Profile # 92 Nawaz Ali Rind (PST - GBPS Jagan Khan Khoso) نواز علي رند

 

محترم جناب سائين نواز علي رند صاحب جو جنم 15 اپريل 1997ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ غلام محمد رند ، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪلري مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سن مان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس  جيوگرافي جي ڊگري حاصل ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن 2018ع ۾ پوليس کاتي ۾ فزيڪل رٽن انٽرويو ڪلئير ڪرڻ کان پوء جوائن نه ڪئي ـ ان کان پوء 2018ع ۾ ايس پي ايس سي وسيلي اي ايس آء لاء فزيڪل رٽن پاس ڪئي پر پئسو ۽ سفارش نه ھجڻ جي ڪري انٽرويو ۾ فيل ڪيو ويو ـ 2018ع ۾ ايف پي ايس سي وسيلي اسلام آباد پوليس ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ لا فزيڪل رٽن ڪلئير ڪئي پر انٽرويو ۾ فيل ٿي پيا ـ 2021ع ۾ سنڌ پوليس کاتي ۾ وري فزيڪل رٽن انٽرويو پاس ڪيو آفر آرڊر به مليو پر جوائن نه ڪئي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ تعليم کاتي ۾ آرڊر مليو ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ سندن 26 مئي 2022ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، جاڳڻ خان کوسو ، يوسي شالماڻي ، تعلقو مانجھند ۾ ٿي ـ ھن وقت سائين جن پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي امتحان سي ايس ايس جي پڻ تياري ڪري  رھيا آھن ـ

سائين جن جا پسنديده  موضوع سياست ، تاريخ ، سنڌي ادب آهن ـ سندن پسنديدھ ليکڪ عبدالواحد آريسر ۽ محمد عثمان ڏيپلائي آهن ـ پسنديده شاعر شاھ عبدللطيف ڀٽائي ۽ نئي ٽھي مان ايوب کوسو آهن ـ سندن ابا ڏاڏا هارپو ڪندا هئا ۽ مال چاريندا ھئا ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز  جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن لاء ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " اسان جي نوجوان کي گهرجي ته مختلف اسڪلز ۾ مهارت حاصل ڪن ـ مطالعو شوق سان ڪن ـ تاريخ ، فلسفو ، ادب جو خاص مطالعو ڪرڻ گهرجي ـ ڪردار ۾ محبت ، عاجزي ۽ انڪساري رکن ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل