Profile # 46 Muhammad Zaman Jhatial (PST - GBPS Allah Bux Khoso, Nasirabad) محمد زمان جھتيال
محترم جناب سائين محمد زمان جھتيال صاحب جو جنم 2 سيپٽيمبر 1966ع تي ضلعو قمبر شھداد ڪوٽ جي ڳوٺ ننگر جھتيال ، تعلقو نصير آباد ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، پڙمل مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن کي ٻئين ، ٽئين ، چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ رياضي ۾ ڪيترائي انعام مليا آهن ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، نصير آباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، نصير آباد مان انٽر ۽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي مان بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ
سائين جن کي 1986ع ۾ مختلف کاتن ۾ مختلف آرڊر مليا جن ۾ سنڌ پوليس ۾ اي ايس آئي ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل ۽ زراعت کاتي ۾ داروغو جا آرڊر شامل آهن ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 21 نومبر 1987ع تي پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري مسجد اسڪول ، مور معرفاڻي ، تعلقو وارھ ۾ ٿي ـ سائين جن پنهنجي ملازمت جو ڪجھ عرصو تعلقي نصير آباد جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، الھداد چانڊيو ۽ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، راضي جھتيال ۾ بطور ھيڊ ماستر گذاريو ـ سائين جن تعلقو ايجوڪيشن آفيس ، نصيرآباد ۾ سال 2010ع کان 2019ع تائين فوڪل پرسن رھيا آھن ـ سائين جن ھن وقت تعلقي نصير آباد جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، الله بخش کوسو ۾ ھيڊ ماستر جا فرض تمام بھترين نموني سان نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن پرائمري جا سڀ سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ
سائين جن سنڌ جي استادن جي تنظيم ماٽا جي تعلقو وارھ جا صدر رھيا آهن ـ سائين جن کي ماٽا ۾ مختلف تعليمي سيمينار ڪرائڻ تي ايوارڊ پڻ مليا آهن ـ سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ ا جا تمام گھڻا سرگرم ڪارڪن آهن ، ھر ڪنهن جي ڪم ۾ سڀني کان اڳيان ھوندا آهن ـ سائين جن آل پاڪستان جھتيال اتحاد جا سرگرم ڪارڪن آهن ۽ برادري جي ھر ڪم ڪار ۾ پاڻ کي مڃرايو اٿن ـ
سائين جن جي پسنديدھ شخصيت سندن والد واحد بخش جھتيال صاحب آھي ـ سائين جن جا بھترين استاد سائين حسن علي جھتيال ، سائين غلام محمد کوکر ۽ سائين محمد عثمان بروھي آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست سردار منور خان جھتيال صاحب (جھتيال برادري جو سردار) ، رجب علي جھتيال صاحب (چيف آرگنائيزر آل پاڪستان جھتيال اتحاد) ، گلزار احمد جھتيال صاحب (يوسي چيئرمين ٻٽ سرائي) ، پروفيسر مدد علي جھتيال صاحب (ليڪچرر پاڪستان اسٽڊيز) ۽ ايڊووڪيٽ صابر علي جھتيال صاحب آهن ـ
سائين جن ملازمت کان علاوھ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني ۽ اسٽيٽ ايجنٽ جو ڪم پڻ ڪيو آهي ۽ ھن وقت سارين جو واپار بہ ڪندا آهن ـ سائين جن والي بال جا بھترين کلاڙي رھيا آهن ـ
سائين جن جو والد واحد بخش جھتيال صاحب زميندار ھو ـ سندن چاچو ڊاڪٽر برڪت علي جھتيال صاحب پاڪستان آرمي ۾ ڪيپٽن ھو ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن ننڍو ڀاء اياز علي جھتيال صاحب ھڪ مزدور آهي ـ سائين جن جي وڏي پٽ زين العابدين جھتيال صاحب ايم اي انگلش ڪئي آهي ۽ سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل آهي ـ سندن ٻئي پٽ مزمل حسين جھتيال صاحب پاڪستان اسٽڊيز ۾ ماسٽرس ڪئي آھي ۽ تعليم کاتي ۾ آء بي اي سکر پاران پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪري اپائنٽمينٽ جي ويٽنگ ۾ آھن ـ سندن ٽئين پٽ ذيشان حيدر جھتيال صاحب بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ پرائيويٽ جاب ڪندا آهن ـ سندن چوٿين پٽ واحد بخش جھتيال نائين ڪلاس جو شاگرد آهي ۽ پڙھائي ۾ ڪيترائي انعام کٽيا آهن ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ اسان کي گھرجي تہ پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھايون ـ سرڪاري اسڪولن ۾ اڳي ئي تجربيڪار استاد موجود آهن ۽ نئين ڀرتين جي ڪري تمام گهڻو تعليم يافتہ ۽ ٽيليٽيڊ نوجوان استاد اسڪولن ۾ آيا آهن ، جنهن سان نوجوان استاد تعليم ۾ نوان طريقا استعمال ڪن پيا ۽ ان سان سنڌ جي تعليم ضرور اڃان بھتر ٿيندي ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " سنڌ سميت پاڪستان جي ھر برادري کي منهنجو اھو پيغام آهي تہ تعليم حاصل ڪريو ـ تعليم سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment