Profile # 94 Nehal Khan Jamali (HST - GBHS New Saeedabad) نھال خان جمالي
محترم جناب سائين نھال خان جمالي صاحب جو جنم پھرين اپريل 1984ع تي ضلعو مٽياري جي ڳوٺ بکر جمالي ، تعلقو نيو سعيدآباد ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، بکر جمالي مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، بکر جمالي مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سرھاڙي مان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ عمرانيات ۾ ماسٽرس کان علاوھ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون به حاصل ڪيون ـ ان سان گڏ آغا خان يونيورسٽي ، ڪراچي جي زيلي اداري انسٽيٽيوٽ فار ايجوڪيشن ڊولپمينٽ مان ڇھن مھينن جو سرٽيفيڪيٽ ڪورس ارلي چائلڊ ھوڊ ڊولپمينٽ حاصل ڪيو ـ
سائين جن اندازن ست سال ارلي چائلڊ ھوڊ ايجوڪيشن ڪلاس کي پڙھايو آهي ـ سائين جن جي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ ذريعي ايڇ ايس ٽي طور مقرري ٿي ـ سندن اپائنٽمينٽ 18 سيپٽيمبر 2014ع تي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، کنڊو ، تعلقو ھالا ۾ ٿي جتي سائين جن چار سال پڙھايو ـ ان بعد بدلي ٿي گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، باگو خان جمالي ۾ جتي پڻ سائين جن چار سال گذاريا ۽ مارچ 2022ع کان گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، نيو سعيدآباد ۾ بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آھن ـ سائين جن سڄي سروس ۾ ھر سال ڪلاس ٽيچر رھيو آھي ڪلاس نائين ۽ ڏھين جو ۽ انگلش سان گڏ سنڌي ، اڙدو ، اسلاميات ۽ سماجي اڀياس جا سبجيڪٽ پڙھايا آھن ـ
سائين جن جي بھترين استادن ۾ سائين خان محمد جمالي ، سائين ميوو خان جمالي ، (پرائمري) ۽ سائين وزير جمالي ، سائين منظور قادر ڪاڪا (ھاء اسڪول) مئڊم نيلوفر وزير ، مئڊم صائمہ خالد ۽ مئڊم ياسمين محبوب (آغا خان ڪراچي) شامل آهن ـ
سائين جن ذاتي طور کوڙ ساريون تربيتي ورڪشاپس اٽينڊ ڪيا آھن ۽ تعليم کاتي طرفان ڪجھ وقت اڳ لائف اسڪلس بيسڊ ايڊيوڪيشن جي پروجيڪٽ ۾ ماسٽر ٽرينر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون آھن ـ ملازمت کان علاوہ پنھنجي ڳوٺ جي تنظيم جي پليٽ فارم تان سماجي خدمت جو ڪم ڪار پڻ وس آھر ڪري رھيا آهن ـ
سائين جن جو خاندان ڪافي نسلن کان ڳوٺ بکر جمالي تعلقو سعيدآباد ضلعو مٽياري ۾ آباد آھي ۽ زراعت سان وابستہ آھي ـ سندن والد علي محمد جمالي پي ايس ٽي ھو ۽ 1998ع ۾ وفات ڪري ويو ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آهي ـ سندن وڏو ڀاء سائين منٺار علي جمالي 2008ع آء بي اي جو جي ايس ٽي ڀرتي ٿيو ۽ ھن وقت ايڇ ايس ٽي آھي ـ سندن ماسات احمد نواز جمالي آء بي اي ٽيسٽ پاس ھيڊ ماستر آھي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته تعليم انسان کي قابل بڻائي ٿو ـ انسان کي پنھجا حق ۽ ذميوارين جو احساس ڏياري ٿو ۽ ھڪ سٺي ۽ ڪارآمد شخص بڻجڻ ۾ مدد ڪري ٿو ـ تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ لاء استادن سان گڏ والدين ۽ معاشري جو ڪردار پڻ اھم آھي ـ والدين ۽ معاشري کي گھرجي تہ استادن جو ساٿ ڏين ۽ انھن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ انھن جا ٻانھن ٻيلي ٿين ـ ان سان گڏ شاگردن جي مٿان مناسب نگراني رکن ۽ انھن کي انھن جون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڪن ايئن ڪرڻ سان اسان تعليم جي نظام کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻائي سگھون ٿا ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " دنيا تمام تيزي سان بدلجي پئي ۽ ڏينھون ڏينھن تيز رفتار ترقي ڪري پئي ـ اھو سڀ ڪجھ فقط تعليم جي بدولت آھي ـ اگر اسين چاھيون ٿا تہ ترقي يافتہ ٿيون ۽ دنيا سان گڏ بيھون تہ پوء اسان کي گھرجي تہ وڌ کان وڌ معياري تعليم حاصل ڪريون ۽ اسڪالرشپس جا موقعا تلاش ڪري ٻاھرين ملڪ مان جديد تعليم حاصل ڪري پاڻ کي ۽ پھنجي معاشري کي خوشحال ۽ ترقي يافتہ ڪريون ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment