Profile # 100 Gul Hassan Laghari (HST - GBLSS Shahbaz Town) گل حسن لغاري
محترم جناب سائين گل حسن لغاري صاحب جو جنم 5 مارچ 1988ع تي ضلعو حيدرآباد جي ڳوٺ بخشو لغاري ، تعلقو حيدرآباد ٻھراڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، قاسم آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان نباتات ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن ٻه سال فارميسي ۾ ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ سندن اپائنٽمنٽ 14 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، ٽنڊو فضل ، تعلقو حيدرآباد ٻھراڙي ۾ ٿي ـ اھو اسڪول سندن قاسم آباد جي گهر کان 35 ڪلوميٽر پري هو پر سائين ڪڏهن اسڪول جي اسيمبلي مس نه ڪئي سردي هجي گرمي يا برسات هجي پوء به اسڪول ٽائيم تي پهچندو هو ـ سندن 18 مارچ 2022ع تي ايڇ ايس ٽي طور ترقي ملي ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، شھباز ٽائون ، تعلقو قاسم آباد ۾ ٿي ـ سائين جن ابتدائي سائنس ۽ انگريزي جا سبجيڪٽ پڙھايا آهن ۽ ڇھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر آهن ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ تمام گھڻيون تربيتون حاصل ڪيون آهن جن ۾ انڊڪشن ٽريننگ ۽ آء سي ٽي ٽريننگ سر فھرست آهن ـ سائين جن فيسبوڪ تي تعليم کاتي سان لاڳاپيل اٿينٽڪ ليٽرز ۽ معلومات فراھم ڪرڻ جو ذريعو بڻجڻ سان "گل لغاري" جي نالي ذريعي مشھوري ماڻي ـ اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ٿيندڙ استادن جي ڪنفرميشن توڙي پروموشن لاء احتجاجن ۾ ھڪ اڳواڻ طور اڀريا ـ سندن موجودگي ھر انهي احتجاج ۾ ھوندي آهي جنهن ۾ ٽيچرز جا اشوز ھجن چاھي اقراء ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ڀرتي استادن جو احتجاج ھجي يا آء بي اي طرفان ڀرتي استادن ۽ ھيڊ ماسترن جو احتجاج ھجي سائين جن ھر استاد جي سڏ ۾ سڏ ڏنو آهي ـ سندن خدمتون ھميشه ياد رکيون وينديون ـ سندن خدمتن جي مان ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ ادارن طرفان ڏھ کان مٿي بھترين ٽيچر جا ايوارڊ مليا آهن ـ
سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون سندن والد ۽ سيد سردار شاھ آهن ـ سندن بھترين استادن ۾ سائين حامد سومرو ، سائين نظير ميمڻ ۽ ميڊم نورالعين سومرو آهن ـ سندن بھترين دوست مختيار لاشاري ، بابو لغاري ، آصف رضا ، نسيم عباس ۽ ياسر عرفات آهن ـ
سائين جن جا وڏا ھاري ھئا ـ سندن والد مير محمد لغاري صاحب تعليم کاتي مان ايڇ ايس ٽي رٽائر ٿيو ـ سائين جن چار ڀيڻ ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي ـ سندن گھڻا ئي مائٽ بينڪ ۽ تعليم کاتي ۾ ملازم آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : ” تعليم دنيا کي نٿي بدلائي ، اهو ماڻهن کي بدلائي ٿو جيڪي دنيا بدلائڻ وارا آهن ـ“
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment