Profile # 53 Abdul Ghafoor Khaskheli (HST - GBHSII Kotri) عبدالغفور خاصخيلي
محترم جناب سائين عبدالغفور خاصخيلي صاحب جو جنم 25 جنوري 1971ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ٿاڻو بولا خان ۾ ٿيو ـ سندن ابن ڏاڏن جو تعلق بلوچستان جي علائقي لسٻيلو سان ھو ، جيڪي بعد ۾ ڪراچي جي علائقي ميرا ناڪا لياري ۾ آباد ٿيا ـ سندن والد محمد عمر خاصخيلي صاحب ڪراچي ۾ کير جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو واپاري ھو ـ سندن والد ميرا ناڪو لياري کان ٿاڻو بولا خان 1983ع ۾ ھجرت ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول آشيانہ پارڪ ، ٿاڻو بولا خان نمبر 2 مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سچل سرمست ، حيدرآباد مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ 1999ع ۽ ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 1 نومبر 1989ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري مين اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ، جتي سائين جن پنهنجي سروس جا 32 سال گذاريا ـ سائين جن جو 9 سيپٽمبر 2021ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ھاء اسڪول ، ٿاڻو احمد خان ۾ ٿي ـ سندن 2023ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن ابتدائي سائنس ، رياضي ، سنڌي ۽ پاڪستان جو اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر رھيا آهن ۽ يونٽ گورنمنٽ ھاء اسڪول ٿاڻو احمد خان جا صدر آهن ـ
سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون محترمہ بينظير ڀٽو ، محترم ماستر شوڪت خاصخيلي صاحب ، علي محمد خان آھن ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ مرحوم سائين عبد الله خاصخيلي ، مرحوم سائين قائم الدين ميمڻ ، سيڪنڊري ۾ سائين قربان ڪلھوڙو ، سائين عبدالمجيد خاصخيلي ، سائين غلام مصطفٰي خشڪ ، يونيورسٽي ۾ پروفيسر اي ڊي سھتو آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست مرحوم مشتاق احمد ميمڻ ۽ مرحوم نظام الدين خاصخيلي ھئا ، جيڪي قربانيون ڏيندڙ شخصيتون ھيون ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ پنجون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء مرحوم مظھر فاروق خاصخيلي پي ايس ٽي ھو ـ سندن ٻيو ڀاء رفيق احمد خاصخيلي ايس ايس جي سي ٿاڻو بولا خان ۾ ايريا مينيجر آھن ـ سندن ٽيون ڀاء شڪيل احمد خاصخيلي ميڊيڪل اسٽور ڪيپر آھن ۽ ٻني ٻارو بہ ڪندا آهن ـ سندن گھر واري ٽي اي او (فيمل) پرائمري ، تعلقو ٿاڻو بولا خان آهن ـ
سائين جن شروعاتي زندگي جا پندرنھن سال ھوم ٽيوشن پڙھائيندا رھيا ـ سائين جن 2017ع ۾ پنهنجن ٻارن جي تعليم جي لاء ٿاڻو بولا خان کان حيدرآباد ھجرت ڪئي ـ
سائين جن جي شخصيت سماجي ڪمن جي حوالي سان سڄاتي وڃي ٿي ـ سائين جن پنهنجي مدد پاڻ تحت غريب ماڻھن کي اسپتال پھچائڻ ۽ انھن جو علاج ڪرائڻ جي ڪري مشهور آهن ـ سائين جن پنهنجي خرچ تي نيو ميمڻ محلہ ، ٿاڻو بولا خان ۾ گئس جي سھولت مھيا ڪري ڏني ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ٻارن کي جديد دؤر جي تعليم ڏجي ـ اڄڪلھ ٽيڪنالوجي جو دور آهي ، ان ڪري ھر اسڪول ۾ ٻارن لاء جديد ليب جو سامان ۽ تجربيگاھ مڪمل فعال ھجڻ گھرجن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم کي اھميت ڏيو ـ خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment