Profile # 51 Madad Ali Jhatial (Assistant Professor - Pakistan Studies, GSSA&CC Hyderabad) مدد علي جھتيال
محترم جناب پروفيسر مدد علي جهتيال صاحب جو جنم 11 جنوري 1976ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ رانجهو جهتيال جي سرولي پاڙي ، يونين ڪائونسل ٻٽ سرائي ، تعلقو ميهڙ ۾ ٿيو ـ سندن والد محمد حسن جھتيال صاحب ھڪ محنت ڪش انسان ھو ـ پروفيسر صاحب پرائمري تعليم جا چار درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ٻٽ سرائي ۽ پنجون ڪلاس گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ڳوٺ الله بخش جهتيال مان حاصل ڪئي ـ اٺون ڪلاس گورنمنٽ مڊل اسڪول ، ٻٽ سرائي مان پاس ڪيائين ـ مئٽرڪ جي تعليم گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول ، نمبر ون ميهڙ مان حاصل ڪئي ـ ٻارهين جماعت پري ميڊيڪل ۾ گورنمنٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج ، ميهڙ مان حاصل ڪئي ـ گريجوئيشن جي تعليم گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، خيرپور ناٿن شاھ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ حاصل ڪئي ـ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان پاڪستان اسٽڊيز ۾ پوزيشن ۾ پاس ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم فل سياسيات جي تعليم حاصل ڪئي ـ ڊپلومه ان مڪينيڪل انجنيئرنگ گورنمنٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد ، ان کان علاوه ڇھن مھينن جو واپڊا تربيتي ڪورس ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ، ڄامشورو پاور ھائوس ۽ ڊسپينسر جو ڪورس ڪراچي مان پاس ڪيو ـ
پروفيسر صاحب پنهنجي عملي زندگيءِ جي شروعات پوسٽ گريجوئيشن دوران ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس ۾ نوڪري سان ڪئي ـ 2004ع ۾ پاڪستان ريلوي جي ڪميشن پاس ڪري سب انجنيئر (پروڊڪشن) طور ڪم ڪيائين ـ 2004ع ۾ ئي ايس پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪري 2005ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ پاڪستان اسٽڊيز جي ليڪچرر طور سليڪٽ ٿيا ـ سندن پهرين پوسٽنگ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ميھڙ ۾ ٿي ـ ان کان پوءِ گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ، قاسم آباد ۽ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد ۽ گورنمنٽ سچل سرمست پوسٽ گريجوئيٽ ڪامرس ڪاليج ، ھيرآباد ۾ پنهنجيون خدمتون ڏيندا رهيا ـ سندن 2021ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ۾ ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، مٽياري ۾ ٿي ۽ ھن وقت گورنمنٽ سچل سرمست آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ، تلڪ چاڙھي ، حيدرآباد ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آهن ـ
پروفيسر صاحب ڪاليج جي استادن جي تنظيم سپلا جو ڊسٽرڪٽ جوائنٽ سيڪريٽري ضلعو دادو ۽ ڊسٽرڪٽ سينئر وائيس پريزيڊنٽ ضلعو حيدرآباد رھيا آهن ـ ان سان گڏ ھيومن رائيٽس آف پاڪستان جا آرگنائيزر پڻ رهيا آهن ـ پروفيسر صاحب ھن وقت بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ريسرچ سينٽر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ، ڄامشورو جو سليبس ڪاميٽي جو مستقل رڪن آهي ـ ان سان گڏ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي پاڪستان اسٽڊيز ۾ پڙھائيندو رھيو آهي ـ پروفيسر صاحب آل پاڪستان جھتيال اتحاد جي حوالي سان به ھر وقت اڳڀرا رھندا آيا آهن ـ
پروفيسر صاحب جا ٻه ڪتاب "پاڪستان جو مڪمل اڀياس" ۽ "پاڪستان ھڪ نظر ۾" شايع ٿي چڪا آهن ـ سندن سو کان مٿي سنڌ جي مختلف سنڌي اخبارن ۽ اڙدو اخبار جنگ ۾ ڪالم پبلش ٿيل آهن ـ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ريڊيو لاء ٻه ڊراما لکيا اٿس ـ پروفيسر صاحب کي سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ متحرڪ رھڻ ڪري مهراڻ ٽيلي ويزن ۽ ڪلياڻ ٽيليويزن تي لائيو پروگرامن ۾ مدعو ڪيو ويندو آهي ، سندن ٽي دفعا ايوارڊ مليا اٿس ـ پھريون دفعو تنظيم اساتذھ پاڪستان جي طرفان 2019ع ۾ ، ٻيو دفعو ڊاڪٽر قربان جھتيال ايوارڊ سماجي خدمتن تي مليو ـ 2020ع ۾ گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ، قاسم آباد ، حيدرآباد جو نڪرندڙ ساليانو ميگزين 2012ع ۽ 2013ع جو چيف ايڊيٽر رھيو ۽ گورنمنٽ سچل سرمست ڪامرس ڪاليج ، حيدرآباد جو 36 سالن کانپوء نڪرندڙ ميگزين جو چيف ايڊيٽر رھيو جنھن تي سندس ٽيون دفعو ايوارڊ مليو ـ جڏھن پروفيسر صاحب گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج ، مٽياري ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا ته سندن خدمتن جي ڪري ڪاليج ميگزين جي ايندڙ شماري جو چيف ايڊيٽر ڪيو ويو ـ سندس جو نالو ادبي سماجي ۽ تعليمي خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿو ـ سندن رھيل ڪتابن ۾ "جھتيال" ڪتاب ، جيڪو جھتيال برادري تي لکجندڙ پھريون ڪتاب ھوندو ۽ پھريون دفعو پنهنجي برادري تي پاڻ ڪتاب لکڻ جو سھرو به پروفيسر صاحب تي اچي ٿو ـ ان سان گڏ انگريزي ڪتاب "پاڪستان افيئرس" ۽ ٻيو اڙدو ڪتاب "مطالعه پاکستان" ۽ "پاک و ھند اور سندھ" آھن ـ
پروفيسر صاحب جي پسنديدھ شخصيت مائوزي تنگ ۽ ذوالفقار علي ڀٽو آهن ـ سندن بھترين استادن ۾ سائين محمد عمر پتوجو ، سائين الھڏنو جھتيال ، پروفيسر مدد علي ڪيريو ، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي ، پروفيسر محمد يعقوب مغل ، پروفيسر غلام نبي ساھڙ ، پروفيسر محمد حسن شيخ ، پروفيسر بشير احمد شيخ ۽ پروفيسر الله رکيو ٻٽ شامل آهن ـ پروفيسر صاحب ڪرڪيٽ ۽ والي بال ۾ ڪيپٽن رھيا آهن ـ
پروفيسر صاحب ڀائرن ۾ چوٿون نمبر آهن ـ سندن وڏو ڀاء گل محمد جھتيال صاحب اڪنامڪس ۾ ليڪچرر ريٽائرڊ ٿيو آهي ـ ٻيو ڀاء ولي محمد جھتيال صاحب پي ايس ٽي آهي ـ ٽيون ڀاء لعل بخش جھتيال صاحب پاڪستان آرمي مان ريٽائرڊ ٿيو آهي ـ چوٿون ڀاء منصور علي جھتيال صاحب جو پنهنجو ذاتي ڪاروبار آهي ـ سندن وڏو فرزند نعمت علي جھتيال سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جو شاگرد آھي ۽ ڊي اي اي اليڪٽريڪل پڻ ڪيو اٿس ـ
پروفيسر صاحب سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان تعليم جي باري ۾ ڳالھائيندي چيو ته جيڪي ھن وقت ڪامياب فيلڊون آهن مثلاً انفارميشن ٽيڪنالوجي ، ميڊيڪل ، انجنيئرنگ ، ڪامرس ۽ لا ـ نوجوانن کي گهرجي ان طرف ڌيان ڌري تعليم حاصل ڪن ـ ٻارن جي والدين لاء ھڪ ننڍڙو ميسيج ڏيندي چيو ته پنهنجي اولاد تي خاص ڌيان ڏين ۽ انھن کي ٽائم ڏين ڇو ته سماجي برائيون ڏينھون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن ۽ انهن جو ٻارن تي تمام گھڻو اثر پئجي رھيو آهي ـ جيڪڏهن توھان پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏيندو تڏهن ئي توهان جا ٻار سماجي برائين کان بچي سگھندا ـ
پروفيسر صاحب فيسبوڪ جي توسل سان سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن ۽ عام ماڻھن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو "محنت تي يقين رکو ، جيڪو محنت ڪندو ان کي ان جو صلو ضرور ملندو ـ فضول ڪمن ڪارين کان پاسو ڪريو ـ والدين ۽ استادن جي دل ۽ جان سان عزت ڪريو ـ اھي ئي توھان جا رھبر ۽ رھنما آهن ـ سندن کان ھر وقت رھنمائي وٺندا رھو ـ"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم پروفيسر صاحب جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment