Profile # 99 Harish Meghwar (PST - GBPS Qaisar Khan Chandio) ھريش مينگھواڙ

 

محترم جناب سائين ھريش ميگھواڙ صاحب جو جنم 4 جون 1986ع تي ضلعو بدين جي ڳوٺ موسو ڪيريو لڳ پنگريو ، تعلقو ٽنڊوباگو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، موسو ڪيريو مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، علي خان جمالي مان اٺون ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، پنگريو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ مير غلام محمد ٽالپر گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٽنڊوباگو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سياسيات ۾ گريجوئيشن ۽ عمرانيات ۾ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ، اسلام آباد مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن تعليم کاتي ۾ 20 آگسٽ 2004ع تي پنھنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ اين سي ايڇ ڊي ۾ فيڊر ٽيچر ٿي آيا ۽ 2009ع تائين رھيا ـ سائين جن 26 فيبروري 2009ع ۾ ايس آر پي ۾ ڪانسٽيبل ڀرتي ٿيا ـ بطور ڪانسٽيبل سائين جن ڪمانڊو ٽريننگ ۾ ٽي ھزار نفري مان سنڌ جي گھرو وزير ذوالفقار مرزا کان بيسٽ فائرر جو ايوارڊ ماڻيو ـ سائين تقريباً سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پنھنجي رزرو پوليس ڊيوٽي ادا ڪئي ـ بعد ۾ سنڌ پوليس ۾ اچي ٺٽي ۽ پوءِ بدين ۾ ڊيوٽي ڪئي ـ دوران پوليس پاڻ ٽيچنگ جو شوق رکندا ھئا ۽ تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري پوليس کان ٿرو پراپر چئنل 8 جنوري 2015ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، جمال خان رند ۾ بطور پي ايس ٽي جوائن ٿيا ـ تنھن کانپوءِ اتان بدلي ٿي گورنمنٽ پرائمري اسڪول قيصر خان چانڊيو تي آيا جتي اڃان تائين ڊيوٽي ڪن پيا ـ 

سندن بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين شفيع محمد لغاري ، سائين عبدالستار لغاري ، سائين پنھون خان جمالي ، سيڪنڊري ۾ سائين طاھر آرائين ، سائين علي احمد پنڃارو ، سائين عبدالرشيد ڪمبوہ ، سائين مشتاق ميمڻ ، سائين محمد اشرف احمداڻي ، سائين نور حسن ڀؤنريو ، ڪاليج ۾ پروفيسر ضرار حسين رستماڻي ، سائين صاحب خان لغاري ، سائين ھرچند مھاراج ، سائين اشفاق شامل آهن ـ سندن بھترين دوستن ۾ سائين مٺو سولنگي ، سائين ڏاملو مل ميگھواڙ ، سائين غلام قادر لنڊ ، سائين يوسف کٽي ، سائين آفتاب لنڊ ، ڊاڪٽر ارشاد لنڊ ، سائين اي اڪي بلوچ ۽ سائين دليپ ڪمار شامل آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته ايندڙ دؤر مقابلي جو دؤر ھوندو جنھن ۾ گھٽ ماڻھو آرام جي زندگي گذاري سگھندا ۽ پڙھائي سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر سکو ـ سٺا ڪتاب پڙھو ، سٺا دوست ڪريو ، ڪاروباري ماڻھن سان ڪاروباري گفتگو ڪريو ، سماجي خدمت جو جذبو پيدا ڪريو ان سان انسان کي دلي سڪون ملي ٿو ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو ۽ غريبن جي مدد ڪريو ـ توھان جنھن بہ فيلڊ ۾ وڃو ايڪسپرٽ ٿي وڃو ۽ اتي رھي ايڪسپرٽ تيار ڪريو ـ پنھنجي ڪم ۽ ملڪ سان سچا رھو ـ سچائي ۾ ئي ڀلائي آھي  -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل