Profile # 93 Muhammad Paryal Kabooro (PST - GBPS Miskeen Colony, Kotri) محمد پريل ڪابورو

 

محترم جناب سائين محمد پريل ڪابورو صاحب جو جنم 10 فيبروري 1968ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ فتح محمد ڪابورو ، تعلقو دادو ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، فتح محمد ڪابورو مان حاصل ڪئي ـ اٺون ڪلاس گورنمنٽ مڊل اسڪول ، مخدوم بلاول مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ پائلٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ، دادو مان پاس ڪيو ـ انٽر جو امتحان گورنمنٽ ڪمرشل ڪاليج ، دادو مان پاس ڪيو ـ گريجوئيشن ۾ بي ڪام جي ڊگري گورنمنٽ سچل سرمست ڪامرس ڪاليج ، ھيرآباد ، حيدرآباد مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ايليمينٽري ڪاليج ، حيدرآباد مان پي ٽي سي جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 5 آگسٽ 1989ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمينٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڳوٺ ميوو کوسو ، لڳ الھ آباد ۾ بطور انچارج ھيڊ ماستر جي ٿي ـ 1990ع ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سچيڏنو شورو ، تعلقو ڪوٽڙي ، 1991ع ۾ انچارج هيڊ ماستر گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڳاڙهو گهوٽ ، ڀٽائي ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ رھيا ـ 1992ع کان هن مهل تائين گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، مسڪين ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ بطور انچارج هيڊ ماستر ۽ 2018ع کان ٽائيم اسڪيل سورھين گريڊ ۾ پنهنجا فرض بھترين نموني نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن پهرين کان پنجين تائين ڪلاس پڙهايا آهن ۽ تقريباً 7 سبجيڪٽ سڀني ڪلاسن ۾ پڙهايا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيمن توڙي سماجي تنظيمن ۾ عھدن تي رھيا آهن ـ پرائمري مسجد اسڪولز جي تنظيم ماٽا جا 1995ع کان 2004ع تائين جنرل سيڪريٽري ، 2005ع کان 2012ع تائين پ ٽ الف تعلقو ڪوٽڙي جا جنرل سيڪريٽري ، 2015ع کان 2020ع تائين صدر پ ٽ الف تعلقو ڪوٽڙي رھيا آهن ـ ان کان علاوھ سماجي تنظيم الشهباز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن مسڪين ڪالوني ڪوٽڙي ۾ 1992ع کان 2020ع تائين جنرل سيڪريٽري ۽ 2020ع کان هن مهل تائين سرپرست اعلي طور خدمتون ڏئي رھيا آهن ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي طرفان بهترين استاد جو ايوارڊ مليو آهي ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سائين محمد اسماعيل لغاري سابق جنرل سيڪريٽري پ ٽ الف ضلعو ڄامشورو آهي ـ سندن بھترين استادن مان پرائمري ۾ سائين اميد علي پنهور مڊل ۾ سائين محمد سومر سولنگي ، سيڪنڊري ۾ سائين محمد بچل عباسي ، ڪاليج ۾ سائين انور علي سرهيو ۽ سائين نعيم الدين صديقي سچل سرمست ڪامرس ڪاليج مان شامل آهن ـ

سائين جن مزدوري سان گڏ تقريباً سڀ ڪم ايندا آهن ۽ ڪيا به آهن هن مهل عمر جي لحاظ کان آرامي آھن ـ سائين جن پنهنجو وقت سماجي ڪم ڪار ۾ گذاريندا آهن ۽ گهر ۾ ديني مدرسو هلائيندا آھن جنهن ۾ خاص طور نياڻين کي تعليم ڏيڻ جو فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن ان سروس ٽريننگز ۽ سرڪار لاءِ ڪيتريون ئي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خدمتون پڻ اچي وڃن ٿيون ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائيف ۾ لٽل والي ۽ بال راندين ۾ بھترين رانديگر رھيا آهن ـ

سائين جن جو والد اڪڙو خان ڳوٺ ۾ ننڍڙو دڪاندار ھو ـ سندن خاندان جا وڏا واپاري ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آھن ـ سندن وڏو ڀاءُ غلام حسين ڪابورو صاحب پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهي ـ سندن وڏو چاچو پڻ پوليس کاتي ۾ هو ـ سندن هڪ فرزند ذاتي ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو فرزند مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۾ اليڪٽريڪل شعبي ۾ انجنيئرنگ ڪري رهيو آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته مون پنهنجي اسڪول جي بلڊنگ منظور ڪرائي ان لاءِ پلاٽ به ڏنو ۽ جڏهن هڪ قبضا گروپ آيو جنهن چيو ته هي پلاٽ منهنجو آهي پوءِ مجبور ٿي ڪجھ پاڻ ڪري ۽ ڪجھ ڪالوني وارن کان چندو ڪري ان کي ڏئي اسڪول جي چوديواري ڏياري سک جو ساھ کنيو ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته اسان استاد آهيون ۽ منهنجو تجربو 34 سال جو آهي ـ ان ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا ان ۾ علاقائي تعليم دشمنيون وغيره پڻ ، پر همت نه هاري پنهنجي پسماندھ ، جهالت ۽ غريب مزدور علائقي ۾ جتي اسڪول نه هيو اتي ذاتي ڪمري ۾ اسڪول کولايو ۽ 15, 20 ٻارن کي پڙهائڻ جي شروعات ڪئي اڄ هن وقت هتي 500 ٻار آهن ڏسي خوشي ٿيندي آهي ـ هن مهل مڊل اسڪول آهي ، خواهش آهي ته هاءِ اسڪول ٿئي ـ ﷲ سائين جل جلاله ۾ اميد آهي ته اهو به ٿيندو ـ هن مهل ٻار کي سزا ڏيڻ جرم آهي ۽ سزا ڏيڻ به نه گهرجي ـ ٻار جيڪو پيار ۽ شفقت سان بنا خوف جي پڙهي ٿو اهو بهتر آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " پنهنجي ٻچن کي تعليم ڏياريو ـ اسان جي علائقي جي والدين کي گذارش آهي ته هنن کي داخلا ، ب فارم ، برٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ ۾ يا ٻيو ڪوبه مسئلو يا ڪا ڏکيائي پيش اچي ٿي ـ اسان سان رابطو ڪن اسان پنهنجي وس وٽ اهر انهن جي مدد ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين انشاء الله ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل