Profile # 115 Farhad Niaz Memon (JEST - GBLSS Kandhra) فرھاد نياز ميمڻ
محترم جناب سائين فرهاد نياز ميمڻ صاحب جو جنم 28 اپريل 1998ع تي ضلعو سجاول جي ڳوٺ لاکا تعلقو ميرپور بٺورو ۾ ٿيو ـ سائين جن سيمن گرامر هاءِ اسڪول دڙو مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ـ دي ليڊز ڪاليج ، حيدرآباد مان 2015ع ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو ـ 2015ع ۾ سر ادريس ڀٽو جي اڪيڊمي سن لائيٽ انگلش اڪيڊمي مان پري بيسڪ ليول ۾ پھرين پوزيشن ماڻي ـ ان کانپوءِ بيسڪ ۽ فرسٽ ليول پڻ پاس ڪيون ـ 2016ع ۾ گيڪسٽن سينٽر آٽوڀان ، حيدرآباد مان ٽن مھينن جو ايم ايس آفيس جو ڪورس ڪيو ـ 2018ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٺٽو ڪيمپس مان ڪامرس ۾ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيو ـ 2017ع کان ايسپائرنٽس اڪيڊمي لطيف آباد ۾ سر سيد عمار حسين رضوي وٽ سول سروسز جي تياري شروع ڪئي ـ 2021ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان آء آر ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ 2023ع ۾ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ ان کان علاوه اڙدو ۾ ماسٽرس پڻ ڪري رهيا آهن ـ
2018-19ع کان وٺي مسلسل ٽيسٽون ڏنيون جنھن ۾ ڪسٽمس اپريزنگ اينڊ ويليوايشن 2021ع ۾ پي سي ايس شامل آهن ـ 2021ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ پاس ٿي پھريان پي ايس ٽي طور 27 آڪٽوبر 2022ع تي مقرر ٿيا ۽ ھاڻي جي اي ايس ٽي طور 2 آگسٽ 2023ع کان گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ڪانڌڙا ۾ مقرر ٿيا ـ
سائين جن آء بي اي سکر طرفان گريجوئيشن ڪيٽيگري جي ٽيسٽ به پاس ڪئي آهي ـ سندن ڪرڪيٽ جو تمام گھڻو شوقين آھي ۽ گهمڻ ڦرڻ تفريحي مقامن تي تمام گھڻو پسند آهي ـ پسنديده شخصيتن ۾ مذهبي شخصيت مولانا طارق جميل ، علامه سيد علي رضا رضوي ، علامہ سيد شهنشاھ حسين نقوي صاحب ۽ سيد نديم سرور صاحب شامل آهن ـ
سائين جن جو والد نياز احمد ميمڻ صاحب تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي طور مقرر ٿيو ۽ ترقيون ماڻي ايڇ ايس ٽي ، سپروائيزر ، اي ڊي اي او ۽ ھن وقت سينئر هيڊ ماستر گريڊ 18 ۾ فرض نڀائي رھيو آهي ـ سندن والدھ به تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽئين نمبر تي آھي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياريو خاص طور تي نياڻين کي ﮀﻮ ته هڪ مرد پڙهندو ته اُهو پڙهندو ۽ سڌرندو پر ھڪ عورت پڙهندي ته پوري نسل پڙهندي ۽ سڌرندي ـ چيڪ اينڊ بيلنس رکو ـ هاڻي گورنمنٽ ادارا ڪافي بهتر ٿيا آهن ان ڪري پنهنجا ٻار آس پاس سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ـ
سنڌ مان ڪاپي ڪلچر ختم ٿيڻ کپي ـ گورنمنٽ کي گهُرجي ته اسڪولن ۾ تعليم لاء بُنيادي سهولتون مهيا ڪري ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment