ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 21 نومبر 2022ع تي بطور پي ايس ٽي گورنمنٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ملير ۾ مقرر ٿيا ـ سائين جن گھڻو عرصو سنڌي پڙھائي آهي ۽ ڪجھ وقت انگريزي جو مضمون پڻ پڙھايو آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) گريڊ 17 جي ٽيسٽ پاس ڪئي آھي ۽ تقرري جي انتظار ۾ آهن ـ
سائين جن تنظيمي لحاظ کان سنڌي شاگرد سٿ ۾ ڪراچي يونورسٽي سان سلھاڙيل رھيا ـ سنڌي نوجوانن لاء ڪم ڪيو جيڪي داخلا لاء ايندا ھئا ـ ھن وقت به ملير ۾ استادن جي لاء ڪم ڪري رھيا آهن ـ امتحانن جي ٽيم ۾ شامل رھيا آهن ۽ ڪوآرڊينيٽر پڻ رھي چڪا آھن ـ سندن ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٻه دفعا گولڊ مڊل جو ايواڊ حاصل ڪيو ، بحريا ڪاليج ڪارساز مان بھترين استاد جو ايوارڊ ، بھترين رزلٽ جو ايوارڊ ۽ بھترين ٽيبلو جو ايوارڊ ماڻيو ـ سندن بحث پسند ناھي ۽ گھڻو وقت ڪتابن ۾ گذرندو آھي ـ
سائين جن جو خاندان منڱريا برادري سان تعلق رکي ٿو ـ ٽيھن سالن کان ڪراچي ۾ رھندڙ آھن اڌ فيملي ڪراچي اڌ ڳوٺ ۾ رھندڙ آهي ـ سندن والد غلام سرور منڱريو صاحب پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽئين نمبر تي آھن ـ سندن وڏو چاچو رٽائرڊ پرائمري استاد آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان پنهنجي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته پرائمري جي تعليم پنهنجي چاچي کان حاصل ڪئي جيڪو پاڻ استاد آھي ـ فجر وقت کان اسان کي ٽيبل تي ويھاري ڇڏيندو ھو ـ پڙھائي جي لاء سڀ ڪجھ ڪيائين ـ پرائمري کان ايم فل تائين ھر حوالي کان سپورٽ ڪيائين ـ سڄو خرچ پکو چاچي ڀريو ـ پڙھائي جي وچ ۾ ھڪ جڳھ جاب لاء انٽرويو ڏيڻ ويس اتي مئنيجر چيو بابا فلحال پڙھو مڪمل پڙھائي ختم ڪري اچجو مان نوڪري تي رکندس اوھان کي ـ پوء مان تعليم پوري ڪئي ـ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ زندگي ۾ محنت جو جذبو پيدا ڪيو ـ ھميشه اتساھ پيدا ڪيو ـ ميڊم ساجدھ اسان کي مقصد واري زندگي گذارڻ لاء اسان جي رھنمائي ڪئي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " ھمت نه ھاريو ـ ڪنھن به سبجيڪٽ کي گھٽ نه سمجھو ـ جنھن به مضمون ۾ ماسٽرس ڪيو ان ۾ مھارت حاصل ڪيو ـ ميرٽ تي يقين رکو ـ استادن جو احترام ڪريو ـ جتي سچا ھجو اتي پنھنجو موقف لاء وڙھو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment