Profile # 97 Javed Hussain Shar (PST - GBPS Sharaf Ali Shar) جاويد حسين شر
محترم جناب سائين جاويد حسين شر صاحب جو جنم 15 فيبروري 1988ع تي ضلعو خيرپور ميرس جي تعلقو ٺري ميرواھ جي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتي ـ مئٽرڪ 2003ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول مينگهو فقير شر مان "A" گريڊ ۾ پاس ڪئي ـ انٽر 2005ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ٺري ميرواھ مان پاس ڪئي ـ ڪامرس ۾ بي ايس جي ڊگري آنرس ۾ پاس ڪئي ـ ماسٽرس جي ڊگري 2010ع ۾ عمرانيات ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم فل جا شاگرد آهن ـ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ـ سندن اپائنٽمينٽ 29 ڊسمبر 2014ع تي بطور پي ايس ٽي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، رحمٰن آباد ۾ ٿي ـ سائين جن هن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، شرف علي شر ۾ تمام بھترين نموني بطور هيڊ ماستر پنهنجا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن انگريزي ، سنڌي ، رياضي ، اڙدو ، ابتدائي سائنس ، دينيات ۽ سماجي اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري مان سائين جن جو والد سائين استاد الاهي بخش شر سرفهرست آھن ـ ان کان علاوھ علم الدين فقير ، شر قلب علي شر ، مڊل سيڪشن ۾ سر ممتاز حسين جلباڻي ، جابر حسين شر ۽ اعجاز احمد ۽ سعيد احمد شر شامل آهن ـ سيڪنڊري سائيڊ ۾ استاد محسن علي شر ، سر غلام شبير ، رياضي جو بهترين ماهر استاد سائين جمال الدين شر جيڪو هن وقت گسٽا تعلقو ٺري ميرواھ جو صدر آھي ، انکانپوء ڊگري ڪاليج جا استاد صاحبان محترم سائين عنايت علي جوڳي ، سر احسان علي لغاري ، سڪندر علي ٻانڀڻ ، نياز حسين شر ، سر لياقت علي بوزدار ، يونيورسٽي مان سائين اختيار علي گھمرو ، سائين امير حسين شر ، ممتاز علي جوڻيجو ، سائين سيد ذيشان حيدر شاھ ۽ سائين علي حسن هاليپوٽو شامل آهن ـ
سائين جن جو خاندان حضرت فقير غلام حيدر گودڙيو مان آھي ـ سندن خاندان تعليم يافته آهي ـ سندن والد سائين الاهي بخش شر پي ايس ٽي آهي ـ سندن چاچو زراعت کاتي ۾ رٽائرڊ ڊائريڪٽر آھي ـ سائين جن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو آهي ـ سندن ننڍي ڀاء اسلاميات ۾ ايم فل ڪئي آهي ۽ مذھبي عالم آهي ـ ٻيو ننڍو ڀاء پاڪستان آرمي ۾ آهي ـ ٽيون ننڍو ڀاء ھاء ڪورٽ ، ڪراچي ۾ وڪيل آهي ـ چوٿون ننڍو ڀاء پوليس کاتي ۾ آهي ـ سائين جن جي گھر واري اسلاميات ۾ ايم فل ڪئي آهي ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رھي آهي ـ سندن گهر واري ھن وقت جي اي ايس ٽي آهي ۽ اسلاميات ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ 17 جي ٽيسٽ ۾ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آئي آهي ۽ اپائنٽمينٽ جي انتظار ۾ آهي ـ
سائين جن پنهنجو وقت سماجي ۽ مذھبي ڪم ڪار ۾ گذاريندا آهن ـ سندن سچائي ۽ همدردي سان پيار آهي ـ سندن ناجائزي بلڪل پسند ناهي نه ڪنهن سان ڪندا آهن نه ڪنهن جي برداشت ڪندا آهن پر اڪثر در گذر ئي ڪري ويندا آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو : " ملڪ سان سچائي ڪيو ـ انفرادي سوچ کي ڇڏي اجتماعي سوچ طرف وڌو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment