Profile # 121 Faqeer Adab Hussain Hisbani (PST - GHSS Khuda Bux Hisbani) فقير ادب حسين ھيسباڻي
محترم جناب سائين فقير ادب حسين هيسباڻي صاحب جو جنم 16 جنوري 1990ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ خدا بخش ھيسباڻي نزد ڪرونڊي ، تعلقو فيض گنج ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول حيسب علي هيسباڻي مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هائر سيڪنڊري اسڪول خدا بخش ھيسباڻي مان 2005ع ۾ پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان پري۔ميڊيڪل ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ڪرونڊي مان 2007ع ۾ پاس ڪيو ـ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان 2009ع ۾ گريجوئيشن ۽ 2014ع ۾ فارميسي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان ئي 2016ع ۾ بي ايڊ 2017ع ۾ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن ٽريني فارماسسٽ طور ڪي ايم سي سول هاسپيٽل خيرپور ۾ انڊسٽريل فرماسسٽ طور ايگزيڪيوٽو آفيسر فارميوو فارماسيٽيڪل ڪراچي ۾ ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري پنھنجي يوسي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 29 ڊسمبر 2014ع تي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نهال خان بالادي ۾ بطور پرائمري استاد مقرر ٿيا ۽ اتان 2019ع ۾ بدلي ٿي گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، خدا بخش ھيسباڻي ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آهن ـ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هڪ پرائمري استاد سڀئي مضمون پڙهائڻ جو ماهر هوندو آهي ڇو جو ڪافي پرائمري اسڪولن ۾ هڪ استاد مقرر هوندو آهي ته سڀ مضمون پڙھائڻا پون ٿا ۔ پر سائين جن جيڪي مضمون شوق سان پڙهايا آهن انهن ۾ سنڌي ، انگريزي ، ابتدائي سائنس ۽ سماجي اڀياس شامل آهن ۔ پرائمري استاد هجڻ جي ناتي سان چوٿين ۽ پنجين ڪلاسن جا ڪلاس ٽيچر رهيا آهن ـ
سائين جن شاگردي واري زماني ۾ مذهبي شاگرد تنظيم امامي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن لطيف يونيورسٽي جا جنرل سيڪريٽري رهيا ـ سپاف لطيف يونيورسٽي جا آرگنائيزر رهيا ۽ ان تسلسل ۽ خدمت جي جذبي کي قائم رکندي پرائمري استاد تنظيم جو حصو بڻيا ۽ پهريون دفعو ئي اليڪش کٽي پ۔ٽ-الف تعلقو فيض گنج جا انفارميشن سيڪريٽري چونڊجي آيا ۽ ھن وقت به پ۔ٽ۔الف تعلقو فيض گنج جا انفارميشن سيڪريٽري آهن ـ سائين جن استادن جي ڀلائي جا ڪم ڪندا رهندا آهن ۽ ان کان علاوه پنهنجا زمين جا ڪجھ ٻارا آھن سو زمين جو ڪم به پاڻ ڪندا آهن ۔
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي پسند جي باري ۾ ٻڌايو ته منهنجي لاء سڀئي استاد قابل احترام آھن جن مونکي سيکاريو ۽ پڙهايو پر بهترين استادن ۾ منهنجو والد صاحب زوار هادي بخش هيسباڻي آھي ـ بابا سائين پيشي سان استاد ته نه هئا پر انهن مونکي زندگي جا ڏاڍا سٺا ۽ اونها سبق پڙهايا ـ پرائمري ۾ منهنجو بهترين استاد محمد حيات بالادي صاحب ، هاء اسڪول ۾ سائين علي نواز کنڊ ، ڪاليج ۾ پروفيسر علي حسن راڄپر ۽ پروفيسر غلام مصطفی رتڙ ۽ يونيورسٽي ۾ پروفيسر اياز انڙ ، ميڊم شاهده ملاح ، پروفيسر غلام قادر شر ۽ پروفيسر مير محمد علي ٽالپر شامل آهن ۔ مونکي پسند آهي انصاف ۽ بنا فرق جي ضرورتمند جي مدد ڪرڻ ۽ نا انصافي مون کان ڪڏهن به برداشت ناهي ٿيندي ـ هر اهو شخص جيڪو انصاف ۽ حق جو پيروڪار آهي اهو منهنجي پسنديده شخصيت آهي ۽ جيڪو ناحق ظلم ۽ نا انصافي جو پيروڪار آھي اهو منهنجو ناپسنديده شخص آھي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي مان شاگردي واري زماني جو ھڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن اسان فارم۔ڊي فارميسي جي آخري سال ۾ هئاسين ته پاڪستان فارميسي ڪائونسل جو وفد اسان جو فارميسي ڊپارٽمنٽ وزٽ ڪرڻ لاء آيو ـ جڏهن اهو وفد اسان جي ڪلاس ۾ آيو ته انهن اسان کان سوال پڇڻ شروع ڪيا ـ پريزنٽيشن پڻ ورتي ـ ان وفد ۾ شامل پاڪستان فارميسي ڪائونسل جي سيڪريٽري مون کي سڏ ڪيو ته اڳتي اچي پريزنٽيشن ڏيو ـ جنهن تي اسان جي ڊپارٽمنٽ جي چيئرمين ۽ ٽيچرس جي چهرن تي مايوسي ڇانئجي وئي ڇو جو آئون شاگرد سياست سبب اسٽڊي ۽ ڪلاس کي گھٽ ٽائيم ڏيندو هئس ته انهن سمجھيو هي پريزنٽيشن ڪونه ڏئي سگھندو ـ جڏهن آء ڪلاس ۾ رکيل ڊائيس تي پريزنٽيشن ڏيڻ لاء آيس ته اسان جو چيئرمين ۽ ٽيچرس پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا ته اڄ اسان جي ساک متاثر ٿيندي ـ جيڪا ڳالھ چيئرمين صاحب سان بعد ۾ ٿيل ملاقت ۾ سائين پاڻ ئي ٻڌائي هئي ـ مطلب انهن جو منهنجي پريزنٽيشن ڏي ڪو ڌيان ئي ڪونه هو بحرحال مون پريزنٽيشن شروع ڪئي ۽ اڃان ٻه کان ٽي منٽ گذريا هئا ته اسان جي يونيورسٽي جي وي۔سي ۽ ڪائونسل جي سيڪريٽري تاڙيون وڄائي مون کي داد ڏنو ته چيئرمين خوشي ۾ نه پئي ماپيو ۔ جنهن تي ان وقت جي وي۔سي صاحبه ميڊم پروين شاھ مونکي ٽي پارٽي تي مدعو ڪيو ۽ مونکي همٿايو۔ مان ان وقت ڏاڍو خوش ٿيس جو منهنجي ڪري يونيورسٽي ۽ ڊپارٽمينٽ جو ڳاٽ اوچو ٿيو ۔
سائين جن تعليم کاتي ۾ کوڙ ساريون تربيتون حاصل ڪيون آهن ۽ تعليم کاتي طرفان مليل ذميوارين کي بھترين طرقي سان نڀايو آهي ـ سائين جن جيڪي تربيتون ۽ ذميواريون نڀايون آهن تن ۾ انڊڪشن ٽريننگ آر ايس يو ۽ سيلڊم جي طرفان 2015ع ۾ اي پي او جي ٽريننگ اي سي پي جي ٽريننگ جي طرفان 2018ع ۾ شامل آهن ـ سندن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪرونڊي ۾ شاگردي واري زماني ۾ بيسٽ اسٽوڊنٽ آف دي ڪاليج جو ايوارڊ حاصل ڪيو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خاندان جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته اسان جو خاندان پاڪستان کان اڳ تعليم ۽ سياست سان وابسته رهيو آھي ـ منهنجو ڏاڏو استاد فقير نواب الدين هيسباڻي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان سنڌي فائنل جي ڊگري حاصل ڪري استاد مقرر ٿيو ۽ سندس جا شاگرد وڏن عهدن تي رهيا آهن ۔ مان به ان جي پيروي ڪندي استاد ٿيو آهيان ـ منهنجو والد زوار هادي بخش ھيسباڻي پاڪستان آرمي ۾ رٽائرڊ نائب صوبيدار آهي ـ منهنجو ماما سائين فقير سبز علي هيسباڻي مزدور ليڊر هو جيڪو پيپلز ليبر يونين سي۔بي۔اي پورٽ قاسم جو ٽي ڀيرا صدر پڻ رهيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ويجھو ساٿي هو ۔ اسان ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون آھيون ۽ مان سڀني کان ننڍو آھيان ـ منهنجو وڏو ڀاء ايڊووڪيٽ فقير ذوالفقار علي هيسباڻي ھاء ڪورٽ جا وڪيل آهن ۽ هن وقت ڪراچي ۾ وڪالت جا فرائض انجام ڏئي رهيا آهن ۔
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته تعليم اهو زيور آهي جيڪو پائڻ سان نه بلڪه ڪردار ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۔ جديد دئور آھي سو پراڻن ۽ قديم زماني جي طريقن کي ڇڏي ڪري پنهجون صلاحيتون استعمال ڪري ٻارن کي جديد ۽ نت نون طريقن سان تعليم جي زيور سان نوازيو ۔ والدين کي چوندس ته استادن سان سهڪار ڪريو ۽ پنهنجي ٻارن کان اسڪول ۾ ٿيندڙ روزانه جي ڪارڪردگي بابت پڇن ۔
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " وڏيرن ۽ سياستدانن جي چنبي مان پاڻ کي آزاد ڪرايو ۔ اهي توهان جي ترقي ۽ شعور ۽ ڪاميابي جا اصل دشمن آهن ۔ اهو سڀ ڪجھ تڏهن ممڪن آھي جڏهن توهان تعليم جي طرف ايندا تعليم نسلن جي ترقي جي ضمانت آھي ۔"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment