Posts

Showing posts from September, 2023

Profile # 60 Wali Muhammad Jhatial (PST - GBPS Campus Butt Sirai) ولي محمد جھتيال

Image
  محترم جناب سائين ولي محمّد جهتيال صاحب جو جنم 23 ڊسمبر 1965ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ رانجهو جهتيال جي سرولي پاڙي ، يونين ڪائونسل ٻٽ سرائي ، تعلقو ميهڙ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڳوٺ اللّه بخش جهتيال مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ، جتي ھر سال پھرين پوزيشن تي رھيا ـ اٺون ڪلاس گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ٻُٽ سِرائي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، شمس الدين بلبل ، ميهڙ مان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خير پور ناٿن شاھ مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ گريجوئيشن جي تعليم اُستاد بُخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شھباز ايليمينٽري ڪاليج ، دادو مان پي ٽي سي جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ سائين جن کي 7 نومبر 1990ع تي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٻُٽ سِرائي ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ملازمت جو ڪجھ عرصو جن اسڪولن ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، مِٺو جھتيال ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، رانجھو جھتيال شامل آهن ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٻُٽ سِرائي جيڪو ھن وقت ڪيمپس...

Profile # 59 Muhammad Ayub Mallah (Deputy DEO - Primary in District Jamshoro) محمد ايوب ملاح

Image
  محترم جناب سائين محمد ايوب ملاح صاحب جو جنم 9 ڊسمبر 1963ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ انڙپور ، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم 1974ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، انڙپور مان حاصل ڪئي ، جتي سندن ٽيچر محمد خان ميمڻ ، محمد دائود ميمڻ ۽ مٺا خان کوسو رھيا ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، انڙپور مان اٺون ڪلاس پاس ڪيو ، جيڪو ان وقت مڊل اسڪول ھو ـ 1980ع ۾ گورنمنٽ نور محمد ھاء اسڪول ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ، جتي غلام حسين بالادي ھيڊ ماستر ھو ۽ ڌڻي بخش ڀٽو نائين ڪلاس ۾ ۽ شمس الدين ميمڻ سندن ڏھين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر رھيو ـ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ، جتي ان وقت پرنسپال سيد قيصر رضا شاھ ھو ـ گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي ، ڪاري موري ، حيدرآباد مان بي ايس سي جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان 1990ع ۾ فزڪس ۾ ايم ايس سي ۽ 1994ع ۾ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ۽ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ سندن تعلق ملاح ذات جي پا...

Profile # 58 Zaheeruddin Majeedano (PST - GPS Talib ul Moula Colony, Tando Allahyar) ظھيرالدين مجيداڻو

Image
Mr. ZAHEERUDDIN MAJEEDANO was born on December 23, 1995 in Tando Allahyar. He belonged from a poor family of village Allah Bux Arbab, near Mehran Sugar Mills, Tando Allahyar. He passed his matriculation examination from Aqsa Higher Secondary School, Tando Allahyar and intermediate from Government Sindh Model (SM) College, Tando Allahyar. He got Bachelor of Science (BS) in Geology degree from University of Sindh, Jamshoro. He also had done Graphic Designing course from Institute of Business Administration (IBA), Karachi.  He started his career from teaching in private schools. He also worked as a lister in National Rural Support Programme (NRSP), and technical apprentice in National Security Printing Company (NSPC), Ministry of Finance. He passed the IBA test in Education and Literacy Department of Sindh and was appointed as Primary School Teacher (PST) on November 3, 2022 at Government Primary School Talib ul Moula colony, Tando Allahyar. He is also working as a Freelancer on Searc...

Profile # 57 Imtiaz Ahmed Bhurgri (PTI - GBHSII Kotri) امتياز احمد ڀرڳڙي

Image
محترم جناب سائين امتياز احمد ڀرڳڙي صاحب 20 نومبر 1969ع تي دادو شھر ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، مڇي مارڪيٽ ، دادو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز پائليٽ سيڪنڊري ھاء اسڪول ، دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج ، دادو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ڪام سان گڏ بي ايڇ پي اي ڊي جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي آهي ـ سائين جن پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو ميڊيڪل اسٽور ڪيپر رهيا آهن ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۾ ڪينٽين پڻ ھلائي ـ سائين جن سنڌي ناٽڪ رنگ ٽاء ٽاء فش ۾ بھترين اداڪاري جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي ـ سائين جن 2006ع ۾ دبئي ويا ۽ اتي ھڪ مھينو شارجہ جي ھڪ سپر مارڪيٽ ۾ ڪم ڪيو ۽ دبئي شھر جي ھڪ اسپتال ۾ مارڪيٽنگ بہ ڪئي ـ سائين جن کي 21 سيپٽيمبر 2008ع تي پي ٽي آء جو آرڊر مليو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڦلجي ۾ ٿي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، جوھي ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، پيٽاڙو ۾ ڪجھ سال خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سندن 2010ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٽرانسفر ٿيو ـ سائين جن ھ...

Profile # 56 Mehboob Ali Sehito (HST - GBHS Amri) محبوب علي سھتو

Image
  محترم جناب سائين محبوب علي سھتو صاحب جو جنم 13 سيپٽيمبر 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن 1980ع ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، مين سيوھڻ (جنھن کي بعد ۾ سيڪنڊري جو درجو مليو) مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو ھاء اسڪول ، سيوھڻ مان 1985ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان A گريڊ ۾ 71% مارڪن سان پاس ڪيو ـ ان اسڪول ۾ سائين جن ڇھين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين فرسٽ پوزيشن ايندا رھيا ـ سائين جن اٺين ڪلاس ۾ مڊل اسٽينڊرڊ جو امتحان گورنمنٽ پائيليٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، دادو مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ ٻن سالن جي اسڪالرشپ حاصل ڪئي ، جيڪو اٺين ڪلاس جي سالياني امتحان کان ٻه مھينا پھرين ورتو ويو ۽ جڏھن اھو ساليانو امتحان ٿيو ته ان امتحان ۾ به سندن فرسٽ پوزيشن رھي ـ گورنمنٽ انٽر ميڊيئيٽ ڪاليج ، سيوھڻ مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ، جيڪو ھاڻ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ آهي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ سائين جن کي...

Profile # 55 Abdul Rehman Khan Ansari (HST - GBHSII Kotri) عبدالرحمن انصاري

Image
  محترم جناب سر عبدالرحمن خان انصاری صاحب يکم جنوری 1965ع کو ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں پیدا ہوۓ ۔ آپ نے گورنمنٹ کيمپس ھائی سکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری کے پرائمری سيکشن سے پرائمری کی تعليم حاصل کی ـ آپ نے گورنمنٹ بوائز ھائی سکول ، کوٹری سے ميٹرک کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے سٹی کالج ، حيدرآباد سے انٹر کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے سندھ يونيورسٹی ، جامشورو سے گريجوئيشن اور ایم ای اسلامک کلچر کے امتحانات پاس کيئے ـ آپ نے علامہ اقبال اوپن يونيورسٹی ، اسلام آباد سے بی ايڈ اور ایم ایڈ کی پروفيشنل ڈگريز حاصل کیں ۔ آپ نے جناح لا کالج ، حيدرآباد سے ایل ایل بی کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے ٹی ٹی سی کالج ، کوٹری سے آرکیٹیکچر میں ڈپلومہ بھی کیا ہے ۔ آپ ابھی طالب علم ہی تھے کہ آپ کو 27 مئی 1984ع کو پی ایس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی پوسٹنگ کیڈٹ کالج ، پٹارو میں ہوئی ۔ آپ کچھ عرصہ وہاں رہے ، اور پھر آپ کا ٹرانسفر گورنمنٹ کيمپس ھائی سکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری میں ہوا ۔ آپ کا 11 اگست 1993ع میں ایچ ایس ٹی میں پروموشن ہوا ۔ آپ نے انگریزی ، اردو ، ریاضی ، اسلامیات اور مطالعہ پاکستان کے سبجیکٹس پڑھائے ہیں ، ا...

Profile # 54 Muhammad Yaseen Chandio (HST - GBLSS Railo Mian, Jamshoro) محمد ياسين چانڊيو

Image
  محترم جناب سائين محمد ياسين چانڊيو صاحب جو جنم 8 جولائي 1988ع تي ضلعو ڄامشورو جي تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ھاء اسڪول آر بي بي ڪالوني ڄامشورو  مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان انٽر پري ميڊيڪل ۾ پاس ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سوشل ورڪ ۽ ايم اي سنڌي ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي تعليم حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي اين ٽي ايس جي وسيلي آيا ۽ سائين جن کي 18 جولائي 2014ع تي جي  ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھائر  سيڪنڊري اسڪول سن ، تعلقو مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن 1 جولائي 2019ع تي گورنمنٽ بوائز  ھائي اسڪول آر بي بي ڪالوني ، ڄامشورو ۾ بدلي ٿي آيا ۽ سندن 15 جنوري 2021ع تي ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، رائلو  مياڻ ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن انگريزي ، اسلاميات ، سنڌي ، ابتدائي سائنس ، انگلش ۽ پاڪستان جو اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ...

Profile # 53 Abdul Ghafoor Khaskheli (HST - GBHSII Kotri) عبدالغفور خاصخيلي

Image
  محترم جناب سائين عبدالغفور خاصخيلي صاحب جو جنم 25 جنوري 1971ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ٿاڻو بولا خان ۾ ٿيو ـ سندن ابن ڏاڏن جو تعلق بلوچستان جي علائقي لسٻيلو سان ھو ، جيڪي بعد ۾ ڪراچي جي علائقي ميرا ناڪا لياري ۾ آباد ٿيا ـ سندن والد محمد عمر خاصخيلي صاحب ڪراچي ۾ کير جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو واپاري ھو ـ سندن والد ميرا ناڪو لياري کان ٿاڻو بولا خان 1983ع ۾ ھجرت ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول  آشيانہ پارڪ ، ٿاڻو بولا خان نمبر 2 مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سچل سرمست ، حيدرآباد مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ 1999ع ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1 نومبر 1989ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ، جتي سائين جن پنهنجي سروس جا 32 سال گذاريا ـ سائين جن جو 9 سيپٽمبر 2021ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ...

Profile # 52 Saifullah Abro (HST - GBHSII Kotri) سيف الله ابڙو

Image
  محترم جناب سائين سيف اللّٰه ابڙو صاحب جو جنم 28 ڊسمبر 1992ع تي لاڙڪاڻو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول ، لاڙڪاڻو مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪمپوزٽ ڊگري ڪاليج ، ميروخان مان انٽر پري انجنيئرنگ ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي انگلش جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ايجوڪيشن جا شاگرد آھن ـ سائين جن 2016ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن برانچ ۾ ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيا ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ نومبر 2018ع ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ ۾ ضلع ڄامشوري ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ سائين جن کي 22 نومبر 2019ع تي جي اي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، سڪندر آباد ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 20 اپريل 2023ع تي ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن رياضي ، فزڪس ، ابتدائي سائنس ، انگلش ۽ پاڪستان جو اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ...

Profile # 51 Madad Ali Jhatial (Assistant Professor - Pakistan Studies, GSSA&CC Hyderabad) مدد علي جھتيال

Image
  محترم جناب پروفيسر مدد علي جهتيال صاحب جو جنم 11 جنوري 1976ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ رانجهو جهتيال جي سرولي پاڙي ، يونين ڪائونسل ٻٽ سرائي ، تعلقو ميهڙ ۾ ٿيو ـ سندن والد محمد حسن جھتيال صاحب ھڪ محنت ڪش انسان ھو ـ پروفيسر صاحب پرائمري تعليم جا چار درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ٻٽ سرائي ۽ پنجون ڪلاس گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ڳوٺ الله بخش جهتيال مان حاصل ڪئي ـ اٺون ڪلاس گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ٻٽ سرائي مان پاس ڪيائين ـ مئٽرڪ جي تعليم گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، نمبر ون ميهڙ مان حاصل ڪئي ـ ٻارهين جماعت پري ميڊيڪل ۾ گورنمنٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج ، ميهڙ مان حاصل ڪئي ـ گريجوئيشن جي تعليم گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ حاصل ڪئي ـ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان پاڪستان اسٽڊيز ۾ پوزيشن ۾ پاس ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم فل سياسيات جي تعليم حاصل ڪئي ـ ڊپلومه ان مڪينيڪل انجنيئرنگ گورنمنٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ، ان کان علاوه ڇھن مھينن جو واپڊا تربيتي ڪورس ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ، ڄامشورو پاور ھائوس ۽ ڊسپينسر جو ڪورس ڪراچي مان پاس ڪيو ـ پروفيسر صاحب پنهنجي عملي زن...

Profile # 50 Azizullah Odho (Director Schools - Hyderabad region) عزيزالله اوڍو

Image
  محترم جناب پروفیسر عزيزالله اوڍو صاحب جو جنم 27 آگسٽ 1963ع تي ضلعو جيڪب آباد جي ڳوٺ محمد پور اوڍو ، تعلقو ڳڙھي خيرو ۾ ٿيو ـ سندن والد الھڏنو خان اوڍو صاحب پرائمري ٽيچر ھو ـ سندن والدھ محترمہ ھڪ پرائمري استاد طور پنهنجي علائقي ۾ نياڻين جي تعليم لاء ھر دم ڪوشان ھئي ـ سچ پچ تہ ان علائقي ۾ جتي اڄ بہ نياڻين جي تعليم کي مايوس سمجھيو ويندو آھي ، ان علائقي ۾ 1946ع ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪري ھڪ مثال قائم ڪيو ـ نہ فقط اھو پر ھن نيڪ دل خاتون پنھنجي گھر اندر پنهنجي خرچ تي ھڪ ھاسٽل نما رھائش قائم ڪئي ، جتي پري پري جا شاگرد اتي رھي پنهنجي تعليم جاري رکي سگھيا ھئا ـ پروفيسر صاحب 1967ع ۾ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ 1978ع ۾ گورنمنٽ ھاء اسڪول ، محمد پور اوڍو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون ـ 1980ع ۾ چيلاسنگھ سترامداس گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، شڪارپور مان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيائون ـ 1983ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، گھوٽڪي مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائون ـ شاگردي جي زماني کان پاڻ ھڪ بھترين اسڪائوٽ پڻ رھيا آهن ـ پروفيسر صاحب 1984ع ۾ جي ايس ٽي طور گورنمنٽ ھاء اسڪول ڀليڏن...

Profile # 49 Fayaz Hussain Unar (PST - GBPCS Sindhi Main Kotri) فياض حسين انڙ

Image
  محترم جناب سائين فياض حسين اُنڙ صاحب جو جنم 29 ڊسمبر 1969ع تي ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ انڙپور ، تعلقي مانجھند ۾ ٿيو ـ سندن آذان وارو نالو اسرار احمد آهي ـ سائين ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ڪوٽڙِي 2 ، مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽  مسلم سائنس ڪاليج ، حيدر آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم ايس سي جاگرافي ،  ايم اي اڙدو ، ايم اي آء آر ۽ پي جي ڊي ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 3 سيپٽيمبر 1989ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، نانگو لائين ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن تعلقي ڪوٽڙي جي جن اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول  نانگولائين ، گورنمنٽ پرائمري اسڪول بھار ڪالوني ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سنڌي مين 2 ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ريلوي ڪالوني ۾ 2001ع کان 2005ع تائين بطور ھيڊ ماستر ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ، سنڌي مين ، ڪوٽڙي...

Profile # 48 Arjan Kumar Sootahar (HST - GBLSS Kamaro Sharif) ارجن ڪمار سوٽھڙ

Image
  An enthusiastic and self-made ARJAN KUMAR was born in a Hindu family on August 21, 1988 in Tando Allahyar. He got his early education from Government Boys High School and went to Public School for higher studies where he passed intermediate exam in 2005 with flying colors. He got admission in University of Sindh and received Masters degree in Finance besides this achieved professional degrees of BEd and MEd from the same institution. In 2014, he qualified the test and was appointed as JST on 27 June 2014. Working there for 8 years, on 7 April 2022 he was awarded with designation of HST and posted at the school of Kamaro Sharif where he is also as a supervisor. He has 6 years of teaching experience at centre of BEd and MEd Tando Allahyar. Apart from this he attended different workshops and induction training such as, 1. Induction Training 2015 2. Member of SESLOAF implementation plan 3. Peace Training 4. LSBE Phase 1 and 2 at PITE He is also serving as a Master Trainer at district...

Profile # 47 Muzmil Memon (Lecturer Computer Science - Cadet College Petaro) مزمل ميمڻ

Image
  Muzmil Memon from Hala New, District Matiari, Sindh, belongs to a middle-class family and is currently working as a Lecturer in Computer Science/I.T (BPS-17) at Cadet College Petaro. He was born on 13 March 1993 and received his primary and secondary education from a government school in his village, Hala. Due to his father's poor financial condition, he had no chance to pursue higher education at the university level. However, with the support of others, he was able to continue his studies and achieved a top position in the first semester. His merit-based ranking in HEC and Sindh endowment scholarships provided him with financial support every year. He has earned an M.Phil. in Software Engineering through the Prime Minister's program from Quaid-e-Awam University of Engineering, Science, and Technology (QUEST), Nawabshah SBA. He started his first job at the international organization EURONET Pakistan as an IT technical expert. Then, he began his first lecturership at Governme...

Profile # 46 Muhammad Zaman Jhatial (PST - GBPS Allah Bux Khoso, Nasirabad) محمد زمان جھتيال

Image
  محترم جناب سائين محمد زمان جھتيال صاحب جو جنم 2 سيپٽيمبر 1966ع تي ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ننگر جھتيال ، تعلقو نصير آباد ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، پڙمل مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي ٻئين ، ٽئين ، چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ رياضي ۾ ڪيترائي انعام مليا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، نصير آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، نصير آباد مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي مان بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي 1986ع ۾ مختلف کاتن ۾ مختلف آرڊر مليا جن ۾ سنڌ پوليس ۾ اي ايس آئي ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل ۽ زراعت کاتي ۾ داروغو جا آرڊر شامل آهن ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 21 نومبر 1987ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري مسجد اسڪول ، مور معرفاڻي ، تعلقو وارھ ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ملازمت جو ڪجھ عرصو تعلقي نصير آباد جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، الھداد چانڊيو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، راضي جھتيال ۾ بطور ھيڊ ماستر گذاريو ـ سائين جن تعلقو ايجوڪيشن آفيس ، نصيرآباد ۾ سال 2...

Profile # 45 Muhammad Arif Shaikh (PST - GBPCS Sindhi Main Kotri) محمد عارف شيخ

Image
محترم جناب سر محمد عارف شيخ صاحب 7 مئی 1974ع میں ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں پیدا ہوئے ۔ آپ نے گورنمنٹ کيمپس سکول ، اشاعت الاسلام ، کوٹری سے ميٹرک تک تعلیم حاصل کی ۔ آپ پہلی کلاس سے آٹھويں تک فرسٹ پوزيشن رہے اور آپ نے چھٹی کلاس میں ضلع دادو میں دوسری پوزيشن آنے پر مہتاب اکبر راشدی صاحبہ کے ہاتھوں سے انعام وصول کيا ـ آپ کا شمار نويں کلاس کے ان ہونہار طلباء میں ہوتا تھا جنہوں نے 300 سے زيادہ نمبر ليے ـ آپ نے گورنمنٹ ڈگری کالج ، لطيف آباد ، حيدرآباد سے انٹر کا امتحان پاس کيا ۔ آپ نے سندھ يونيورسٹی ، جامشورو سے بی اے اور ايم اے اردو کے امتحانات پاس کيئے ۔ آپ نے گورنمنٹ ايليمنٹری کالج ، حيدرآباد سے پی ٹی سی اور سی ٹی کے کورسز کيئے ۔ آپ نے ايلسا قاضی کيمپس ، حيدرآباد سے بی ايڈ کی بطور ٹیچر پروفیشنل ڈگری حاصل کی ۔ آپ نے کمپيوٹر کے بہت سارے کورسز کيئے اور آپ کا شمار کمپيوٹر ايکسپرٹ کے طور پر ہوتا ہے ـ آپ نے کچھ عرصہ نگينہ کاٹن مل کوٹری میں کمپيوٹر آپريٹر کی جاب کی ـ آپ کو محکمہ تعليم میں 25 اکتوبر 1995ع کو پی ايس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی اپائنٹمنٹ گورنمنٹ شہباز پرائمری سکول ، بہار کالونی ، کوٹ...

Profile # 44 Riaz Muhammad Gakhar (PST - GBPCS Sindhi Main Kotri) رياض محمد گکھڑ

Image
  محترم جناب سر رياض محمد گکھڑ صاحب 19 اگست 1963ع میں ضلع جامشورو کے شہر کوٹری میں پیدا ہوئے ۔ آپ کے والد عبدالکريم گکھڑ صاحب پاکستان ريلوے میں ڈرائيور تھے ۔ آپ بہن بھائیوں میں چوتھے نمبر پر ہیں ۔ آپ نے گورنمنٹ بوائز پرائمری سکول ، ريلوے کالونی ، کوٹری سے پرائمری کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے گورنمنٹ بوائز ھائی سکول ، کوٹری سے ميڻرک کا امتحان پاس کيا ـ آپ نے سڻی کالج ، حیدرآباد سے انٹر کا امتحان پاس کيا ۔ آپ نے سندھ يونيورسٹی ، جامشورو سے ايم اے اسلامک کلچر کا امتحان پاس کيا ۔ آپ نے گورنمنٹ ايليمنڻری کالج ، حیدرآباد سے پی ڻی سی اور سی ڻی کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے ايلسا قاضی کيمپس ، حیدرآباد سے بی ايڈ کی تعلیم حاصل کی ۔ آپ نے کچھ عرصہ ايک پرائيويٹ جاب کی ـ آپ کو محکمہ تعليم میں 2 ستمبر 1984ع کو پی ايس ٹی کا آرڈر ملا ۔ آپ کی اپائنٹمنٹ گورنمنٹ بوائز پرائمری سکول ، چودھری کرم الدين گوڻھ ، کوٹری میں ہوئی ۔ آپ نے ملازمت کا کچھ عرصہ جن سکولوں میں گزارا ہے ان میں گورنمنٹ بوائز پرائمری سکول ، اردو مين ، کوٹری ، گورنمنٹ بوائز لوئر سيکنڈری سکول ، سکندر آباد ، کوٹری اور گورنمنٹ کيمپس سکول ، اشا...

Profile # 43 Mehboob Ali Lakho (HM - GBHS Arazi) محبوب علي لاکو

Image
  محترم جناب سائين محبوب علي لاکو صاحب 5 جنوري 1975ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ آراضي ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آراضي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن انٽر کان ايم اي اقتصاديات تائين گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پاس ڪئي ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ آراضي ڳوٺ سڌار سنگت جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامن جي 10 کان 15 شوز ۾ پنهنجي بھترين اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا آهن ـ سائين جن اڃان شاگرد ھئا ۽ ارڙھن سالن جا مس ٿيا تہ تعليم کاتي ۾ 26 نومبر 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪرمپور ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن آگسٽ 1995ع کان 30 جولاء 2008ع تائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آراضي ۾ ۽ 30 جولاء 2008ع کان 30 مئي 2009ع تائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڄامشورو ڪالوني ۾ رھيا ـ سائين جن جو 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ ...

Profile # 42 Madad Ali Kalhoro (HST - GBHS Kotri) مدد علي ڪلھوڙو

Image
  محترم جناب سائين مدد علي ڪلھوڙو صاحب جو جنم 2 جنوري 1984ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد ڪوڙل ڪلھوڙو صاحب ھڪ مشھور بزنس مين ھو ـ سائين جن پنهنجي والد جو پھريون اولاد آھن ۽ سندن والد صاحب سندن تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو ھو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول المھراڻ ، غريب آباد ڪالوني ، ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون ـ علي بابا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائون ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي ۽ نباتات ۾ ايم ايس سي جا امتحان پاس ڪيا ـ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ريگيولر ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ـ سائين جن پنھنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات 2006ع ۾ پرائيويٽ اسڪولز ۾ ٽيچنگ کان ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ ايس ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 28 مئي 2010ع تي پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ولي داد جوکيو ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن ھڪ دفعو ٻيھر تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 23 سيپٽيمبر 2014ع تي...

Profile # 41 Rashid Ali Khaskheli (HST - GHSS Thano Bula Khan) راشد علي خاصخيلي

Image
محترم جناب سائين راشد علي خاصخيلي صاحب جو جنم 2 آگسٽ 1987ع تي خاصخيلي محلو ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ، ضلعو ڄامشورو ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد دوست علي خاصخيلي صاحب وفاقي اداري پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن مان رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول ، آشيانہ پارڪ ، ٿاڻو بولا خان نمبر 2 مان پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان مان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي آء آء سي ٽي مان اليڪٽرانڪس ۾ بي ايس آنرز ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي ، حيدرآباد مان فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ايوننگ ۾ ريگيولر ڪلاس سان سائنس جي سبجيڪٽس ميٿ ۽ فزڪس ۾ اسپيشلائيزيشن سان ڪئي ـ سائين جن زيبسٽ ، حيدرآباد مان ايم ايس آفيس ، آئي ٽي ۽ انگلش لينگويج جا ڪورس پڻ ڪيا آهن ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 18 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ، جتان سائين جن مئٽرڪ ۽ ...