Profile # 107 Abid Hussain Shar (PST - GBPS Khuda Bux Khan Shar) عابد حسين شر

 

محترم جناب سائين استاد عابد حسين شر صاحب جو جنم 9 سيپٽيمبر 1990ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي تعلقو ٺري ميرواھ جي ڳوٺ حاجي باقر خان شر جيڪو سندس ڏاڏو هو مشهور معروف سگھڙ ھئو جنهن جي نالي تي ڳوٺ آهي لڳ پير مسافر جي آمهون سامهون اروڙ دريا جي ساڄي اولهندي ڪپ تي آباد ڳوٺ حاجي باقر خان شر جي رٽائرڊ پوليس آفيسر محمد نواز شر جي گھر ۾ چوٿون نمبر پُٽ طور جنم ورتو ـ سندس ٻيو نمبر ڀاءَ ارشاد شر پوليس آفيسر ڪراچي آهي ـ امڙ جيجل رٽائرڊ استاد آهي ـ سندس شجرو سنڌ جي سخي مهمان نواز پنگريو خان شر جو پڙپوٽو آهي ـ ڏوهٽو سخي وڏيرو محمد حسن شر ولد سخي سعيد خان شر سان شجرو ملي ٿو ـ سندس پنجين پيڙهيَ حضرت غلام حيدر فقير گودڙيو شهنشاهه جي همشيره ڀيڻ بیب ناز جي اولاد مان شجرو ملي ٿو ـ سخاوت ، بهادري ۽ فقيري سندس خانداني وراثت طرفان مليل ڏات آهي ـ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول باقر خان شر استاد پير بخش شر جنهن کي بخشيش مليل هيو جنهن وٽان ڪئي جتي پاڻ ٽئين درجي تائين پڙهيو ـ ان کان پوءِ استاد ٽرنينگ تي وڃڻ جي ڪري ان کان پوءِ سيٺارجا پبلڪ اسڪول ڪجھ ڏينهن زنوار شاه نواز شر ڏاتو دشتي ڪجھ تعليم پرائي وري ﺑﻌﺪ ۾ پنجون حاجي باقر خان جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين ـ ڇهون ستون باقر خان شر جي ھاء اسڪول مان اٺون نائون مظهر مسلم ماڊل اسڪول راڻيپور مان ڏهون درجون ميهر ويسر سئي گئس مان يارهون ايور شائين راڻيپور سائين ممتاز چنا ۽ ٻارهون درجو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان پاس ڪيو ـ شام جو انگريزي گرامر استاد عبدالصمد ڪُٻر صاحب مئٿ ۾ استاد نجم الدين ويسر ٺري ۾ پڙهندا رهيا جنهن ۾ فياض شر فقير امتياز لاشاري به گڏ پڙهيا هئا ـ ان کان بعد شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان بي بي اي آنرس 2012ع ۾ پاس ڪيائين جنهن ۾ سينئر دوستن خاص سهڪار ڪيو جن ۾ انصار علي شر صاحب دوستن ۾ ايم بي اي روم پاٽنر حبدار علي هاڻي ، استاد جاويد شر تنھن وقت بي ڪام پڙهندڙ ، ظهير عباس شر ، خادم حسين شر رهنمائي ڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ٿو ـ پاڻ 2022ع ۾ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي ـ ايل ايل بي لا ڪاليج مان ڪئي ـ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪئي ـ پاڻ استاد محترم عابد حسين شر صاحب ٻارڙا سنگت کان جيئي سنڌ سان لاڳاپيل رهيا آهن ـ جساف اڳواڻ شاه عبداللطيف يونيورسٽي جتي شاگردن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سرگرم رهيو جنهن سبب جيل ٽارچر سيل جون اذيتون برداشت ڪيون ـ شاگردن جي حقن تي ڌاڙو برادش نه ڪيو نه سوديبازي ڪئي ـ جساف اڳواڻ جي پليٽ فارم جنهن سبب شهيد بشير خان قريشيءَ ، عبدالواحد آريسر صاحب ، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ، رياض حسين چانڊيو ، حبيب ڀٽو ، سرائي قربان کهاوڙ ، روپلو چولياڻي ، شهيد مظفر ڀٽو ، نياز ڪالاڻي ، زين شاهه ، ڏاھر ڀنڀرو ، سجاد شر ، عطا وسطڙو ، صفدر تنيو ، هوشو چانڊيو ، هوشو بلو ، صابر چانڊيو ، محروم شفقت حسين سولنگي ، نعيم عباس سولنگي ، سرائي زبير کهاوڙ ، بابر شيخ ، اياز سهتو ، فياض خميساڻي ، نور تنيو ، اڪبر مڪول ، امجد مهيسر ، الطاف شر ، انعام لنڊ ، جميل ڪٽپر ، محمد اقبال ، سجاد سولنگي ، بهلڪاڻي ، شڪيل سومرو ۽ حفيظ منگي ـ يونيورسٽي ۾ ذاتي دوستن ۾ سرفراز احمد شر ، مسرور احمد شر ، سول جج سيد عباس شاه رضوي زيدي ، سهيل چانڊيو ، علي ساجد ، صالح قرب شر ، اختيار شر ، حاڪم علي شر ، عمران شر ، نواب شر ، ماجد حسين شر ، وسيم وساڻ ، شيراز شر ، زاهد شر ، اسد شر ، خالد حسين شر ، علي حسن ، ملڪ بابر ، واحد نندواڻي ، الهداد جعفري ۽ ٻيا ڪيترائي شامل ڪري ٿو ـ استاد عابد حسين 2011ع ۾ ايس آء سنڌ پوليس 2012ع روينيو کاتي ۾ اسسٽنٽ صوبيدار جي ٽيسٽ پاس ڪئي پر ڊيوٽي نه ورتي ـ تپيداري به نه ورتي سائين جن پنهنجي مرشد سائين علي گوهر شاه بخاري جي اسرار تي استاد پيشي پيغمبري عمل کي ترجيح ڏنائون جنهن جي پهرين پوسٽنگ 9 ڊسمبر 2014ع پرائمري اسڪول بکِيارو هيڊ ماستر طور بند پيل اسڪول ٻه سئو ٻارن کي تعليم ڏني ـ پوء شبير شر فوٽو شر محمد آرائين ۾ هاڻي خدا بخش تعليم ڏئي ٿو ـ پسنديده سبجيڪٽ مئيٿ ، انگريزي ، سنڌي ادب ۽ سائنس ـ پسنديده شخصيتن ۾ پنجتن پاڪ پاڪ پيغمبر حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم ، حضرت علي عليه السلام ، حضرت امام حسن عليه السلام ، امام حسين عليه السلام ، خاتون جنت بيبي فاطما الزهراء عليه ، روحاني طور شاه عبداللطيف ڀٽائي ، سچل سرمست ، شاه عنايت شهيد ، حضرت غلام حيدر ، فقير گودڙيو شهنشاهه ، ساماڻو فقير شر ، سيد علي گوهر شاه بخاري ۽ سيد ضياء رضا الله شاه جيلاني ـ پسنديده شخصيتن بابت پنهنجي سندس والد محترم محمد نواز شر اهيمت ڏئي ٿو جنهن اهم ڪردار ادا ڪيو ـ سياسي بصيرت ۾ شخصيتون جن ۾ سورهيه بادشاهه ، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ، بشير خان قريشي ، عبدالواحد آريسر صاحب ـ علائقي جي حوالي سان واسطا جن ۾ فقير سڪندر علي شر ، رئيس علي اڪبر دشتي ، انجنيئر عبدالڪريم شر ، معشوق شاه ، جاويد علي شاه ، نواب وساڻ ، هالار خان ، فقير امتياز ، رئيس امداد ، بشير ٻانڀڻ ، رفيق احمد ۽ فيض محمد سان تعلقات رهيا آهن ـ پسديده ڪتابن ۾ قرآن پاڪ ، شاه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله جو رسالو ، سچل سرمست جو رسالو ، حضرت غلام حيدر فقير شر جو رسالو ، مثنوي روميءَ ، صوفياڻو رنگ راڳ قومي سرمد سنڌي ، استاد محمد يوسف ، فاروق فقير ، عرس چانڊيو جا ڳايل گيت بيحد پسند ـ واندڪائي جي وندر ڪتاب پڙهڻ ، دورد شريف پڙهڻ ، الله پاڪ سائين جي اولياء الله بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀرڻ ديدار ڪرڻ ذڪر فڪر ڪرڻ سنڌ واسين کي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ جي تلقين سياسي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ آهي ـ ننڍي هوندي ڪرڪيٽ راند بيٽنگ بالنگ والي بال کيڏڻ ھئو ـ عدم تشدد مذهبي رواداريءَ کي پسند ڪرڻ آهي نا پسنديده پرتشدد مذهبي انتهاپسندي جنونيت سياسي جنونيت نا پسند آهي ـ پسنديده استادن ۾ امڙِ جيجل ماءُ حيات خاتون شر جنهن جنم ڏنو پالنا پرورش ڪئي پڙهائڻ لاءِ اتساهه ڏيندي رهي جيڪا رٽائرڊ پرائمري اسڪول استاد آهي استاد پير بخش شر ، استاد غلام نبي شر ، استاد محمد ياسين ، ڀاءَ مظفر شر ، ننڍو ڀاء محمد بخش شر ، غلام مصطفي ، استاد نظير احمد شر ، غلام رسول ، محمد موسي شر ، استاد قدير ولد رحيم داد شر ، عبدالعزيز شر ، استاد عبدالخالق ، نصير احمد جوڳي ، غلام حيدر ويسر ، استاد لقمان سومرو ، قربان ميمڻ ، غلام سرور ميمڻ ، بخت ممتاز چنه ، نويد سهتو ، استاد عبدالصمد ڪُٻر ، نجم الدين ويسر ، پروفيسر شاه محمد لهراڻي صاحب ، اسد رضا عابدي ، چندن لعل ، روڙا لعلچند ، ميڊم ارم راني ، پروفيسر سيد نور شاه بخاري ، پروفيسر امير حسين شر ، پروفيسر عبدالحسين شر ۽ علي حسن شر ٽرانسپورٽ آفيسر شامل آهن ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ آء بي اي سکر پاران 2016ع ۾ بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ ۽ 2022ع ۾ ڊي سي ضلعو خيرپور ميرس طارق اعجاز چانڊيو پاران بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ ماڻيو ـ جساف اڳواڻ طور بشير خان قريشيءَ طرفان اجرڪ ڪتاب مليل آهن ـ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل