Profile # 109 Yousif Jameel Laghari (JEST - GBELS Haji Muhammad Ishaque Laghari) يوسف جميل لغاري
محترم جناب سائين يوسف جميل لغاري صاحب جو جنم پھرين جنوري 1994ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي ڳوٺ حاجي محمد اسحٰق لغاري ، تعلقو ٺري ميرواھ ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ حاجي محمد اسحٰق لغاري ۾ قائم اسڪول مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ 2009ع ۾ گورنمنٽ بوائز هاءَ اسڪول ، ٺري ميرواھ مان ۽ انٽر 2011ع ۾ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان ڪئي ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان گريجوئيشن ۽ اڙدو ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ـ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري 2018ع ۾ پاس ڪيائين ـ
سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ پھرين جنوري 2020ع تي جي اي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول حاجي محمد اسحٰق لغاري ۾ مقرر ٿيا جتان سائين جن شروعاتي تعليم پرائي ھئي ـ
سائين جن سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي ـ سندس ڪتابن کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون شايع ٿيل آهن ـ سندن ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هو ـ پاڻ بطور سماجي اڳواڻ ، ليکڪ ۽ استاد پنهنجي صلاحيتن کي درست استعمال ڪري رهيا آهن ـ هن ڪهاڻي ، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن ـ ان کانسواءِ ڪجھ شاعري پڻ ڪئي آهي ـ سندس شاعري ، ڪهاڻيون ، ڪالم ، مضمون ۽ ٻيون کوڙ لکڻيون مختلف معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن ـ چانڊوڪي رسالي سٿ پاران سندس ڪتاب "ڪاغذي ڳالهيون" جي عيوض کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي ـ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور پاران کيس بهترين استاد جو ايوارڊ پڻ مليل آهي ـ مختلف موضوعن تي مشتمل سندس 6 ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب ”خوابن جا پاڇا“ ڳڻپ جوڳو آهي ـ ٺري ميرواھ جي ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد اسحٰق لغاري ۾ قائم اسڪول ۾ پيشي جي لحاظ کان بطور هڪ استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ـ استاد هجڻ ڪري سندس مضمونن جو موضوع گهڻو تڻو تعليم ئي هوندو آهي ـ هن جو تعليم بابت به هڪ ڪتاب ڇپيل آهي ـ
سائين جن جو تعلق پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي ـ سندن والد جو نالو جميل احمد لغاري آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو ”پنهنجي اندر ۾ موجود تخليقي صلاحيتن جو اندازو هڻي انهي مطابق ڪم ڪن ته يقينن انهن لاءِ ڪابه شئي ڏکي ثابت نه ٿيندي ـ“
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ
.png)
Comments
Post a Comment