Profile # 130 Shoukat Ali Qureshi (HM - GBHS Amri) شوڪت علي قريشي

 

محترم جناب سائين شوڪت علي قريشي صاحب جو جنم 4 نومبر 1968ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ نئين سونھري لڳ آمري تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ نئين سونھري جي پرائمري اسڪول مان پرائي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آمري مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، دادو مان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي سيڪنڊ ڪلاس ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس فرسٽ ڪلاس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام اباد مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ

سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 5 آگسٽ 1989ع تي بطور جي ايس ٽي گورنمنٽ مڊل اسڪول موندر ۾ ڀرتي ٿيا ـ سندن 13 آڪٽوبر 1993ع تي سائنس ٽيچر ۾ ترقي ملي ـ سائين جن بطور استاد آمري ، موندر ۽ مانجھند جي اسڪولز ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سندن 20 ڊسمبر 2017ع تي گزيٽيڊ ھيڊ ماستر طور ترقي ملي جنھن دوران سائين جن کي تعلقو مانجھند جي ٽي اي او ميل جي 13 مارچ 2018ع کان 20 نومبر 2021ع تائين ايڊيشنل چارج پڻ ملي ـ سندن 12 آگسٽ 2023ع تي گريڊ-18 ۾ ترقي ملي ۽ سائين جن ھن وقت گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آمري ۾ بطور ھيڊ ماستر پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن طبيعات ، ڪيميا ۽ حياتيات جا مضمون پڙھايا آهن ۽ نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

سائين جن سنڌ جي استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي ضلعو ڄامشورو جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ۽ گواز جا جوائنٽ سيڪريٽري ضلع ڄامشورو رھيا آهن ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ کوڙ ساريون ٽريننگز ڪيون آهن ۽ مختلف ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر کانسواِ ٽي او ٽي پڻ رھيا آھن جن ۾ ايل ايس بي اي جي ٽريننگ ، بي بي ايس واء ڊي پي جي ٽريننگ ۽ آء آر سي خيرپور ميرس شامل آهن ـ سائين جن کي کوڙ سارا بيسٽ ٽيچر ايوارڊ توڙي بيسٽ ھيڊ ٽيچر ايوارڊ ۽ بيسٽ ماسٽر ٽرينر ايوارڊ مليا آهن ۽ ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن ٽريننگ اسلام آباد ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ مليو آهي ـ سائين جن پارٽ ٽائيم ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جا ٽيوٽر آهن ۽ پارٽ ٽائيم ڪوآرڊيٽر ھجڻ جي ڪري سوين شاگردن خاص طور نياڻين جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رھندا آهن ـ گھر ۾ ڪڪنگ ۾ به مدد ڪندا آهن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ ميان بخش رند ، مٺو خان رند ، جمال دين ڀچو ، غلام نبي قريشي ، عبدالعليم اوٺو ، قادر بخش پنوھر ، نور احمد لنڊ ، استاد بخاري ۽ خليل الله قريشي شامل آهن ـ سائين جن کي ڪوڙ ۽ منافقت کان نفرت آهي ـ سندن چوڻ مطابق جن سان به تعلق رھيو آهي اھي سمورا دوست بھترين آهن ـ

سائين جن جي خاندان کي مسجد ۾ قرآن پاڪ جو درس ۽ پيش امام جي ڪري آخوند جو لقب مليل آهي ـ سندن والد امام بخش قريشي پاڪستان ريلويز ۾ ملازم ھو ـ سائين جن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن کوڙ سارا مائٽ سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين توڙي ڪاروبار سان منسلق آهن ـ سندن ٻه نوجوان  سئوٽ سنڌ پوليس ۾ شھادت ماڻيندڙ آهن ـ سندن ھڪ ڀاء ڊاڪٽر آهي ۽ ٻين جو ذاتي ڪاروبار آهي ـ سندن اولاد ۾ چار نياڻيون ۽ چار فرزند آهن ـ سندن وڏي ۾ وڏو فرزند جي گريجوئيشن ٿيل آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم حاصل ڪريو ـ ٿوري تڪليف برداشت ڪرڻ کان پوء تمام گھڻا فائدا ملندا ۽ زندگي خوشگوار رھندي ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل