Profile # 104 Saif-ur-Rehman Depar (PST - GBPS Juma Khan Mugheri) سيف الرحمٰن ڏيپر
محترم جناب سائين سيف الرحمٰن ڏيپر صاحب جو جنم 27 ڊسمبر 1991ع تي ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ حاڪم ڏيپر ، تعلقو نصيرآباد ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، نصيرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ سائنس ڊگري ڪالج ، نصيرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ڪيميا ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ
سائين جن پيسٽيسائيڊس ۽ سيڊ ڪمپني ۾ مختلف عھدن تي پنج سال ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري 28 اپريل 2022ع تي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، جمع خان مغيري ۾ پي ايس ٽي مقرر ٿيا ـ سائين جن ڪيميا ، حياتيات ۽ طبعيات جا سبجيڪٽ پڙھايا آهن ـ ھن وقت تعلقو نصير آباد جي آء بي اي پاس ٽيچرز جا فوڪل پرسن آهن ـ
سائين جن کي پڙھڻ سان قدرتي لڳاء آهي ـ سائين جن ملازمت کان علاوھ فري لانسنگ ڪندا آهن ـ سائين جن انڊڪشن جي تربيت ورتي آهي ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ بيسٽ اسپيچ ايوارڊ ۽ اسپورٽس مان ڪرڪيٽ ۾ بيسٽ ڪيپٽن ايوارڊ مليا آهن ـ سندن سچو ۽ خرو انسان پسند آهي ۽ ڪوڙو ۽ ڊبل پاليسي وارو انسان ناپسند آهي ـ
سائين جن جو والد عبداللطيف ڏيپر چانورن جو واپاري ھو ـ سائين جن پنج ڀائرن ۽ ٽي ڀيڻن ۾ سڀني کان وڏو آهي ـ سندن مامو ، سئوٽ ۽ ماسات ڊاڪٽر آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " محنت ، محنت ۽ محنت ۔ ڪاميابي جي ڪنجي محنت ئي آھي ۔"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment