Profile # 114 Ali Nawaz Gaho (PST - GBPS Yousuf Panhwar) علي نواز ڳاھو
محترم جناب سائين علي نواز ڳاھو صاحب جو جنم 13 آگسٽ 1992ع تي ضلعو بدين جي تعلقو ٽنڊي باگو جي ڳوٺ صديق ڳاھو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام محمد ڪمبوھ مان پنج درجا پاس ڪيا ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ولـي محمد ملڪاڻي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان پري انجنيئرنگ ۾ نيشنل اسڪول اينڊ ڪاليج بدين مان پاس ڪيو ـ قائد عوام يونيورسٽي مان ماحوليات ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن گريجويشن ڊگري مڪمل ڪرڻ کان پوء ٿر ڪول بلاڪ ون ۾ بطور ھيلٿ سيفٽي آفيسر ٻـه سال ڪم ڪيو ـ ان کان پوء سيف ۾ بطور ھيڊ ماستر ڪم ڪيو ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 17 نومبر 2022ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول يوسـف پـنھور ۾ مقرر ٿيو ـ سائين جن انڊڪشن ٽريننگ به ڪئي آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن کي پيغام ڏنو ته علم حاصل ڪريو پينھگي کان قبـر تائين ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment