Profile # 52 Saifullah Abro (HST - GBHSII Kotri) سيف الله ابڙو

 

محترم جناب سائين سيف اللّٰه ابڙو صاحب جو جنم 28 ڊسمبر 1992ع تي لاڙڪاڻو ۾ ٿيو ـ سائين جن گورنمنٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول ، لاڙڪاڻو مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪمپوزٽ ڊگري ڪاليج ، ميروخان مان انٽر پري انجنيئرنگ ۾ پاس ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان ايم اي انگلش جي تعليم حاصل ڪئي ـ سائين جن ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ايجوڪيشن جا شاگرد آھن ـ

سائين جن 2016ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن برانچ ۾ ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيا ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ نومبر 2018ع ۾ آء بي اي سکر جي ٽيسٽ ۾ ضلع ڄامشوري ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ سائين جن کي 22 نومبر 2019ع تي جي اي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، سڪندر آباد ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 20 اپريل 2023ع تي ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو ۽ سندن پوسٽنگ گورنمنٽ ڪيمپس ھاء اسڪول ، اشاعت الاسلام ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن رياضي ، فزڪس ، ابتدائي سائنس ، انگلش ۽ پاڪستان جو اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ستين ، اٺين ، نائين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ

تنظيمي لحاظ کان سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ سڪندر آباد جا خزانچي رھيا آهن ـ

سائين جن اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين فرسٽ پوزيشن حاصل ڪندا رھيا آهن ۽ اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪرڪيٽ ۽ شوٽنگ بال جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سائين جن ايف پي ايس سي طرفان وزارت دفاع ۾ سترھين گريڊ جي پوسٽ حاصل ڪئي ـ سندن ھوبيز ۾ ڪتاب پڙھڻ ۽ تاريخي ماڳن جو سير ڪرڻ شامل آهن ـ

سائين جن جا بھترين استاد مسڪين محمد ڄام کوکر ، سيد صدا حسين شمسي ، ڊاڪٽر مير حسن ڏاھري ، پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب ميمڻ ۽ ڊاڪٽر آصف شيخ آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست سندس والدين ، استاد ۽ ڪتاب آهن ـ

سائين جن جو خاندان علمي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ـ سندن پڙڏاڏو مرحوم سائين ڏنو ابڙو صاحب دين جو عالم ھو ۽ ڳوٺ جي مدرسي جو معلم ھو ـ سندن ڏاڏو امان اللّٰه ابڙو صاحب پرائمري استاد ھو ـ سندن والد ثناء اللّٰه ابڙو صاحب تعليم کاتي ۾ اڻويھين گريڊ جا آفيسر آهن ۽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ، ڄامشورو ۾ تمام بھترين نموني سان پرنسپال جا فرض نڀائي رھيا آهن ـ سندن چاچو مرحوم عطاء اللّٰه ابڙو صاحب گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، اوستا محمد ، بلوچستان مان پرنسپال طور رٽائر ٿيا ۽ سٺا اديب پڻ ھئا ـ مختلف موضوعن تي سندن متعدد ڪتاب پڻ شايع ٿيل آھن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن ننڍي ڀيڻ پي ايس ٽي آهي ۽ ننڍو ڀاء امان اللّٰه ابڙو سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي ايم ايل ٽي ڊپارٽمنٽ جو شاگرد آهي ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو تہ "وقت جو قدر ڪريو ۽ استادن جو احترام ڪريو ـ پوزيٽو ڳالھيون اپنايو ـ انر موٽيويشن حاصل ڪيو ـ توھان جو اصل ڪردار ۽ شخصيت سنوارڻ انر موٽيويشن جو ئي ڪم آهي ـ ماء پيء دعا جا در آهن انهن کان دعائون وٺو ۽ انھن جي خدمت ڪريو -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل