Profile # 109 Yousif Jameel Laghari (JEST - GBELS Haji Muhammad Ishaque Laghari) يوسف جميل لغاري
محترم جناب سائين يوسف جميل لغاري صاحب جو جنم پھرين جنوري 1994ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ حاجي محمد اسحٰق لغاري ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ حاجي محمد اسحٰق لغاري ۾ قائم اسڪول مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ 2009ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاءَ اسڪول ، ٺري ميرواھ مان ۽ انٽر 2011ع ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان گريجوئيشن ۽ اڙدو ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري 2018ع ۾ پاس ڪيائين ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ پھرين جنوري 2020ع تي جي اي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول حاجي محمد اسحٰق لغاري ۾ مقرر ٿيا جتان سائين جن شروعاتي تعليم پرائي ھئي ـ سائين جن سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي ـ سندس ڪتابن کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون شايع ٿيل آهن ـ سندن ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هو ـ پاڻ بطور سماجي اڳواڻ ، ليکڪ ۽ استاد پنهنجي صلاحيتن کي درست استعمال ڪري رهيا آهن ـ هن ڪ...