Profile # 41 Rashid Ali Khaskheli (HST - GHSS Thano Bula Khan) راشد علي خاصخيلي
محترم جناب سائين راشد علي خاصخيلي صاحب جو جنم 2 آگسٽ 1987ع تي خاصخيلي محلو ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ، ضلعو ڄامشورو ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد دوست علي خاصخيلي صاحب وفاقي اداري پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن مان رٽائر ٿيو آهي ـ سائين جن گورنمنٽ ايليمينٽري اسڪول ، آشيانہ پارڪ ، ٿاڻو بولا خان نمبر 2 مان پرائمري جو امتحان پاس ڪيو ـ سائين جن گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان مان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪيا ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو جي آء آء سي ٽي مان اليڪٽرانڪس ۾ بي ايس آنرز ڪئي ـ سائين جن گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي ، حيدرآباد مان فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪئي ـ سائين جن سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ايوننگ ۾ ريگيولر ڪلاس سان سائنس جي سبجيڪٽس ميٿ ۽ فزڪس ۾ اسپيشلائيزيشن سان ڪئي ـ سائين جن زيبسٽ ، حيدرآباد مان ايم ايس آفيس ، آئي ٽي ۽ انگلش لينگويج جا ڪورس پڻ ڪيا آهن ـ
سائين جن تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ سائين جن کي 18 جولاء 2014ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سائين جن جي اپائنٽمنٽ گورنمنٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ، جتان سائين جن مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان پاس ڪيا ھئا ـ سائين جن جو 15 جنوري 2021ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن نائين کان ٻارھين ڪلاس تائين فزڪس ۽ ڇھين ڪلاس جي ابتدائي سائنس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ سائين جن ڇھين ۽ اٺين ڪلاسز جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ
سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جا 2021-22ع ۾ ضلعو ڄامشورو جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن 2022ع ۾ گسٽا تعلقو ٿاڻو بولا خان جا جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيا آهن ـ ان کانسواء سماجي تنظيمن پاسبان ، عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ المھراڻ سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان مختلف سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتو ۽ تنظيم جا ٻانھن ٻيلي ٿي رھيا ـ
سائين جن ايس ڊي ايس ۽ يورپي يونين جي طرفان ڪيريئر ڊولپمينٽ تي ٽريننگ اٽينڊ ڪئي ۽ 2008ع جي عام چونڊن ۾ مبصر طور پنھنجا فرض انجام ڏنا ۽ اسڪول ليول تي ٿيندڙ مختلف ڪوئز ڪامپيٽيشن ۾ سائنس جي سبجيڪٽس جي ٽيسٽ ڪمپائل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ـ
سائين جن اسٽوڊنٽ لائيف ۾ پرائمري ۾ تعلقي ليول تي ٿيندڙ تقريري مقابلن ۾ پھرين پوزيشن ۽ ضلعي ليول تي ٿيندڙ تقريري مقابلن ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پروفيشنل لائيف ۾ بھترين ڪلاس روم مينيجمينٽ ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن ڪرائڻ تي اپريسيئيشن طور ايوارڊ حاصل ڪيا آهن ـ
سائين جن کي پنھنجي ڪم ۽ پيشي سان سچا ماڻھو پسند آھن ـ سائين جن جي پسنديدھ شخصيتن ۾ مرحوم مرشد پير سائين شفقت حسين شاھ جيلاني ، رسول بخش پليجو ۽ شھيد بشير خان قريشي شامل آھن ـ سائين جن جا بھترين استاد پرائمري ۾ سائين عبدالعزيز ميمڻ ، سائين انيس الرحمان خاصخيلي ، سائين محمد سليمان سرائي ، سيڪنڊري ۾ سائين شفيق الرحمان خاصخيلي ، سائين محمد مٺل خاصخيلي ، سائين نثار علي ميمڻ ، سائين منظور علي ميمڻ ۽ سائين عبدالحفيظ ميمڻ ، ھائر سيڪنڊري ۾ سائين ماجد حسين کوکر ، سائين جميل احمد قريشي ، سائين عبدالغفار لاکير ، سائين عبدالرشيد ميمڻ ، سائين فدا حسين چانڊيو ۽ سائين زبير احمد قريشي ، گريجوئيشن ۾ سائين مرحوم ڊاڪٽر امداد حسين اسماعيلي ، سائين ڊاڪٽر سيد رضا حسين شاھ ، ميڊم ارجمند بانو ، فھيم يار خان کھاوڙ ، سائين ڊاڪٽر اسد علي شيخ ۽ سائين غلام مصطفي شورو ، ماسٽرز ۾ سائين امتياز سومرو ، سائين برڪت علي لغاري ۽ سائين ساجد مغل ، بي ايڊ ۾ سائين مدثر رند ۽ سائين طارق ڀٽي آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست فھيم احمد لاکو (چائنا ۾ پي ايڇ ڊي جو شاگرد) ، عابد حسين زرداري ، عمران خاصخيلي (سولر مڪينڪ) ، سرائي غوث بخش خاصخيلي (فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر) ۽ اياز حسين عباسي (ايف آئي اي ۾ سائبر ڪرائيم انسپيڪٽر) آهن ـ
سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ چوٿين نمبر تي آهن ـ محمد مٺل خاصخيلي صاحب ٽي اي او ايليمينٽري ، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ميل تعلقو ٿاڻو بولا خان سائين جن جو ڀيڻيوو آهي ـ
سائين جن جي ھوبيز ۾ ڪتاب پڙھڻ ، نوٽس ٺاھڻ ۽ ٻئي ڏينھن جي پڙھائي جي حساب سان تياري بھترين مشغلو رھيو آھي ـ ان کان علاوه ڪڏھن ڪڏھن شام جي وقت واڪ ڪرڻ ۽ بيڊ منٽن کيڏڻ کي ترجيح ڏيندا آھن ـ
سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ تعليم ھڪ اھڙو زيور آھي جيڪو انسان کي انسان بڻائي ٿو ـ تعليم اسان کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق سمجھائي ٿي ۽ اسان کي اھڙو شعور مھيا ڪري ٿي جيڪو اسان کي معاشري ۾ اٿ ويھ جي لائق بڻائي ٿو ـ تعليم کي بھتر ڪرڻ لاء استاد شاگرد والدين ۽ سول سوسائيٽي کي گڏجي پنھنجو رول ادا ڪرڻو پوندو ـ پڙھائڻ جي لاء اسان کي ٽيڪنالاجي توڙي تجربن جو استعمال ڪرڻ گھرجي ـ پڙھائڻ ۽ سکڻ لاء اھو ضروري آھي ته استاد پھريان پاڻ بھتر نموني ان کي سکي ۽ ان کانپوء اھڙا آسان طريقا استعمال ڪري جنھن سان ٻار جي ذھنن تائين اھا شئي آساني سان پھچي وڃي ـ ٻارن جو ڪردار سنوارڻ لاء پھريان اسان کي پنھنجو ڪردار سنوارڻو پوندو ڇو ته ٻار استاد جي ڪاپي ڪندو آھي ۽ استاد ئي ٻار جو رول ماڊل ھوندو آھي ۽ ان کانسواء اسڪول کان ٻاھر به ٻارن جي اٿ ويھ تي نظر داري ڪجي ۽ ڪوشش ڪجي ٻار کي نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين ۾ مصروف رکجي ـ ٻارن کي موٽيويٽ ڪرڻ لاء دنيا جي ڪامياب ماڻھن بابت ٻارن کي آگاھي ڏجي ۽ سائنسدانن توڙي مختلف ڪامياب شخصيتن بابت ٻارن کي آگاھ ڪجي ۽ تعليم جي اھميت سمجھائجي ـ پڙھائڻ مان پنھنجو پاڻ ڪافي نيون شين سکڻ جو موقعو ملي ٿو ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " ھي دور جديد ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آھي ـ تعليم کانسواء ترقي ناممڪن آھي ـ دنيا سڄي گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي ـ ھر شئي آن لائن ٿي چڪي آھي ۽ مينيوئل نظام جو آھستي آھستي خاتمو اچي رھيو آھي ـ ان پوري نظام سان گڏ ھلڻ لاء اسان کي تعليم حاصل ڪرڻي پوندي ۽ گڏوگڏ مختلف ٽيڪنيڪل اسڪلز پڻ سکڻا پوندا ، جيڪي اسان کي زندگي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ھلي ڪم ايندا -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment