Profile # 120 Shabnam Imran Baloch (PST - GGMS Muhammad Hashim Hopang) شبنم عمران بلوچ
محترمه شبنم عمران بلوچ صاحبه جو جنم 15 جنوري 1989ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ مينگھو فقير شر ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ ميڊم صاحبه پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سندس پنهنجي والد استاد ھدايت علي فقير کان حاصل ڪري ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ ڇھين درجي کان مئٽرڪ تائين تعليم سندس ماما ۽ ميرواهه جي نامياري اديب تعليمي ماهر استاد فقير محسن علي وٽ 2004ع ۾ حاصل ڪئي ـ بعد ۾ گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواهه مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس مان 2010ع ۾ انگلش ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ
ميڊم صاحبه 2011ع کان پرائيويٽ اسڪول اينجلس ماڊل اسڪول ٺري ميرواهه ۾ پرنسپال طور ذميواري نڀائي جيڪا سرڪاري استاد ٿيڻ تائين جاري رکي ـ ميڊم صاحبه سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري 25 مئي 2021ع تي پرائمري استاد طور ڀرتي ٿي ـ هن وقت گورنمنٽ گرلز مڊل اسڪول ، محمد هاشم گوپانگ ۾ ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهي آھي ـ
ميڊم صاحبه جو يونيورسٽيءَ خان وٺي نوڪري ملڻ جي سفر جي ڏکيائين ۾ سندس گهر واري فقير عمران شر سندس جو ساٿ ڏنو ـ سندس گهر وارو فقير عمران شر استاد اڳواڻ پڻ آهي جيڪو ميرواهه جي استادن جي وس آهر هر ڪم ڪار ۾ مددگار هوندو آهي ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم ميڊم صاحبه جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment