Profile # 59 Muhammad Ayub Mallah (Deputy DEO - Primary in District Jamshoro) محمد ايوب ملاح

 

محترم جناب سائين محمد ايوب ملاح صاحب جو جنم 9 ڊسمبر 1963ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ انڙپور ، تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم 1974ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ، انڙپور مان حاصل ڪئي ، جتي سندن ٽيچر محمد خان ميمڻ ، محمد دائود ميمڻ ۽ مٺا خان کوسو رھيا ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، انڙپور مان اٺون ڪلاس پاس ڪيو ، جيڪو ان وقت مڊل اسڪول ھو ـ 1980ع ۾ گورنمنٽ نور محمد ھاء اسڪول ، حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ، جتي غلام حسين بالادي ھيڊ ماستر ھو ۽ ڌڻي بخش ڀٽو نائين ڪلاس ۾ ۽ شمس الدين ميمڻ سندن ڏھين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر رھيو ـ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان پري انجنيئرنگ ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو ، جتي ان وقت پرنسپال سيد قيصر رضا شاھ ھو ـ گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي ، ڪاري موري ، حيدرآباد مان بي ايس سي جو امتحان پاس ڪيو ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان 1990ع ۾ فزڪس ۾ ايم ايس سي ۽ 1994ع ۾ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ۽ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ

سندن تعلق ملاح ذات جي پاڙي پاتڻي مان آهي ـ سندن پتڻ مانجھو ، مانجھو ڳوٺ ۽ انڙپور اسٽيشن جي ويجھو سنڌو درياھ جي ساڄي ڪناري تي ھو ان ڪري مانجھو پتڻ چيو ويندو ھو ، جيڪو ضلعو دادو جو آخري پتڻ ھو ـ مانجھو پتڻ کي کاٻي ڪناري تي مٽياري شھر لڳي ٿو ان ڪري مقامي ماڻهو مانجھو پتڻ کان مٽياري روزانو ٻيڙي ذريعي ايندا ويندا ھئا ۽ پنهنجو وڻج واپار ڪندا ھئا ۽ جڏھن مينهن وسندا ھئا ته مٽياري ضلعو ، سانگھڙ ضلعو ۽ ٽنڊوالھيار ضلعو جا جانور جيڪي مانجھو پتڻ ذريعي ڏينھن رات ٻيڙين ۾ جبلن تي چراگاھ جي لاء ويندا ھئا ـ سندن والد محمد قاسم ملاح ۽ سندن ڏاڏو محمد ايوب ملاح پتڻ ھلائيندا ھئا ـ سائين جن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏا آهن ، سندن ٻه ننڍا ڀائر ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويا ـ سائين جن پنهنجي والد سان گڏ ٻيڙي ۾ سفر ڪندا ھئا ۽ 1973ع ، 1978ع ۽ 1988ع جي ٻوڏن ۾ ٻيڙي ھلائي انڙپور کان مٽياري ڏانهن سفر ڪيائون ـ شاگردي واري زماني ۾ ڪپڙا استري ڪرڻ ، کٽون واڻڻ ، بجلي جو ڪم ۽ ھينڊ پمپ رپيئرنگ جا ڪم ڪيائون ـ

سائين جن کي 1987ع ۾ نئين روشني اسڪول ، الھيار کوسو ۾ ٽيچر جي نوڪري ملي ـ 1988ع ۾ سندن ٽرانسفر نئين روشني اسڪول ، انڙپور ۾ ٿيو ـ نئين روشني اسڪول ۾ سندن باغ علي سھاڳ ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مينيجر ضلعو دادو ، غلام قادر ملاح ٽي ايل آء ۽ محمد ياسين سپروائيزر رھيا ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 25 جون 1989ع ۾ جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ، سري ۾ ٿي ، جتي غلام علي پالاري ھيڊ ماستر ھو ـ ڪجھ عرصي ۾ ئي سندن ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، انڙپور ۾ ٿي ـ سندن 25 سيپٽيمبر 1989ع ۾ سائنس ٽيچر طور ترقي ملي ۽ سائين جن کي اسڪول جو ايف اي منتخب ڪيو ويو ـ ان اسڪول ۾ سيد حسين شاھ ، سلطان احمد شيخ ، الھ رکيو ڳورڙ ، محمد عيسٰي جوڻيجو ، محمد سليمان لنڊ ، نظير احمد ميمڻ ۽ محمد مٺل جھتيال سندن ھيڊ ماستر رھيا ـ سائين جن ٻارنھن سال پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ نائين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر ھوندي ست ئي پيرڊ وٺندا ھئا ، جنهن ۾ ڇھين کان ڏھين ڪلاس تائين رياضي ۽ ڏھين ڪلاس جي فزڪس جا مضمون پڙھائيندا رھيا ـ سندن 2001ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۾ ٿي جتي انچارج ھيڊ ماستر ٿي رھيا ـ 2003ع ۾ يوسي انڙپور جا سپروائيزر ٿيا ـ 2005ع ۾ جڏھن ضلعو دادو کي ٻن ضلعن دادو ۽ ڄامشورو ۾ ورھايو ويو ۽ يوسي انڙپور کي ختم ڪري يوسي پيٽاڙو ٺاھيو ويو ته يوسي پيٽاڙو جا ٽي سال سپروائيزر رھيا ـ يوسي ٻولھڙي جا پنج سال سپروائيزر رھيا ـ 2013ع ۾ يوسي سن جا سپروائيزر ۽ مانجھند تعلقو جا انچارج اي ڊي اي او رھيا ـ 2016ع ۾ گورنمنٽ ڪيمپس اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ايڇ ايس ٽي طور بدلي ٿي آيا ۽ بايولاجي ۽ جنرل سائنس جا مضمون پڙھايا ـ ان اسڪول ۾ ھيڊ ماستر محمد عرس ڪنڀر جي ريٽائرڊ ٿيڻ تي سائين جن 29 اپريل 2017ع کان 25 سيپٽيمبر 2017ع تائين انچارج ھيڊ ماستر ٿي رھيا ـ سندن 19 ڊسمبر 2017ع ۾ گزيٽيڊ ھيڊ ماستر طور ترقي ملي ۽ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، ليبر اسڪوائر ، ڪوٽڙي ۾ پوسٽنگ ملي ـ سندن 15 ڊسمبر 2018ع ۾ ٽرانسفر ٽي اي او ميل پرائمري تعلقو ڪوٽڙي طور ٿيو جتي سائين جن پنج سال تمام بھترين آفيسر طور پنهنجيون خدمتون مڃرايون ـ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ دي روز انٽرنيشنل طرفان بھترين منتظم جو ايوارڊ مليو ـ سندن 26 آگسٽ 2023ع ۾ ارڙھين گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ سندن پوسٽنگ ڊپٽي ڊي اي او پرائمري ضلعو ڄامشورو طور ٿي ـ

سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا 1994ع کان 1996ع تائين تعلقو ڪوٽڙي جا صدر ، 1997ع کان 2003ع تائين جنرل سيڪريٽري تعلقو ڪوٽڙي ۽ 2012ع کان 2015ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن طور استادن جي خدمت ڪرڻ کانپوء به گسٽا جي اليڪشن جا ڊسٽرڪٽ چيئرمين ضلعو ڄامشورو طور به پنهنجيون خدمتون ڏيندا رھيا ـ سائين جن ڳوٺ سڌار سنگت ، انڙپور جا ڇھ سال صدر رھيا ۽ تنظيمي سيمينار ڪرائي تنظيم جي ميمبرن کي اسلام آباد ، خانيوال ، زرعي يونيورسٽي فيصل آباد سان گڏ ٿائيلينڊ ۽ سائوٿ آفريقا جا دورا ڪرايا ـ ان تنظيم جي مدد سان ميڊيڪل ڪيمپون لڳرائڻ ، غريبن ۾ ٻج تقسيم ڪرڻ ۽ بيواھن ۾ سلائي مشينون تقسيم ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي ٻيا به فلاحي ڪم ڪيا ـ مخدوم ساھڙ آبادگار تنظيم ٺاھي ان ۾ ٻه پروجيڪٽ مليا ـ برطانيه جي تنظيم اوڪسفيم جي تعاون سان زراعت ۾ ڳوٺ سڌار جي آفيس قائم ڪئي ۽ آفيس ۾ ٻه ملازم به رکيا ـ ان تنظيم جي معرفت شاخ کي کاٽي ڪرائي سرڪاري خراب ٿيل مشينون رپيئر ڪرايون ، ڳوٺ ۾ سائين جن وليج ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٺاھي ۽ واٽر سپلاء اسڪيم ، گھٽيون ۽ ڊرينيج اسڪيم منظور ڪرائي جيڪا 2010ع جي ٻوڏ جي ڪري خراب ٿي ھئي ـ اوڪسفيم وارن نمورين مان تيل ڪڍي فصل تي اسپري ڪيو ، جنهن مان نتيجو اھو نڪتو ته اھو گھٽ خرچ ۽ وڌيڪ فائديمند آهي ـ اي ايم ٽيڪنالوجي ڪلراٺي زمين کي نرم ڪرڻ جي لاء استعمال ڪئي جنھن مان ڪافي زمينون زرخيز ٿيون ـ

سائين جن مختلف چونڊن ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جون ذميواريون مختلف پولنگ اسٽيشنز تي نڀايون ۽ تمام بھتر ڪارڪردگي رھي امن ، ايمان ۽ انصاف سان وقت گذاريو ـ 2015ع جي مقامي چونڊن ۾ اي آر او تعلقو مانجھند ۽ 2023ع جي مقامي چونڊن ۾ اي آر او تعلقو ڪوٽڙي رھيا ـ سندن گزيٽيڊ واري ٽينيور دوران ٻه دفعا آدمشماري ۽ ٻه دفعا ووٽر ويريفڪيشن ٿي ۽ ٻئي دفعا سائين جن ٻنھي ۾ تعلقو ليول تي چارج سپرنٽينڊنٽ طور فرض نڀايا ـ سائين جن استادن جي مختلف ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر جا فرض نڀايا جن ۾ ڪوالٽي آف ايجوڪيشن ٽريننگ ، ايس ايم سي بابت ٽريننگ ، مختلف چونڊن لاء پرزائيڊنگ آفيسرز جي ٽريننگ ، پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن توڙي سپروائيزرز جي ٽريننگ کان وٺي ڪاليج جي ليڪچررز جا به ماسٽر ٽرينر رھيا ـ

سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ سيد قلندر شاھ لڪياري ۽ خان محمد پنھور آهن ـ سائين جن خان محمد پنھور جي شخصيت مان متاثر ٿي ڪري فلاحي ڪمن ڏانھن لاڙو ڪيو ـ

سائين جن بھترين شخصيت جا مالڪ آهن ـ آفيسر ھوندي به ھر ڪنهن جو ادب ۽ احترام ڪن ٿا ـ سندن مزاج ۾ نرمي ۽ طبيعت ۾ صبر ۽ تحمل شامل اٿن ـ سائين جن ھردلعزيز شخصيت آهن ، ھر ڪنهن جي خوشي ۽ غمي ۾ شريڪ ٿيندڙ آهن ـ اھو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪو اھڙو ماڻھو نه ملندو جيڪو چوي ته سائين جن ڪا ايزا يا تڪليف ڏني آهي ـ سندن فرزند اسد ايوب ملاح اي ليول جو شاگرد آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي شاگردن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو " نائين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين جنھن تعليم تي ڌيان ڏنو اھو ضرور اڳتي نڪرندو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل