Profile # 105 Attaullah Laghari (PST - GBPS Sain Bux Laghari) عطاء الله لغاري

 

محترم جناب سائين عطاءالله لغاري صاحب جو جنم 14 فيبروري 1994ع تي ضلعو بدين جي تعلقو ٽنڊو باگو جي ڳوٺ سائين بخش لغاري کريري يوسي کڏھرو جي مقدس مٽي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سائين بخش لغاري مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، حاجي خان چانڊيو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ مئٽرڪ جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوء والد صاحب کيس ڪراچي اماڻي ڇڏيو جتي ھن پنھنجو انٽر جو امتحان عائشه باواني ڪاليج مان پاس ڪيو ـ انھي کانپوء امن ٽيڪ ، ڪراچي مان ڪمپيوٽر ۾ ڊپلوما ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سياسيات ۾ گريجوئيشن ۽ عمرانيات ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات جنوري 2013ع ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ پرائيويٽ سسٽم ھيٺ ڪئي جتي سائين زمينن جا کاتا ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ـ انکانپوء سائين جن صحت کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪري ڊسمبر 2019ع ۾ ويڪسينيٽر طور مقرر ٿيا ـ ان کانپوء تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري 26 مئي 2022ع ۾ پنھنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پي ايس ٽي ٿي آيا جتان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ھئي ـ 7 سالن کان بند پيل اسڪول ۾ پڙھائڻ شروع ڪيائون ـ سائين پنھنجي اسڪول ۾ مختلف تعليمي راندين جا مقابلا به رکرائيندو آھي ـ ويجھڙائي ۾ سندن اسڪول ۾ ايم ڪي فائونڊيشن جي سربراھ سماجي ڪارڪن ايڊوڪيٽ احمد علي دل صاحب جي تعاون سان ايجوڪيشن ايڪسپو جو انعقاد ٿيو ھو جنھن ۾ ڪافي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف سيگمينٽس ۾ حصو ورتو ھو پر سائين جا شاگرد سڀني مقابلن ۾ اول رھيا ـ

سائين جن پڙھائڻ سان گڏوگڏ سماجي ڪمن م به اڳرا رھندا آھن ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ بيسٽ ٽيچر آف دي ٽائون جو ايوارڊ مليو آهي ـ

سائين جن جي والد جي خواھش ھئي ته سائين جن استاد ٿين ۽ آخرڪار انھن جي دعائن جي صدقي ٿي ويا ـ سندن بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين نيڪ محمد چانڊيو ، سيڪنڊري ۾ سائين حسين بخش ڇلگري ، سائين نصير احمد اڊيجو ، سائين عجب گل جروار ، سائين رسول بخش چانڊيو ، سائين عبدالڪريم جمالي ، سائين عبدالقيوم آرائين ، ڪاليج ۾ پروفيسر سليم اولياء ، سائين نورل واڊو ۽ قاسم غوري شامل آهن ـ سندن بھترين دوستن ۾ سائين احمد علي دل صاحب ، ڊاڪٽر ممتاز جروار صاحب ، سائين عبدالجبار درس ، سائين راجه احسان جمالي ، سائين سيف الله احمداڻي ، سائين عرفان چانڊيو ، سائين عبدالسميع سمون ، انتظار خاصخيلي ، سائين ھدايت الله دل ، سائين ديانند پرمار ، برھان الدين منگريو ، سائين عبدالخالق دل ، سائين اصغر دل ۽ فيصل لغاري شامل آهن ـ سندن خاندان جا ڪيترائي ماڻهو تيل ۽ گيس جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندا آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ڳالھائيندي چيو ته تعليم ھر مسئلي جو حل آھي ـ رکو سکو کائو پر نئين نسل کي لازمي تعليم ڏيو ۽ پڙھائي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر سکو ـ سٺا ڪتاب پڙھو ، سٺا دوست ڪريو ، ڪاروباري ماڻھن سان ڪاروباري گفتگو ڪريو ، سماجي خدمت جو جذبو پيدا ڪريو جيئن سماج م بھتري آڻي سگھو ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنهنجو پاڻ کي ڪامپيٽنٽ ڪيو ـ اڄڪلھ جو دور ڪامپيٽيشن جو آھي ـ فرض ايمانداري سان نڀايو ۽ وطن پرستي ، قوم پرستي ، زات پرستي ۽ فرقه پرستي کان پاسو ڪريو ـ پيار محبت اخلاق سان رھو ـ معاشري جا سٺا فرد ٿي ڪري بغير ڪنھن زات پات ۽ رنگ نسل جي معاشري جي خدمت ڪريو ۽ غريبن جي مدد ڪريو ـ پنھنجي اندر مستقل مزاجي پيدا ڪن جيڪا به فيلڊ انھن کي پسند ھجي ان ۾ اڳتي وڌن ـ اچڻ وارو دور ٽيڪنالاجي جو آھي انھي جي ڪري اسانجي نوجوانن کي آء ٽي ۾ اڳيان وڌڻ گھرجي ـ توھان جنھن بہ فيلڊ ۾ وڃو ايڪسپرٽ ٿي وڃو ۽ اتي رھي ايڪسپرٽ تيار ڪريو ـ پنھنجي ڪم ۽ ملڪ سان سچا رھو ـ سچائي ۾ ئي ڀلائي آھي  -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل