Profile # 103 Khadim Ali Shar (HST - GHSS Mengho Faqeer Shar) خادم علي شر
محترم جناب سائين خادم علي شر صاحب جو جنم 8 مئي 1968ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي تاريخي ڳوٺ حاجي حبيب الله شر ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سندن پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، حاجي حبيب الله شر مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ، ٺري ميرواھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ سپريئر سائنس ڪاليج ، خيرپور مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان سنڌي ۾ ماسٽرس کان علاوھ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن 1996ع کان پڙھائڻ ۽ پڙھڻ ۾ لاڳاپيل آھن ـ سائين جن 24 فيبروري 1996ع تي جي ايس ٽي طور گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ٻيلھاڙو ۾ مقرر ٿيا ـ ان کان بعد ۾ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ، مينگھو فقير شر ۾ مقرر ٿيا ـ سائين جن کي 29 مئي 2011ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ـ بطور ايڇ ايس ٽي گورنمنٽ مڊل اسڪول ، لکمير خان شر ان کانپوءِ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ، عنايت حسين شاھ ، نارو ۽ ان کانپوءِ ھن وقت گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، مينگھو فقير شر ۾ تعليمي خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا آهن ـ سائين جن انگلش ، سنڌي ، اڙدو ، اسلاميات ۽ پاڪستان جو اڀياس پڻ پڙھايا آھن ۽ ڇھين جماعت جا ڪلاس ٽيچر رھيا آھن ـ
سائين جن تنظيمن سان پڻ سلھاڙيل رھيا جن ۾ استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا سائين جن جنرل سيڪريٽري يونٽ ھاءِ اسڪول مينگھو فقير شر پڻ آھن ـ ان سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت جا پڻ ميمبر آھن ـ
سائين جن تاريخي ۽ ادبي ڪتاب پڙھڻ ۽ تاريخ سان تمام گھڻو چاھ رھيو آھي ـ سائين جن جي پسنديده شخصيت ۾ سورھيہ بادشاھ ، جي ايم سيّد ، رئيس علي بخش خان شر شمار آھن ـ بھترين استادن ۾ شمار ٿيندڙ ڪجھ استاد جن ۾ استاد غلام الله ، استاد حسن بخش جسڪاڻي ، استاد شفيع محمد ، استاد ساعٿ علي ، استاد حاڪم علي ، استاد فقير ھدايت علي ، استاد غلام مرتضٰي لغاري ، استاد تراب علي راڄپر ، استاد نظر حسين شر ، استاد عطا حسين فولادي ۽ استاد پروفيسر نور احمد شر شامل آھن ـ دوستن ۾ مرحوم استاد عبدالمجيد (رسولپور) ، استاد علي خان شر ، استاد غلام حسين ، استاد گل حسن شر ، استاد قلندر ڏنو ، استاد علي احمد بروهي ، پروفيسر ڊاڪٽر برڪت علي راڄپر ، پروفيسر فھيم رضا سومرو آھن ـ
سندس والد جو نالو الھورايو خان شر سندس جو ڪاروبار زمينداري ھو ـ ان سان گڏوگڏ سماجي خدمتگار پڻ ھيو ـ سائين جن جو ڏاڏو مدرس ھو ۽ ان سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو شاعر ، ليکڪ ، عالم ۽ اديب پڻ ھيو ـ سائين جن پاڻ پنھنجي ابي جي ستون نمبر اولاد آھن ـ سائين جن جو وڏو فرزند نالي ڊاڪٽر ساجد علي جيڪو ھن وقت چائلڊ اسپيشلسٽ سول اسپتال ۾ آھي ـ سندس جو وڏو ڀاءُ حاجي حسين بخش رٽائرڊ پوليس انسپيڪٽر پڻ آھي ـ ڀائيٽيو آصف حسين جيڪو پرائمري استاد آھي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " ٻارن جي اندر جيڪي خوبيون آھن سي ٻاھر ڪڍڻ انهن کي درست ڪرڻ ۽ لڪل خوبين کي نروار ڪرڻ تعليم آهي ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment