Profile # 50 Azizullah Odho (Director Schools - Hyderabad region) عزيزالله اوڍو

 

محترم جناب پروفیسر عزيزالله اوڍو صاحب جو جنم 27 آگسٽ 1963ع تي ضلعو جيڪب آباد جي ڳوٺ محمد پور اوڍو ، تعلقو ڳڙھي خيرو ۾ ٿيو ـ سندن والد الھڏنو خان اوڍو صاحب پرائمري ٽيچر ھو ـ سندن والدھ محترمہ ھڪ پرائمري استاد طور پنهنجي علائقي ۾ نياڻين جي تعليم لاء ھر دم ڪوشان ھئي ـ سچ پچ تہ ان علائقي ۾ جتي اڄ بہ نياڻين جي تعليم کي مايوس سمجھيو ويندو آھي ، ان علائقي ۾ 1946ع ۾ نياڻين جو اسڪول قائم ڪري ھڪ مثال قائم ڪيو ـ نہ فقط اھو پر ھن نيڪ دل خاتون پنھنجي گھر اندر پنهنجي خرچ تي ھڪ ھاسٽل نما رھائش قائم ڪئي ، جتي پري پري جا شاگرد اتي رھي پنهنجي تعليم جاري رکي سگھيا ھئا ـ

پروفيسر صاحب 1967ع ۾ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ 1978ع ۾ گورنمنٽ ھاء اسڪول ، محمد پور اوڍو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون ـ 1980ع ۾ چيلاسنگھ سترامداس گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، شڪارپور مان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيائون ـ 1983ع ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، گھوٽڪي مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪيائون ـ شاگردي جي زماني کان پاڻ ھڪ بھترين اسڪائوٽ پڻ رھيا آهن ـ

پروفيسر صاحب 1984ع ۾ جي ايس ٽي طور گورنمنٽ ھاء اسڪول ڀليڏنو ، آباد ، تعلقو جيڪب آباد ۾ سرڪاري نوڪري جي شروعات ڪيائون ـ اپريل 1986ع ۾ ترقي ڪري بطور سائنس ٽيچر گورنمنٽ حميدہ ھاء اسڪول ، جيڪب آباد ۾ مقرر ڪيا ويا ـ 1995ع ۾ پاڻ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ڳڙھي خيرو ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيا ويا ـ 1997ع ۾ پروفيسر صاحب کي بطور ھيڊ ماستر بوائز ھاء اسڪول ، شيرانپور ، تعلقو ڳڙھي خيرو ۾ مقرر ڪيو ويو ـ ان بعد پنهنجي آبائي ڳوٺ جي ھاء اسڪول ، محمد پور اوڍو ۾ مقرر ڪيا ويا ، جتان پاڻ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ 2003ع ۾ پروفيسر صاحب کي ڳڙھي خيرو تعلقو ۾ بطور اي ڊي اي او مقرر ڪيو ويو ـ 2004ع ۾ پروفيسر صاحب کي اي ڊي اي او سائيٽ ٽائون ، ڪراچي مقرر ڪيو ويو ـ 2006ع ۾ پروفيسر صاحب کي بلديہ ٽائون ، اورنگي ٽائون ، شاھ فيصل ٽائون ۽ نيو ٽائون ڪراچي جون بطور اي ڊي اي او جون اضافي چارجون پڻ ڏنيون ويون ـ 2006ع ۾ پروفيسر صاحب کي بطور اسسٽنٽ پروفيسر گريڊ 18 ۾ ترقي ڏني وئي ـ 2010ع ۾ پروفيسر صاحب کي ڊي اي او جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو ـ 2013ع ۾ سائين جن کي گريڊ 19 ۾ بطور ايسوسيئيٽ پروفيسر ترقي ملي ـ 2016ع ۾ سائين جن کي ڊي اي او سيڪنڊري ، سکر مقرر ڪيو ويو ـ  2018ع ۾ سائين جن ڪونڪر وليج ، ڪراچي جي ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ـ 2019ع ۾ سائين جن کي ڊي اي او ، جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو ـ 2021ع ۾ سائين جن کي لياري ڪراچي جي غازي محمد بن قاسم گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ بطور پرنسپال مقرر ڪيو ويو ، جتي وري اٺن مھينن کانپوء کين ڊي اي او اولھ ڪراچي مقرر ڪري ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي پڻ اضافي چارج ڏني وئي ـ 2021ع ۾ سائين جن کي گريڊ 20 ۾ بطور پروفيسر ترقي ملي ـ 21 فيبروري 2022ع ۾ کين سنڌ جي سڀ کان وڏي ڊويزن حيدرآباد جو بطور ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن ، پرائمري ۽ سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو ، جتان پاڻ 26 آگسٽ 2023ع تي سرڪاري سروس جي لاتعداد ڪاميابين سان پڄاڻي ڪئي ـ

 سائين جن جي چئن ڏھاڪن جي سروس انھي سڄي سفر ۾ کوڙ ساريون ڪاميابيون نصيب ٿيون ـ پاڻ اڻ ڳڻيا شاگرد پيدا ڪيا ، سوين اسڪول قائم ڪيا ، لاتعداد بند پيل اسڪول کولي انھن ۾ تعليم جو سلسلو جاري ڪرايو ۽ تعليم جي واڌاري لاء ھر دم ڪوشان رھيا ـ بطور ڊائريڪٽر حيدرآباد ريجن سندن ڏيڍ سالا ڪارڪردگي نھايت مثالي رھي آھي ، جنھن دوران ريجن جي تاريخ جي سڀ کان وڏي استادن جي ڀرتي ۾ سندن زير نگراني سائين جن ڏينهن رات جي ڪوششن سان 15000 کان مٿي جي اي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز ۽ ايس ايس انٽرنيز جي ڪامياب اميدوارن کي آفر ۽ پوسٽنگ آرڊر ڏئي تعليم کاتي جو حصو بڻايو ويو ـ ان کان علاوھ حيدرآباد ريجن جي ملازمن جي اڳئين گريڊن ۾ ترقين لاء 15 کان مٿي ڊي پي سيز پڻ ٿيون ، جن جي ذريعي سوين مستحق ملازمن کي ٽائم اسڪيل ۽ پروموشن مليا ـ استادن جي کوٽ فرنيچر ۽ سائنس مٽيريل جي اڻ ھوند سبب تعليم متاثر ٿي رھي ھئي ۔ سائين جن جي ڪوششن سان ريجن جي ھاء اسڪولز کي وڏي تعداد ۾ فرنيچر ۽ سائنس ليبز سائنس مٽيريل ۽ استاد پڻ مھيا ڪيا ويا ـ سائين جن جي ڪوشش سان رني ڪوٽ ڀرسان گبول ڳوٺ ۾ شاگردن لاء پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو ـ سائين جن جي ڪوشش سان ريجن جي آفيسرن کي فنانشل مئنيجمينٽ جي تربيت پڻ ڏني وئي ـ سائين جن جي مقرري واري عرصي ۾ ريجن جي ڪيترن ئي اسڪولن کي پرائمري کان ايليمينٽري ، ايليمينٽري کان سيڪنڊري ۽ سيڪنڊري کان ھائر سيڪنڊري اسڪولن جو درجو مليو ـ سائين جن جي ڊائريڪٽر جي مقرري دوران پھرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ مقامي چونڊن جو مرحلو بہ آيو ، جنھن کي سائين سٺي طريقي سان سر انجام ڏنو ـ سالياني انسپيڪشن ، انٽر ڊرائنگ ۽ سالياني امتحان جي سرشتي کي آن لائن ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاء پاڻ ذاتي ڪوششون وٺي نئين سري سان موثر سرشتو جوڙايو تہ جيئن شفافيت برقرار رھي ـ اڳوڻي ڊائريڪٽر حيدرآباد ريجن سيد رسول بخش شاھ جي ذاتي ڪوششن سان ريجن ۾ ھلندڙ سالياني لطيف شناسائي جي پروگرام کي پاڻ تقويت ڏنائون ۽ ذاتي ڪوششون وٺي اھڙا پروگرام ريجن جي اسڪولن ۾ منعقد ڪرايا ويا ـ استادن جي حاضري جي چڪاس لاء سنڌ سطح تي شروع ڪيل ايپ کي پنهنجي ريجن ۾ ڪاميابي سان لاڳو ڪرايو ۽ ان لاء تربيتي ورڪشاپ پڻ ڪرايا ويا تہ جيئن ملازم ان ايپ کي سولائي سان سمجھي سگھن ـ بطور ڊائريڪٽر حيدرآباد ريجن جي عرصي دوران تعليم کاتي جي مختلف منصوبن جھڙوڪ سليڪٽ ، پروجيڪٽ ، انڊڪشن ٽريننگ پروگرام ، انرولمينٽ ڊرائيو وغيرھ کي حيدرآباد ريجن اندر ڪاميابي سان ھلائي بھتر نتيجا ماڻيا ويا ـ سندن پاران حيدرآباد ريجن اندر مختصر عرصي دوران ڪيل خدمتن جي اعتراف طور تعليم کاتي سنڌ پاران کيس بھترين ڊائريڪٽر جي ايوارڊ سان نوازيو ـ پاڻ تعليم کاتي سنڌ جا پھريان ڊائريڪٽر آھن جن کي اھڙو اعزاز نصيب ٿيو آهي ـ سائين جن جو سمورو سروس ڪيريئر جستجو اڻ ٿڪ جدوجھد سان ڀريو پيو آهي ـ

پاڻ 1986ع کان 1995ع تائين استادن جي تنظيم گسٽا جيڪب آباد سميت لاڙڪاڻو ريجن جي مختلف عھدن تي رھي ڪري استادن جي جائز حقن لاء پاڻ پتوڙيندا رھيا ـ

پروفيسر صاحب سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان پنهنجي مطالبي سان ويھون گريڊ ورتو ۽ جيڪو سپسا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٿيو ـ مان ڊائريڪٽر مقرر ٿيس ۽ مون کي بھترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ مليو جيڪا صرف منهنجي ڪاميابي نہ پر اسان جي پوري ڪيڊر جي ڪاميابي ھئي ـ

سائين جن فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ استادن کي ھنن سونھري لفظن ۾ پيغام ڏنو "ايمانداري سان جستجو ڪيو ، نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو ، ڪڏهن بہ ڪا تڪليف توھان جي آڏو نہ ايندي ـ توھان کي خدا جڏهن ڪنهن جاء تي مقرر ڪري تہ توهان لاء بہ امتحان آ تہ توهان خدا جي مخلوق کي ڪيترو فيسيليٽيٽ ڪيو ٿا ٻيو اسان جو ڪم آ پڙھائڻ ۽ اسان ڇو تہ استاد آھيون ۽ اسان جي لاء سڀ کان معزز ترين شخصيت بہ اسڪول جو ٻار آهي ـ تنهنجي ڪري ٻار کي جيترو حق ٿئي ٿو توهان جو اھو ڏيو ، خدا تعالىٰ توهان کي توهان جي حق کان بہ وڌيڪ ڏيندو ـ استاد جي ھِن جھان ۾ ۽ ھُن جھان ۾ عزت آ ـ پاڻ کي بھترين استاد ثابت ڪيو ـ اسان جا جيڪي نوان استاد ڀرتي ٿيا آهن انهن کي منھنجو اھو پيغام آ توھان جيڪڏهن محنت ڪيو ٿا تہ ھڪ جي ايس ٽي کان ڊائريڪٽر بہ بڻجي سگھو ٿا ـ خدا تعالىٰ توهان جي محنت کي ڪڏهن بہ ضايع نہ ڪندو" ـ

1986ع ۾ پاڻ ازدواجي زندگي سان منسلڪ ٿيا ـ کين اولاد ۾ ٻہ نياڻيون ۽ ٽي فرزند جن مان ٻن جا نالا فياض ۽ اويس آهن ـ سندن ھڪ ڀاء سائين عبيدالله اوڍو صاحب گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، گھوٽڪي ۾ انگريزي جو پروفيسر رھيو آهي ، جيڪو بعد ۾ اي ڊي او گھوٽڪي پڻ ٿيو ھو ، سندس ھڪ پٽ سي ايس ايس آفيسر آهي جيڪو ڪافي عرصو ايس ڊي ايم طور ڏھرڪي ۾ تعينات رھيو آهي ـ سندن خاندان جا ڪيترائي فرد مختلف ادارن ۾ اعليٰ عھدن تي فائز آهن ـ سائين جن کي صوفياڻي راڳ ۽ ڪتاب پڙھڻ سان بيحد دلچسپي آهي ـ پاڻ ھڪ سٺا ليکڪ پڻ آهن ـ سائين جن ھن وقت ريجنل اسڪائوٽنگ ڪمشنر جا فرائض خوش اصلوبي سان سر انجام ڏئي رھيا آهن ـ سماجي ڪمن ۾ پاڻ ھميشہ اڳڀرا رھندا آهن ـ پنهنجي علائقي جي فلاح ۽ بھبود لاء "مفت" نالي ھڪ سماجي تنظيم جا پڻ باني اڳواڻ رھيا آھن ـ سندن سڄو سرڪاري سروس جو سفر وفا ، ڀرم ، جستجو ، ويساھ وارو رھندو آيو آهي ـ پاڻ پنهنجي ڪيل ڪم تي مطمئن آهن ـ سندن ڪردار ، شخصيت ۽ عمل تعليم کاتي سميت سڄي سنڌ لاء ھڪ مثالي نمونو رھيا آهن ـ اسان جي دعا آهي تہ سندن سروس جي پڄاڻي کانپوء بہ سندن دست شفقت تعليم کاتي لاء ڇپر ڇانو وارو رھي ـ تعليم لاء سندن ڪيل جاکوڙ سدائين سنڌ کي ياد رھندي ـ

ڀلايون نہ وسرن اڻ ڳڻيا چت نہ چڙھن

اڻ لوڀي نيھ گھڻو اھڙا سڄڻ ڪٿ

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم پروفيسر صاحب جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل