Profile # 110 Ameer Ahmed Lund (PST - GBPS Ghulam Muhammad Chhajro) امير احمد لُنڊ
محترم جناب سائين امير احمد لُنڊ صاحب جو جنم 2 جنوري 1997ع تي ضلعو بـدين جي ڳوٺ سائينداد لُنڊ تعلقو ٽنڊو باگو ۾ ٿيو ـ سائين جن پنھنجي اِبتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سائينداد لُنڊ مان پرائي ـ گورنمنٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ، پنگريو مان مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ گريجوئيشن جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان حاصل ڪئي ـ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دؤر کي مد نظر رکندي سائين جن آء ٽي ۾ ڊپلوما جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو ـ
سائين جن پنھنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء سال 2021ع ۾ سيف جي اسڪول ۾ اُستاد طور ڪم ڪيو ـ سائين جن هميشه سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ اڳڀرو رهيو آهي ۽ آخرڪار سال 22-2021ع ۾ تعليم کاتي ذريعي آئي بي اي سکر جي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ حصو ورتائين ۽ 17 نومبر 2022ع ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام محمد ڇڄڙو ۾ بطور پرائمري اُستاد مقرر ٿياـ
سائين جن جا بھترين دوست سندس ماسات عبدالخالق لُنڊ ۽ سائين حبيب لُنڊ آهن ـ سندن بھترين اُستادن ۾ سندس والد نور محمد لُنڊ جيڪو سائين جن جو پرائمري اُستاد به آھي جنهن اُنھن کي پھريون اکر لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو جيڪو نہ صرف اُستاد پر صحيح رستو ڏيکاريندڙ هڪ بهترين دوست ۽ ساٿي پڻ آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ تعليم سکڻ ۽ سيکارڻ وارو هڪ بهترين عمل آهي جيڪو انسان جي شخصيت ۽ انجي ڪردار کي سنواري ٿو ـ بغير تعليم جي انسان ، جانور کان بہ بدتر ٿي سگهي ٿو ، ڇو تہ جانور بہ ڪنهن نہ ڪنهن طريقي سان سکڻ واري عمل کان گذري ٿو ـ تعليم جي بهتري تي سائين جن چيو تہ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ طويل سفر جيان آهي ۽ بهترين يادُن واري سفر لاء بهترين سهولتن جي موجودگي ضروري آهي ـ اُنھن جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ ٻار جي لاء گهر کان ٻاهر جي دنيا ۾ اُن جو پھريون آئيڊيل اُن جو اُستاد هوندو آهي ـ هر ٻار پنهنجي اُستاد جي شخصيت ۽ ڪردار مان ئي گهڻو ڪجھ سکندو آهي ـ تنهن ڪري اُستاد کي پاڻ محتاط رھڻ گهرجي ڇو تہ ٻار جي شخصيت ۽ ڪردار جي بنياد اُن جو اُستاد آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " توھان ئي مستقبل جا معمار آهيو! توھان جي اڄ جي ڪيل محنت ، نہ صرف توھان جي پر هن قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿي!"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment