Profile # 112 Deedar Ali Rind (PST - GBPS Jan Muhammad Khero) ديدار علي رند

 

Profile # 112

محترم جناب سائين ديدار علي رند صاحب جو جنم 3 جون 1995ع تي ضلعو نوابشاھ جي پسماندھ علائقي ڳوٺ غلام حسين رند تعلقو دولتپور ۾ ٿيو ـ سائيـن جـن پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪيا ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ھبيري مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، دوڙ مان 2012ع ۾ پاس ڪيو ـ گھر وارن جي خواھش ھئي ھو ھڪ ڊاڪٽر ٿئي ـ 2013ع ۾ ھن لمس جي ميڊيڪل جي ٽيسٽ ڏني ۽ سليڪشن نه ٿي سگھي پر ھن والدين جو خواب پوري ڪرڻ لاء ھن پنھنجي محنت جاري رکي ـ 2013ع ۾ اسڪالرشپ تحت صحت کاتي ۾ ڊسپينسر جي ڊگري نوابشاھ جي پي ايم سي ھاسپٽل مان حاصل ڪئي ـ ڊاڪٽري جي شعبي ۾ رھي ڪري صبح جو وارڊ ۾ پنھنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندو رھيو ۽ شام جو خانگي جڳھين ۽ مختلف سينٽرن تي ٽيوشن پڙھائڻ شروع ڪئي ـ 2015ع ۾ نرسنگ جي رٽن ڪلئير ڪرڻ کان پوء انٽرويو ۾ فيل ڄاڻايو ويو ـ مالي حالت بھتر نه ھئڻ ڪري نرسنگ جو خواب اڌورو رھجي ويو جيڪو خانگي اداري جون فيسون وڏيون ھئڻ ڪري خانگي طور نرسنگ نه ڪري سگھيا ـ پنھنجي ڪيئرير کي جاري رکندي پاڻ کي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جو ڪافي شوق ھيو ـ سائين جن بي ايس سي جي ڊگري شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ، نوابشاھ مان حاصل ڪئي ـ انگلش ۾ ماسٽرس جي به ڊگري شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ، نوابشاھ مان حاصل ڪئي ـ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن 2018ع ۾ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر جي سيٽ لاء رٽن پاس ڪيو پر پئسو ۽ سفارش نه ھجڻ ڪري انٽرويو ۾ فيل ڄاڻايو ويو ـ ھڪ چائنا ڪمپني ۾ رجسٽرڊ اين جي او جي آفر آئي ھيلٿ ڊپارٽمنٽ طرفـان ڊسپينسر جي سيٽ لاء پر جوائن نه ڪئي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ تعليم کاتي ۾ آرڊر مليو ـ سائين جن سنڌ جن آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ سندن 16 ڊسمبر 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، جان محمد کيڙو ، يوسي ھبيري ، تعلقو دولتپور ۾ ٿي ـ

سائين جن جو والد غلام حسين رند ھڪ ھاري آهي ـ سندس خاندان مذھبي ۽ مسڪين گھراڻي سان تعلق رکندڙ آھي ـ سندس والد جيڪو پاڻ ھڪ شاعر ، سگھڙ ، اديـب ۽ لطيف جا پارکو به آھن ۽ عاشق لطيف به آھن ـ

سائين جن جو پسنديده شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ بابا بلھي شاھ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجھ جا قول آھن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اسان جي نوجوان کي گهرجي ته صرف ڇھ مهينا الوپ ٿي وڃو ، غائب ٿي وڃو ـ پنهنجي اسڪلز تي ڪم ڪيو ، ڇڏيو سوشل لائيف ، هوٽلن تي چانهيون ۽ فيسبُڪي دوستيون ـ صرف ڇھ مهينا ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ۽ نوڪري لاءِ ميدان ۾ لهو ، ڪاميابي اڻٽر آهي! ڪاميابي وڏن ماڻهن جي ملڪيت ناهي ـ ڪاميابي انهن ماڻهن جي مٿي جو تاج آهي ، جيڪي محنت ۽ الله ســائين تي يقين رکندا آهن...!"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل