Profile # 95 Yaseen Shahi (AEO - DEO Primary Jamshoro) ياسين شاھي
محترم جناب سائين ياسين شاھي صاحب جو جنم 4 اپريل 1974ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ خان محمد شاھي لڳ ٿرڙي جادو شھيد ، تعلقو جوھي ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٿرڙي جادو شھيد مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿرڙي جادو شھيد مان اٺون ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪڪڙ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان سياسيات ۾ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جي تعليم حاصل ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي جي دادو ڪيمپس مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 27 سيپٽيمبر 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، سُھراب ٻُگھيو ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿي ـ سائين جن بطور جي ايس ٽي جن اسڪولز ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪڪڙ ۾ 9 سال رھيا جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ، ان کانپوء گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ پنج سال رھيا ۽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٻه سال رھيا ـ سائين جن کي 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۾ ٿي ـ سائين جن 2011ع کان 2016ع تائين گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ، بھار ڪالوني ، ڪوٽڙي ۾ بطور انچارج ھيڊ ماستر ۽ 2016ع کان 2023ع تائين سيڪشن انچارج رھيا ـ سائين جن کي پھرين فيبروري 2023ع تي بطور گزيٽيڊ ھيڊ ماستر ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، علي مراد باريچو ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن ھن وقت ڊي اي او پرائمري ضلعو ڄامشورو ۾ بطور اي اي او خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ سائين جن سدائين ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ڇھين کان ڏھين ڪلاسن تائين ۽ انگريزي ۽ رياضي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن يونٽ ڪڪڙ جا جوائنٽ سيڪريٽري رھيا ڪجھ وقت پريس سيڪريٽري به رھيا ۽ يونٽ بھار ڪالوني ۾ صدر به رھيا آهن ـ سائين جن ڳوٺ سڌار سنگت ۾ مختلف عھدن تي رھيا ۽ مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ـ سيھارو ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۾ به عھديدار رھيا آهن ـ
سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ اڪيلا A گريڊ ۾ آيا ۽ بي ايڊ ۾ پنهنجي بيج ۾ دادو سينٽر تان اڪيلو فرسٽ ڪلاس آيا ـ سائين جن ڪجھ سال ٽيوشن سينٽر به ھلايو آهي ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي انعام مليا آهن جن مان ھڪ 2016ع ۾ سيھارو ڊولپمينٽ فائونڊيشن طرفان بھترين استاد جو ايوارڊ پڻ شامل آهي ـ سائين جن پنهنجي ڳوٺ جا واحد ماڻهو آهن جيڪي تعليم کاتي ۾ آفيسر ٿيا آهن ـ
سائين جن شاھ جو رسالو ھر وقت پاڻ سان گڏ رکندا آهن ۽ سندن استاد بخاري جي شاعري به پسند آھي ـ سندن بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين ممتاز ٻٻر ، سيڪنڊري ۾ سائين علي اڪبر جمالي ، سائين عبدالنبي عباسي ، اعظم خان ٻٻر ۽ ڪاليج ۾ پروفيسر سندر داس (فزڪس) شامل آهن ـ سندن بھترين دوستن ۾ منظور علي نائچ (ھيڊ ماستر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي) ، نويد احمد ميمڻ (فرسٽ اسسٽنٽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي) ۽ محمد سومار ٻگھيو (ايڇ ايس ٽي گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول ، بھار ڪالوني ، ڪوٽڙي) شامل آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم کي ٻڌائيندي چيو ته ننڍي عمر ۾ ڪنهن بيماري جي ڪري منهنجو ھڪ ٻانهن مفلوج ٿي وئي ھئي ۽ اڄ ڏينهن تائين مفلوج آهي پر مون کي ڪنهن به ڪم ڪار ۾ محتاجي نه ٿي آهي ـ
سائين جن جو ڏاڏو خان محمد شاھي ڳوٺ جو چڱو مڙس ھو ۽ سندن ڳوٺ جو نالو سندن ڏاڏي جي نالي تي آهي ـ سندن ڏاڏي محترمه انگريزن جي دور ۾ ڊاڪٽر ھئي ـ سندن والد حاجي شمس الدين شاھي عالم دين ھو جنهن بحري ۽ ھوائي جھاز کان علاوھ پيادل به ڪيترائي حج ۽ عمرا ادا ڪيا ـ سندن والد چڱ مڙسي جي پڳ پنهنجي سئوٽ دين محمد شاھي جي حوالي ڪئي ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ سندن سڄو خاندان پڙھيل لکيل آهي ـ سندن وڏي ڀاء عبداللطيف شاھي اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ڳوٺ جو مشهور بُھ جو واپاري آهي ـ سندن وڏي نياڻي بي ايس سي ڪئي آهي ۽ ننڍي نياڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام ۾ ڊي وي ايم جي شاگرد آهي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو ۽ غريبن جي مدد ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment