Profile # 43 Mehboob Ali Lakho (HM - GBHS Arazi) محبوب علي لاکو

 

محترم جناب سائين محبوب علي لاکو صاحب 5 جنوري 1975ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ آراضي ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آراضي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن انٽر کان ايم اي اقتصاديات تائين گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ شريف مان پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پاس ڪئي ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ آراضي ڳوٺ سڌار سنگت جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن اسٽوڊنٽ لائف ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامن جي 10 کان 15 شوز ۾ پنهنجي بھترين اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا آهن ـ

سائين جن اڃان شاگرد ھئا ۽ ارڙھن سالن جا مس ٿيا تہ تعليم کاتي ۾ 26 نومبر 1993ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪرمپور ، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿي ـ سائين جن آگسٽ 1995ع کان 30 جولاء 2008ع تائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آراضي ۾ ۽ 30 جولاء 2008ع کان 30 مئي 2009ع تائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڄامشورو ڪالوني ۾ رھيا ـ سائين جن جو 30 مئي 2009ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، پيٽاڙو ۾ ٿي ـ سائين جن جو 31 جولاء 2010ع تي ٽرانسفر گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو 6 مارچ 2023ع تي ايڇ ايس ٽي مان ھيڊ ماستر ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ سندن جي ئي ڳوٺ ۾ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آراضي ۾ ٿي ، جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ۽ جي ايس ٽي طور بہ خدمتون سرانجام ڏنيون ھيون ـ سائين جن انگريزي ۽ رياضي جا سبجيڪٽ پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ڇھين ، اٺين ، نائين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

سائين جن 2010ع کان 2013ع تائين استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي تعلقي ڪوٽڙي جا جوائنٽ سيڪريٽري رهيا آهن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ سندن والد گل محمد لاکو ، سائين منظور احمد پنھور ، سائين عبدالمجيد ڏيٿو ، سائين محمد اشرف آرائين ، سائين ميھر علي پنھور ، سائين غلام سرور بليدي ، سائين الھبچايو ڪلھوڙو ء سائين لال محمد ڀٽي شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ محمد اسلم چانڊيو ، منصور ميمڻ ، منظور چانڊيو ، منظور علي نائچ ۽ غلام شبير کوسو شامل آهن ـ سائين جن جون پسنديدھ شخصيتون سندن والد گل محمد لاکو ۽ منظور احمد پنھور آهن ـ

سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آھن ـ سائين جن جي خاندان جون کوڙ ساريون شخصيتون سرڪاري ملازمت ۾ رھيون آهن ـ سندن والد گل محمد لاکو تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي رھيا آهن ـ سندن ڏاڏو محمد ڇٽل لاکو تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي رهيا آهن ـ سندن مامو محمد قاسم لاکو تعليم کاتي ۾ ضلعي ڄامشوري جا ضلعي آفيسر اسپورٽس رھيا آهن ـ سندن ھڪ ڀاء مقصود علي لاکو آبپاشي کاتي ۾ آر بي او ڊي سيڪشن ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر آهن ـ سندن ھڪ سئوٽ ڊاڪٽر نديم احمد لاکو واپڊا اسپتال ، دادو ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ڪم ڪري رھيا آهن ـ سندن ھڪ ماروٽ ڊاڪٽر محمد طاھر لاکو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ آرٿوپيڊڪ سرجن طور فرض نڀائي رھيا آهن ـ

سائين جن تعليم جي بھتري تي ڳالھائيندي چيو تہ اسان سڀني کي پاڻ ميدان ۾ لھي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو تڏھن سنڌ جي تعليم سڌرندي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان استادن ، شاگردن ۽ عام ماڻهن کي پيار ، محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو ـ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل