Profile # 96 Faqeer Imran Shar (PST - GBPS Haji Sanghar Khan Shar) فقير عمران شر
محترم جناب سائين فقير عمران شر صاحب جو جنم 28 آگسٽ 1991ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ مينگهو فقير شر ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتي ـ مئٽرڪ 2007ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان انٽر پاس ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سندن 29 ڊسمبر 2014ع تي اپائنٽمينٽ پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، دٻي ۾ ٿي ـ سائين جن هن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، حاجي سنگهار خان شر ۾ تمام بھترين نموني بطور انچارج هيڊ ماستر پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن انگريزي ، سنڌي ۽ رياضي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري مان سائين علم دين فقير شر سيڪنڊري مان سندن والد سائين فقير محسن علي شر جيڪي ان وقت هيڊ ماستر هئا ۽ رياضي جو استاد سائين جمال دين جيڪو هن وقت گسٽا تعلقو ٺري ميرواھ جو صدر آھي ، ان سان گڏ سائين قلب علي شر ۽ سائين نادر علي لغاري ، يونيورسٽي مان سائين اختيار علي گھمرو ، سائين امير حسين ، سائين سيد ذيشان شاھ ۽ سائين علي حسن هاليپوٽو شامل آهن ـ
سائين جن جو خاندان فقير خاندان سان تعلق رکي ٿو ـ سائين جن جو خاندان حضرت فقير غلام حيدر گودڙيو جي پنجين پيڙهي آهن ـ سندن ڏاڏا سائين حضرت فقير رحيم داد شر استاد هئا ۽ سندن والد سائين فقير محسن علي شر ڳوٺ جي ھاء اسڪول جا هيڊ ماستر هئا ـ سائين جن ڀائرن ۾ آخري نمبر آهن ـ سندن ڪافي مائٽ ، سئوٽ ، ويجھا عزيز سرڪاري ملازمتن ۾ وڏن عهدن تي آھن ـ
سائين جن پنهنجو وقت سماجي ڪم ڪار ۾ به گذاريندا آهن ـ سندن سچائي ۽ همدردي سان پيار آهي ـ سندن ناجائزي بلڪل پسند ناهي نه ڪنهن سان ڪندا آهن نه ڪنهن جي برداشت ڪندا آهن پر اڪثر در گذر ئي ڪري ويندا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " عام پيغام اھو آهي ته ملڪ سان سچائي ڪيو ـ انفرادي سوچ کي ڇڏي اجتماعي سوچ طرف وڌو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment