Profile # 87 Muhammad Ameen Sarwan (PST - GBPMSS Sujawal) محمد امين سرواڻ
محترم جناب سائين محمد امين سرواڻ جو جنم 4 جنوري 1990ع تي ضلعو سجاول جي شھر سجاول ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول خان مگسي مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 14 مارچ 2014ع تي پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري مدرسه سائيٽ اسڪول سجاول ۾ ڀرتي ٿيا ـ سائين جن سنڌي انگريزي ، رياضي ۽ جنرل سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ سيڪريٽري ماليات جي عهدي تي رھيو آهي ـ اين ٽي ايس ٽيچرس ايڪشن ڪاميٽي ضلعو سجاول جو چيف آرگنائيزر به رھيو آهي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيندڙ سنڌ جي استادن کي مستقل ڪرائڻ ۾ ضلعو سجاول جي اڳواڻ جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ـ سائين جن سوشل ورڪر جي حيثيت سان پڻ مشهور آهي ـ
سائين جن جو والد سڪيلڌو سرواڻ دڪاندار آهي ـ سندن وڏا 1960ع ۾ تعلقو شاھ بندر کان روزگار خاطر سجاول آيا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آهن ـ سندن وڏو ڀاء سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " هميشه نيڪ نيتي سان محنت ڪرڻ گهرجي ان ڦل پاڻ ئي قدرت وارو ڏيندو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment