Profile # 49 Fayaz Hussain Unar (PST - GBPCS Sindhi Main Kotri) فياض حسين انڙ
محترم جناب سائين فياض حسين اُنڙ صاحب جو جنم 29 ڊسمبر 1969ع تي ضلعي ڄامشوري جي ڳوٺ انڙپور ، تعلقي مانجھند ۾ ٿيو ـ سندن آذان وارو نالو اسرار احمد آهي ـ سائين ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ڪوٽڙِي 2 ، مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدر آباد مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم ايس سي جاگرافي ، ايم اي اڙدو ، ايم اي آء آر ۽ پي جي ڊي ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم حاصل ڪئي ـ
سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 3 سيپٽيمبر 1989ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، نانگو لائين ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن تعلقي ڪوٽڙي جي جن اسڪولن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون تن ۾ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول نانگولائين ، گورنمنٽ پرائمري اسڪول بھار ڪالوني ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، سنڌي مين 2 ، گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ريلوي ڪالوني ۾ 2001ع کان 2005ع تائين بطور ھيڊ ماستر ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ، سنڌي مين ، ڪوٽڙي ۾ 2005ع کان جولاء 2017ع تائين بطور ھيڊ ماستر رهيا ۽ ھن وقت بطور نائب ٽيچر گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ، سنڌي مين ڪوٽڙي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ـ سائين جن جو بطور ايڇ ايس ٽي جو پروموشن ٿيو ھو تقريباً ڇھ مھينا گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون پر واپس پي ايس ٽي جوائن ڪيائون ـ سائين جن پرائمري جا سڀ سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن 2007ع ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو گورنمنٽ بوائز پرائمري سنڌي مين ڪئمپس اسڪول ۾ ارلي چائلڊ ايڊيوڪيشن اسڪول جي سطح تي ڊجيٽل اي سي اي ڪلاس شروع ڪيو ۽ ان جي لاء مختلف مضمونن جا سافٽ ويئر پڻ ٺاھيا ـ اھو ڪلاس ٻہ سال سندن سربراھي ۾ انگريزي ميڊيم ۾ ھليو ان ڪلاس جي خوبي اها هئي ته اهو پيپر ليس ڪلاس ھئو ـ ان پروجيڪٽ جي تعريف ان وقت جي اي ڊي او پرائمري ڄامشورو سائين عبدالمجيد حر صاحب جن پڻ ڪئي ۽ ڊائريڪٽر اسڪولس پرائمري حيدرآباد ڊويزن الھبچايو خاصخيلي صاحب ان جي بجيٽ بہ رکي پر بعد ۾ ان تي ضلعي سطح جي ٻين تعليمي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري عمل نہ ٿي سگهيو ۽ بجيٽ ليپس ٿي وئي ـ ان طرز جي ڪلاس ھاڻ صرف اسلام آباد جي ايف-8 سيڪٽر ۾ گورنمنٽ جي نگراني ۾ ھلي رھيو آهي جنھن جو افتتاح ان دور جي وزير اعظم نواز شريف ڪيو ـ
سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، ريلوي ڪالوني ۾ ملازمت دوران ضلعو ڄامشورو جي پھرين ڪمپيوٽرائيزڊ رزلٽ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ سرٽيفيڪيٽ تيار ڪيا ـ سائين جن جون تعليم جي ميدان ۾ خدمتن کي ڏسي ڪري 2007ع ۾ روينيو کاتي جي ڪجهه آفيسرن ۽ ان دور جي تعليم کاتي جي آفيسر غلام سرور ملاح صاحب ۽ ڪجهه ٻين عملدارن پنهنجا ٻار سندن اسڪول ۾ داخل ڪرايا ـ
تنظيمي لحاظ کان سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف جا سرگرم ڪارڪن رھيا آهن ـ سائين جن مختلف سماجي تنظيمن ۾ جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪيو آهي ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد يار محمد انڙ صاحب آھي ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ سندن والد سائين يار محمد انڙ ، سائين دادا ، سائين گل محمد سومرو ، سائين عبدالله مڱڻھار ، سيڪنڊري ۾ سائين عبدالله انصاري ، سائين مرزا شاھجھان بيگ ، سائين مير محمد شيخ صاحب آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست محمد عارف شيخ صاحب ، سيد عامر علي شاھ ۽ واجد حسين شيخ صاحب آهن ـ
سائين جن 1986ع کان سال ۾ ٻہ دفعا رت عطيو ڪندا اچن ـ سائين جن ڪرڪيٽ ، فٽ بال ، بيڊ منٽن ۽ ڪارڊ گيمز جا بھترين رانديگر آهن ـ
سائين جن جي خاندان جا اڪثر ماڻهو پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پھرين انڊين سول سروس ۽ تعليم کاتي ۾ ملازم ھئا جن ۾ سندن والد يار محمد انڙ صاحب پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پھرين پرائمري ٽيچر هئا ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري ڪيمپس اسڪول ، سنڌي مين ، ڪوٽڙي مان بطور ھيڊ ماستر ريٽائرڊ ٿيا ـ سندن ڏاڏي محترمہ جو تعلق انڊيا جي شھر گجرات کان ھو ۽ سنڌي ، فارسي ، عربي ، سنسڪرت جي معلمه ھئي ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن ننڍو ڀاء آفتاب حسين انڙ صاحب بينڪ آفيسر آهي ۽ ٻيو ڀاء رياض حسين انڙ صاحب لوڪل گورنمنٽ کاتي ۾ ملازم آهي ـ سندن وڏو پٽ احسان علي انڙ صاحب سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۾ ڪئي آهي ـ
سائين تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ تعليم کي ڪاروبار نہ بڻايو ـ ٻارن ۾ جستجو پيدا ڪريو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو ته " ٻارن ۾ سوال پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪريو ۽ رٽافيڪيشن نہ ڪرايو ـ جيڪو ٻار سوال ڪندو ته اڌ جواب ان جي سوال ۾ ئي ھوندو آهي ـ دنيا جون سڀ ٻوليون ڀليون آهن پر ٻار کي بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏيو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment