Profile # 127 Rafique Ahmed Mandan (JEST - GBHS Mandan) رفيق احمد مانڊڻ
محترم جناب سائين رفيق احمد مانڊڻ صاحب جو جنم 8 مئي 1988ع تي ضلعو خيرپورميرس جي ڳوٺ مانڊڻ ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سائين جن پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، گُلشير مانڊڻ مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، مانڊڻ جيڪو ان وقت ايليمينٽري اسڪول ھو ان اسڪول مان اٺ درجا ۽ 2001ع ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ٺري ميرواھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان انٽر جو امتحان پري ميڊيڪل ۾ ۽ 2011ع ۾ بي ايس سي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي ـ 2009ع ۾ گورنمنٽ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان ڪيميڪل ٽيڪنالوجي ۾ ڊي اي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 2014ع ۾ آرڪروما جي سيٽ پلانٽ ، ڄامشورو ۾ اپرنٽس شپ پڻ ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس مان سنڌي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس مان ئي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات خانگي اسڪولز ۾ پڙھائڻ کان ڪئي جن ۾ فاطمه پبلڪ ھاء اسڪول ، مسلم پبلڪ اسڪول ۽ بسم الله پبلڪ اسڪول شامل آهن ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 2013ع واري اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 69 مارڪون کڻي پاس ٿيڻ باوجود رھجي ويا ڇو ته سندن يوسي ۾ سيٽون تمام گھٽ ھيون ـ سائين جن 2020ع ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪُنب ۾ معذور ڪوٽا تي چوڪيدار طور ھاير ٿيا سندن ھڪ ھٿ بند نه ٿيندو آهي ۽ سندن شناختي ڪارڊ تي معذور ماڻهن جو لوگو لڳل آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ 2022ع واري آء بي اي سکر جي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون ٽيسٽون پاس ڪيون ۽ 24 مئي 2022ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڊيڊاڻو ۾ پي ايس ٽي طور مقرر ٿيا ـ سائين جن پھرين جنوري 2023ع تي جي اي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول مانڊڻ ۾ مقرر ٿيا جتان سائين جن اٺ درجا پاس ڪيا ھئا ـ سائين جن ان اسڪول ۾ بطور اِنچارج ھيڊ ماستر پنهنجا فرض بھترين نموني نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن ايس پي ايس سي ذريعي 2023ع ۾ ليڪچرر سنڌي جي رِٽن ٽيسٽ پاس ڪئي پر انٽرويو ۾ رهجي ويا پر محنت جاري رکي نيٺ 2023ع ۾ ئي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي BPS-17 جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي ۽ تقرري جي انتظار ۾ آهن ـ سائين جن حياتيات ، ابتدائي سائنس ، اڙدو ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن پنھنجي تعليمي سفر جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ پرائمري ۾ استاد اختر حسين جي محنت شامل ھئي ۽ مڊل ۾ استاد مُحڪم الدين مانڊڻ (ايڇ ايس ٽي - گورنمنٽ ماڊل ھاء اسڪول ٺري ميرواھ) ۽ منظور حسين جي محنت سان علم جي سفر کي جاري رکيو ـ جڏھن ھاء اسڪول ۾ داخل ٿيس ته منهنجي غريب ۽ ھاري پئ منهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاء روز پنج ڪلو کير کپائڻ لاء مون کي ڏيندو ھو جيڪو آئون گھر کان روز ٺري ميرواھ ھاء اسڪول تائين ست ڪلو ميٽر پنڌ سفر ڪري اھو کپائي پوء اسڪول ويندو ھوس ـ منهنجي ماء چوڪيدار جي نوڪري ڪرڻ جي حق ۾ نه ھئي ـ منهنجي ماء بيماري جي بستري تي مون کي چيو ھو ته اھا نوڪري تنهنجي ڀاڳ کلڻ جو ھڪ دروازو ٿي سگھي ٿي پر تون جلد آفيسر ٿيندين ـ منھنجي ماء جي دعا مون سان ان جي وفات کانپوء به گڏ رھي ـ اِنشاء الله چوڪيدار کان گزيٽيڊ آفيسر ٿيڻ جو منهنجو خواب جلد ساڀيان ماڻيندو ـ
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment