Profile # 60 Wali Muhammad Jhatial (PST - GBPS Campus Butt Sirai) ولي محمد جھتيال

 

محترم جناب سائين ولي محمّد جهتيال صاحب جو جنم 23 ڊسمبر 1965ع تي ضلعو دادو جي ڳوٺ رانجهو جهتيال جي سرولي پاڙي ، يونين ڪائونسل ٻٽ سرائي ، تعلقو ميهڙ ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ڳوٺ اللّه بخش جهتيال مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ، جتي ھر سال پھرين پوزيشن تي رھيا ـ اٺون ڪلاس گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ٻُٽ سِرائي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، شمس الدين بلبل ، ميهڙ مان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، خير پور ناٿن شاھ مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ـ گريجوئيشن جي تعليم اُستاد بُخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، دادو مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شھباز ايليمينٽري ڪاليج ، دادو مان پي ٽي سي جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي ـ

سائين جن کي 7 نومبر 1990ع تي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٻُٽ سِرائي ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ملازمت جو ڪجھ عرصو جن اسڪولن ۾ گذاريو تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، مِٺو جھتيال ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، رانجھو جھتيال شامل آهن ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ٻُٽ سِرائي جيڪو ھن وقت ڪيمپس اسڪول آھي ، ۾ بھترين نموني پنھنجيون خدمتون سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ

سائين جن ڳوٺ جي فلاحي تنظيم شاھ لطيف سماجي تنظيم جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ شاگردي واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ والي بال جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن ھڪ قابل ۽ محنتي استاد طور سڄاتا وڃن ٿا ـ ڪو به آفيسر جڏھن سندن اسڪول ۾ وزٽ تي ايندو آهي ته سندن تعريف ۾ وزٽر نوٽ ضرور لڳائيندو آهي ـ سندن محنت ۽ قابليت کي ڏسي ڪري ھيڊ ماستر سائين عبدالنبي جھتيال ۽ ھيڊماستر سائين جعفر علي شاھ سندن پنهنجن اسڪولن ۾ بدلي ڪرائڻ تي زور ڀريو پر سائين جن جي بقول ته سائين جن پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول لاء پنهنجيون خدمتون وقف ڪري ڇڏيون آهن جتي ٻيا ٽيچر سندن ئي شاگرد آهن ـ سندن شاگرد مختلف سرڪاري کاتن جھڙوڪ پاڪستان آرمي ، سنڌ پوليس ، تعليم ، صحت وغيرھ ۾ مختلف عھدن تي ملازمت ڪري رھيا آهن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين فخرالدين جھتيال ، سائين عرض محمّد جھتيال ، سائين غلام رسول جھتيال ، سائين تاج محمد سومرو ، مڊل ۾ سائين شمس الدين ٻُٽ ، سائين نظام الدين ٻُٽ ، ھاء اسڪول ۾ سائين عبدالرئوف لاکير ، سائين عبدالقادر لاکير شامل آھن ـ

سائين جن جو والد محمّد حسن جھتيال صاحب ھڪ محنت ڪش انسان ھو ـ سائين جن ڀائرن ۾ ٻيون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء گل محمّد جھتيال صاحب اڪنامڪس ۾ ليڪچرر ريٽائرڊ ٿيو آهي ـ ٻيو ڀاء لعل بخش جھتيال صاحب پاڪستان آرمي مان ريٽائرڊ ٿيو آهي ـ ٽيون ڀاء منصور علي جھتيال صاحب جو پنهنجو ذاتي ڪاروبار آهي ـ چوٿون ڀاء پروفیسر مدد علي جھتيال صاحب گورنمنٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ، تِلڪ چاڙھي ، حيدرآباد ۾ پاڪستان اسٽڊيز جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي ـ سندن وڏو فرزند وقار علي جھتيال پاڪستان اسٽڊيز ۾ ماسٽرس سان گڏ ايم ڪام ۾ ماسٽرس ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ به ڪئي آهي ۽ سنڌ پوليس ۾ اي ايس آء آھي ـ ٻئي فرزند رحمٰن علي جھتيال بي ايس سي ڪئي آهي ۽ پاڪستان آرمي ۾ آھي ۽ پاڪستان آرمي طرفان سعودي عرب ۾ به ڊيوٽي جا فرض نڀائي آيو آهي ـ ٽيون فرزند وسيم علي جھتيال اِسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ سنڌ پوليس ۾ وائرليس آپريٽر رھڻ کانپوء ھن وقت پنهنجي والد سان گڏ ساڳئي ئي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ، ٻُٽ سِرائي ۾ 2022ع ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪري پي ايس ٽي جون ذميواريون نڀائي رھيو آهي ـ چوٿون فرزند فرقان علي جھتيال گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ مڪينڪ جو ڪم ڪندو آهي ـ پنجون فرزند وفا علي جھتيال بي ايس سي ڇھون فرزند رضا علي انٽر ۽ ستون فرزند مصيّب علي اٺين ڪلاس جو شاگرد آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو ته مان پنهنجن سڀني ٻارن کي قرآن پاڪ پاڻ پڙھايو آهي ۽ ھر استاد کي به پنهنجن ٻارن کي پاڻ قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ گھرجي ـ مان پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي ڏسي ڪري جيڪي وڏا آفيسر ٿي رھيا ۽ انھن مان متاثر ٿي ڪري پنهنجي اولاد سان گڏ پنهنجي اسڪول جي ٻارن کي اھا نصيحت ڪندو آھيان ته محنت ڪريو ۽ ھمت نه ھاريو ـ توھان کي محنت جو ڦل ضرور ملندو ۽ توهان به پنهنجي منزل ضرور ماڻيندؤ ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته آفيسر ايماندار ھجن ، مانيٽرنگ ٽيم سچائي سان استادن جي ڪارڪردگي اڃان وڌيڪ بھتر بڻائڻ تي ڪم ڪري ته سنڌ جي تعليم ضرور بھتر ٿيندي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "محنت جاري رکو ـ محنت ڪاميابي جي ڪنجي آهي ـ فضول ڪمن کان پاسو ڪريو ـ والدين ۽ استادن کان ھر وقت رھنمائي وٺندا رھو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل