Profile # 90 Ghulam Hussain Khoso (AP - Geography - GGDC Kotri) غلام حسين کوسو
محترم جناب پروفيسر غلام حسين کوسو صاحب جو جنم 5 جون 1986ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ کاٿڙي ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، کاٿڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، خيرپور ناٿن شاھ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، قاسم آباد ، حيدرآباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان جاگرافي ۾ بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ سندن ايم فل جاري آهي ـ
پروفيسر صاحب سنڌ صوبي جو وڏي ۾ وڏو چٽا ڀيٽي امتحان ايس پي ايس سي پاس ڪيو ۽ سندن تعليم کاتي ۾ 6 آڪٽوبر 2011ع تي ليڪچرر جاگرافي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ استاد بخاري گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، دادو ۾ ٿي ـ سندن ڊسمبر 2022ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ملي ـ پروفيسر صاحب علي بابا گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي ۾ به ملازمت جا ڪجھ سال گذاريا آهن ۽ ھن وقت گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي ۾ تمام بھترين نموني ڊيوٽي سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ پروفيسر صاحب جاگرافي ، جنرل سائنس ۽ سنڌي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ پروفيسر صاحب ايس پي ايس سي جي ٽيسٽن ۾ انوجيليٽر طور پنهنجا فرض نڀائيندا رھندا آهن ـ
پروفيسر صاحب ليڪچررز سنڌ جي تنظيم سپلا جا ڪارڪن آهن ۽ تنظيم جي ھر ڪم ڪار ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي ڪم ڪيو آهي ـ
پروفيسر صاحب شاگردي واري زماني ۾ ھميشه پھرين يا ٻين پوزيشن تي رھيا آهن ـ سندن بھترين استاد پروفيسر ڊاڪٽر شفيق احمد جوڻيجو ، پروفيسر محب علي لغاري ، پروفيسر سوجومل ميگھواڙ ، سائين سڄڻ خان کوسو ، سائين شاھنواز ساريو ۽ سائين مرحوم لقمان علي کوسو آهن ـ ڪتاب پڙهڻ سندن بھترين مشغلو آهي ـ
پروفيسر صاحب جو والد سڄڻ خان کوسو تعليم کاتي مان گزيٽيڊ ھيڊ ماستر طور گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، سري مان رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ تعلقو ٿاڻو بولا خان جو ٽي اي او به رھيو ـ سندن خاندان جا وڏا ھارپو ڪندا ھئا ـ پروفيسر صاحب ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن ٻه وڏا ڀائر زاھد حسين کوسو ۽ شاھد حسين کوسو آهن ۽ ٻه ننڍا ڀائر فھد حسين کوسو ۽ دانش علي کوسو يونيورسٽي جا شاگرد آهن ـ
پروفيسر صاحب تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ علم روشني آهي ـ علم انسان کي اونداھين مان سوجھري ڏانهن ڪڍي اچي ٿو ـ علم حاصل ڪريو پوء انھي ۾ ڪيڏي به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ڇو نه پئجي وڃي ـ مون تعليم مان گھڻو ڪجھ حاصل ڪيو آهي ـ تعليم مان ئي مون ۾ شعور اجاڳر ٿيو ۽ تعليم جي ڪري ئي منهنجي معلومات ۾ به اضافو ٿيو ـ
پروفيسر صاحب سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " شاگرد محنت ڪن ۽ محنت ذريعي چٽا ڀيٽي جا امتحان پاس ڪن ـ محنت سان توهان کي توهان جي منزل ضرور ملندي -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم پروفيسر صاحب جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment