Profile # 116 Ali Rafique Abro (PST - GBPS Khandu 1) علي رفيق ابڙو
محترم جناب سائين علي رفيق ابڙو صاحب جو جنم 4 فيبروري 1999ع تي ضلعو قمبر شھدادڪوٽ جي شھر وارھ ۾ ٿيو ـ سائين جن البدر پبلڪ اسڪول وارھ مان اٺ درجا پاس ڪيا ـ 2014ع ۾ سچل سرمست اسڪول وارھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ 2016ع ۾ گورنمنٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ، وارھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يويورسٽي ، ڄامشورو مان 2021ع حيوانيات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ھن وقت ايم فل جا شاگرد آهن ـ
سائين جن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات مختلف خانگي ادارن ۾ درس تدريس سان ڪئي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 28 اپريل 2021ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول کنڊو ون ۾ بطور پي ايس ٽي مقرر ٿيا ـ سائين جن حيوانيات ۽ نباتات جا مضمون پڙھايا آهن ـ
سائين جن سماجي ۽ ادبي تنظيمن جھڙوڪ سجاڳ ٻار تحريڪ ، سنڌي شاگرد تحريڪ ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ تمام گھڻا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن ملازمت کان علاوھ ڪتاب پڙهڻ ۽ راند روند ۾ پنهنجو وقت گذاريندا آهن ـ سائين جن سي پي ڊي جي تربيت حاصل ڪئي آهي ـ سندن پسنديدھ شخصيتون رسول بخش پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو آهن ـ سندن بھترين استادن ۾ علي اڪبر ابڙو ، منصور ابڙو ۽ نادر علي شاھ آهن ـ سائين جن کي ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ بعد پروفيسر منصور ابڙو صاحب درس تدريس جي دنيا ۾ پير پائڻ جي صلاح ڏني ـ
سائين جن جو ڏاڏو هاري هو ، هارپو ڪندو هو ـ سندن خاندان تمام گهڻو غريب هو ـ سندن والد محمد رفيق ابڙو صاحب تعليم کاتي ۾ هيڊ ماستر رھيو آهي ـ سائين جن ڇھن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آھن ـ سندن چاچو ۽ مامو استاد آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته تعليم سان ئي قومن جو مستقبل جڙيل آهي ـ تعليم ئي جهالت جي در کي بند ڪري ٿي ـ علم ئي سمجھ عطا ڪري ٿو ـ علم کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي ـ تعليم سان سماج ۾ شعور اچي ٿو ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment