Profile # 108 Junaid Ali Shaikh (PST - GBPS Chhano Shahabad) جنيد علي شيخ

 

محترم جناب سائين جنيد علي شيخ صاحب جو جنم 31 مئي 1994ع ۾ ضلعو دادُو جي تعلقي دادُو جي ڇاڻو شاھ آباد ڪالوني ۾ ٿيو ـ سائين جن پنھنجي ابتدائي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڇاڻو شاھ آباد مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، هائوسنگ سوسائيٽي دادُو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ اُستاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادُو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ گريجوئيشن ۽ اقتصاديات ۾ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان حاصل ڪئي ـ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دؤر کي مد نظر رکندي سائين جن آء ٽي ۾ ڊپلوما ۽ ڪنٽينٽ رائٽنگ جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو ـ

سائين جن پنھنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء سال 2016ع ۾ هڪ اين جي او ۾ ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پنھنجي محنت ۽ قابليت سان هڪ انٽرنيشنل ڪنسلٽنگ فرم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو پڻ ماڻي ورتائين ، جتي هُو پنھنجي محنت ۽ لگن سان ٽرينر تائين جي عهدي تي پھتو ـ مختلف سوشل سيڪٽرن ۾ ڪم ڪندي هن گھڻيون ئي تربيتون حاصل ڪيون ـ پرائمري استاد ٿيڻ کان پھريان سائين جن خانگي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ سبب گهڻو وقت اسلام آباد ، لاهور ۽ ڪراچي ۾ رهيو ـ پر اُن باوجود ، سائين جن هميشه کان پنھنجي مٽي ۽ ماروئڙن جي ويجهو رهيو آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو هُو هميشه سماجي ڪمن ۾ اڳيان رهيو آهي ـ

ڪرونا جي وبا وقت جڏهن هرڪو بيروزگاري جي ور چڙهي چڪو هو تہ اُن وقت بہ سائين جن بيروزگار سفيد پوش ماڻهن ڏانهن راشن پهچائڻ جي ڪمن ۾ رُڌل هيو ـ جڏهن 2022ع ۾ ٻوڏ آئي تہ اُن وقت بہ سائين جن راشن تقسيم ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪرڻ جھڙيون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو هو ـ

سائين جن هميشه سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ اڳڀرو رهيو آهي ۽ آخرڪار سال 22-2021ع ۾ تعليم کاتي ذريعي آئي بي اي سکر جي طرفان ورتل ٽيسٽ ۾ حصو ورتائين ۽ 30 نومبر 2022ع ۾ اُن ئي اسڪول ۾ (گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڇاڻو شاھ آباد دادُو) پرائمري استاد ٿي ڪري آيو جتي هن پنھنجي ابتدائي تعليم پرائي ھئي ـ سائين جن ٽئين درجي جو استاد آهي ـ هن وقت سائين ڪنهن تنظيم سان تہ نہ آهي پر پنھنجي اسڪول لاء پاڻ مرادو تحريڪون پيو هلائيندو آهي ـ سائين جن پنھنجي اسڪول لاء ڪجھ ڪرڻ واري جذبي سان شروعات ڪندي ، سڀ کان پھرين اسڪول ۾ سولر انرجي سسٽم لڳرايو جنهن لاء هن مختلف هنڌن ۽ ماڻهن کان چندو گڏ ڪيو ـ وقت گذرڻ سان گڏ هاڻي اسڪول ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ آسمان هيٺان پَٽَ تي ويٺل ٻارن لاء ڪلاس روم ، فرنيچر ۽ واٽر فلٽر لاءِ تحريڪ پڻ هلائي رهيو آهي جيڪا سنڌ ٽي وي نيوز ، ڌرتي ٽي وي ، سچ ٽي وي ۽ اي آر واء نيوز پڻ نشر ڪئي ـ

سائين شايد سنڌ جو واحد اُستاد هوندو جنهن کي هڪ وڪيل ليگل نوٽيس موڪليو تہ منهنجي پُٽ کي درسي ڪتاب ڇو نہ ڏنا اٿئي ، جنهن تي سائين جن سوشل ميڊيا فورمن ذريعي ان مسئلي کي اُجاڳر ڪيو ـ

سائين جن جي تعليم کاتي ۾ محنت ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳتي هجڻ جي ڪري ، هُو پنهنجي شھر ۾ هڪ الڳ ڇاپ ڇڏي چڪو آھي ـ اِھو ئي سبب آهي جو هاڻي ويجهڙائي ۾ سنڌ ٽيچرس ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي ، سنڌ گورنمنٽ جي طرف کان سائين جن کي آغا خان يونيورسٽي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٻارھين عالمي ڪانفرنس (جيڪا ٻن ڏينھن تي مشتمل ھئي) ۾ تعليم کاتي سنڌ ۽ اسٽيڊا جي نمائندگي ڪرڻ لاء موڪليو ويو جنهن ۾ سائين کي سرٽيفڪيٽ سان پڻ نوازيو ويو ـ

سائين جن شروع کان سماجي ڪارڪن رهيو آهي ـ پنھنجي ڪاليج واري دور کان ئي سائين جن دادُو شھر ۾ پنھنجي ويجهن دوستن جي گروھ سان گڏ يوٿ ڪانفرنسز آرگنائيز ڪرائيندو هيو جنهن ۾ هُو نوجوانن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ سيلف ڪانفيڊنس متعلق آگاهي ڏيندو ھئو ـ اُن وقت ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ سائين جن کي شرڪت ڪندڙ طور گهرايو ويندو هو ـ

سائين جن کي پسنديدھ شخصيتن ۾ ابي ۽ امڙ کان وڌيڪ ڪو ٻيو پسند نہ آهي ـ سندن بھترين استادن ۾ خادم حسين لُنڊ (جنهن اُنھن کي پھريون اکر لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريو) ۽ نادر علي جمالي (جيڪو نہ صرف اُستاد پر صحيح رستو ڏيکاريندڙ هڪ بهترين دوست ۽ ساٿي پڻ آهي) شامل آهن ـ ڪجھ بھترين دوستن جي نالن جو پڇيس تہ جواب ۾ چوندا آهن تہ منهنجو هر دوست بهترين دوست ٿي رهيو آهي انڪري نالن جي فهرست وڏي آهي ـ

سائين جن کي لکڻ پسند آهي ، جنهن ڪري هن جو لکيل آرٽيڪل

Success is a Journey, it is not  Destination

عنوان هيٺ اسٽيڊا پنهنجي ويبسائيٽ تي پڻ شايع ڪيو آهي ـ اُن کان علاوه اسٽيڊا پنهنجي ويبسائيٽ ۽ فيسبوڪ پيج تي ٽيچر لائسنس لاء جاري ڪندڙ اشتھاري پوسٽر ۾ سائين جن جو پنھنجي اسڪول جي شاگردن سان ورتل فوٽو پڻ لڳايو آهي ـ

سائين جن جي والد جو نالو غلام سرور آهي جيڪي رٽائرڊ پوليس هيڊ ڪانسٽيبل آهن ـ سائين جن جو بُنيادي ڳوٺ شيخ ٻڌو دڙو آهي جيڪو دادُو کان پنج ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ تعليم سکڻ ۽ سيکارڻ وارو هڪ بهترين عمل آهي جيڪو انسان جي شخصيت ۽ انجي ڪردار کي سنواري ٿو ـ بغير تعليم جي انسان ، جانور کان بہ بدتر ٿي سگهي ٿو ، ڇو تہ جانور بہ ڪنهن نہ ڪنهن طريقي سان سکڻ واري عمل کان گذري ٿو ـ تعليم جي بهتري تي سائين جن چيو تہ تعليم حاصل ڪرڻ هڪ طويل سفر جيان آهي ۽ بهترين يادُن واري سفر لاء بهترين سهولتن جي موجودگي ضروري آهي ـ اُنھن جو وڌيڪ چوڻ آهي تہ ٻار جي لاء گهر کان ٻاهر جي دنيا ۾ اُن جو پھريون آئيڊيل اُن جو اُستاد هوندو آهي ـ هر ٻار پنهنجي اُستاد جي شخصيت ۽ ڪردار مان ئي گهڻو ڪجھ سکندو آهي ـ تنهن ڪري اُستاد کي پاڻ محتاط رھڻ گهرجي ڇو تہ ٻار جي شخصيت ۽ ڪردار جي بنياد اُن جو اُستاد آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگردن لاء بس اهو ئي پيغام آهي تہ توھان ئي مستقبل جا معمار آهيو! توھان جي اڄ جي ڪيل محنت ، نہ صرف توھان جي پر هن قوم جي تقدير بدلائي سگهي ٿي!"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل