Profile # 91 Zulfikar Ali Soomro (PST - GBPS Sono Khan Zardari) ذوالفقار علي سومرو


محترم جناب سائين ذوالفقار علي سومرو جو جنم 2 جون 1971ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ ڏنگر لڳ سيتا ، تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ۾ ٿيو ـ سائين جن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ڏنگر جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ نيشنلائيزڊ نياز هاءِ اسڪول ، ٽڳا مان 1986ع ۾ ۽ انٽر جو امتحان استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو  مان1991ع ۾ پاس ڪيو ـ 1994ع ۾ پي ٽي سي جي گورنمنٽ شھباز ايليمينٽري ٽريننگ ڪاليج ، دادو مان  پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن 1989ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي طور گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالحميد پنجابي ۾ مقرر ٿيو ـ جتي پنج سال سروس ڪرڻ کانپوء پنھنجي ڳوٺ ڏنگر ۾ ڊيوٽي ڪيائين ، تنھن بعد ڏھ سال گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، عبدالحميد پنجابي ۾ ڊيوٽي ڪئي ـ جنھن بعد سيتا روڊ ۾ رھڻ دوران سيتا روڊ ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ ڊيوٽيون ڪيائين جنھن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نظام آباد ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي خان لاشاري ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪارا ڀاڻ ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول علي اڪبر شاھ مان 2019ع ۾ بدلي ڪرائي ضلعي ڄامشورو جي تعلقي مانجھند جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سونو خان زرداري ۾ گذريل چئن سالن کان فرض سرانجام ڏيندو رهيو آهي ـ

سائين جن پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جي پليٽ فارم تي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ تعلقي اڳواڻ جاکوڙي انسان سائين سعيد احمد شاھ سان مسلسل جدوجهد ۾ رھيو ـ

سائين جن جا دوست مشھور ميمڻ ۽ منور ملاح سيتائي شاعر آھن انھن جي ڪوششن سان سائين جن جو ادب جي طرف لاڙو پيدا ٿيو ـ ذوالفقار علي هالار جي نالي سان 2002ع ۾ ادبي دنيا ۾ پنهنجي تخليقن سان ظاهر ٿيو ـ هن وقت تائين سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ، مضمون ، انٽرويو ، تاثر ، ادبي پروگرامن جون رپورٽون ، مختلف ادبي رسالن ۽ ميگزينن ۾ جھڙوڪ : سنڌ اسٽارس مئگزين ، سنڌ راڻي مئگزين ، روح رهاڻ ، نئين آس ، تحريڪ ، ٽماهي مهراڻ ، سرتيون ، گل ڦل ، پيعام لاڙ ، عميق ، احساس ، هزار داستان وغيره ۾ شايع ٿي چڪا آهن ـ سندس ادبي خدمتن جي عيوض 'حميد سنڌي مڃتا ايوارڊ' بزم غالب ملڪاڻي ڪوٽڙي طرفان بھترين آرگنائيزر جو ايوارڊ ۽ دي روز انٽرنيشنل پاڪستان ضلعي مٽياريءَ طرفان علمي ادبي ۽ ثقافتي ايوارڊ پڻ ملي چڪو آهي ـ ان کان علاوه مختلف وقتن تي قومي فرض نڀايو مختلف تنظيمن پاران سرٽيفڪيٽ سگا شاخ ڪوٽڙي طرفان سرٽيفڪيٽ مليا آهن جن ۾ وقت بوقت پنهنجي علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي ـ انهيءَ نشان تي ثابت قدم رهي ۽ اڳتي وڌڻ جي جستجو ڪري ۽ پنهنجن نشانن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري ، ادب ۾ اهي منزلون ماڻي ، جنهن جا هن خواب ڏٺا آهن.

سائين جن جو والد غلام رسول سومرو ھڪ پورھيت طبقي سان تعلق رکندڙ علمي ، ادبي ، سياسي ۽ سماجي شخصيت ھو ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي سنڌ جي تعليم جي باري ۾ ويچار ونڊيندي چيو ته تعليم روشني آهي پر اسان اڃان انڌيري ۾ آهيون ـ انهيَ جا منهنجي نظر ۾ ڪجھ سبب آهن ـ ھڪ سچائي جي گھٽتائي ، پنهنجا نوازي ، خوف ، بي حسي جنهن سبب اسان وٽ تعليم ھوندي به جھالت جو راڄ قائم آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏياريو ـ تعليم سان گڏ تربيت جي سخت ضرورت آهي ـ پنهنجي گھر جي ڀاتين جو خيال ڪريو ـ پاڙي اوڙي جي سار لھو ـ پنهنجي وس آھر چڱائي ڪريو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل