Profile # 57 Imtiaz Ahmed Bhurgri (PTI - GBHSII Kotri) امتياز احمد ڀرڳڙي


محترم جناب سائين امتياز احمد ڀرڳڙي صاحب 20 نومبر 1969ع تي دادو شھر ۾ پيدا ٿيا ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، مڇي مارڪيٽ ، دادو مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز پائليٽ سيڪنڊري ھاء اسڪول ، دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ ڪامرس ڪاليج ، دادو مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ڪام سان گڏ بي ايڇ پي اي ڊي جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪئي آهي ـ

سائين جن پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو ميڊيڪل اسٽور ڪيپر رهيا آهن ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ڪوٽڙي ۾ ڪينٽين پڻ ھلائي ـ سائين جن سنڌي ناٽڪ رنگ ٽاء ٽاء فش ۾ بھترين اداڪاري جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي ـ سائين جن 2006ع ۾ دبئي ويا ۽ اتي ھڪ مھينو شارجہ جي ھڪ سپر مارڪيٽ ۾ ڪم ڪيو ۽ دبئي شھر جي ھڪ اسپتال ۾ مارڪيٽنگ بہ ڪئي ـ سائين جن کي 21 سيپٽيمبر 2008ع تي پي ٽي آء جو آرڊر مليو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڦلجي ۾ ٿي ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، جوھي ۽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، پيٽاڙو ۾ ڪجھ سال خدمتون سر انجام ڏنيون ـ سندن 2010ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٽرانسفر ٿيو ـ سائين جن ھن وقت سورھين گريڊ ۾ آهن ـ سائين جن سماجي اڀياس ۽ آسان اڙدو جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ سان گڏ انساني حقن واري تنظيم ۽ سنتپت جا بہ تمام گھڻا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن ڪرڪيٽ ، فوٽ بال ۽ والي بال جا ڪوچ رھيا آھن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي دوران اسڪول ٽيمن کي کوڙ سارا ميچ کٽرايا آهن ـ

سائين جن جي بھترين استادن ۾ پرائمري ۾ سائين سورج مل ، سائين غلام حسين ميمڻ ۽ سائين منير احمد ميمڻ ، سيڪنڊري ۾ سائين عثمان ميمڻ ، سائين سريچند ، سائين غلام رسول قريشي ، سائين ھدايت الله مگسي ، سائين حبيب الله بلوچ ، سائين نجم الدين سھاڳ ، سائين علي حيدر ڀرڳڙي ، سائين نياز احمد جتوئي ۽ سائين عبدالقادر ساھڙ شامل آهن ـ سائين جن جي بھترين دوستن ۾ عبدالمجيد ٿھيم (اڪائونٽنٽ) ، حاجي الطاف حسين ڏاوڇ (گسٽا صدر ضلعو ڄامشورو) ، حاجي امداد ڏاوڇ ، رحمت الله قريشي ۽ شاھنواز ڪوريجو شامل آھن ـ

سائين جن جو والد علي بخش ڀرڳڙي دادو ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ آبپاشي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ رھي چڪو آهي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٽيون نمبر آهن ـ سندن ھڪ ڀاء امان الله ڀرڳڙي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن حيدرآباد ۾ ملازمت ڪري رھيو آهي جڏهن تہ ٻيو ڀاء عنايت الله ڀرڳڙي بيورو آف ڪريڪيولم ڄامشورو ۾ اڪائونٽنٽ آهي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن توڙي عام ماڻھن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو "علم کانسواء انسان ڪجھ ناھي ـ علم وڏي شئي آهي ـ جھالت کان نڪرو ، علم پرايو ۽ علم سان محبت ڪريو ـ انسانيت جو قدر ڪريو ـ پنهنجو ڪم سچائي سان ڪريو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل