Profile # 54 Muhammad Yaseen Chandio (HST - GBLSS Railo Mian, Jamshoro) محمد ياسين چانڊيو
محترم جناب سائين محمد ياسين چانڊيو صاحب جو جنم 8 جولائي 1988ع تي ضلعو ڄامشورو جي تعلقو مانجھند ۾ ٿيو ـ سائين جن پرائمري جي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ ھاء اسڪول آر بي بي ڪالوني ڄامشورو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ـ گورنمنٽ مسلم سائنس ڪاليج ، حيدرآباد مان انٽر پري ميڊيڪل ۾ پاس ڪئي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سوشل ورڪ ۽ ايم اي سنڌي ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي تعليم حاصل ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ جي تعليم حاصل ڪئي ـ
سائين جن تعليم کاتي اين ٽي ايس جي وسيلي آيا ۽ سائين جن کي 18 جولائي 2014ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھائر سيڪنڊري اسڪول سن ، تعلقو مانجھند ۾ ٿي ـ سائين جن 1 جولائي 2019ع تي گورنمنٽ بوائز ھائي اسڪول آر بي بي ڪالوني ، ڄامشورو ۾ بدلي ٿي آيا ۽ سندن 15 جنوري 2021ع تي ايڇ ايس ٽي طور پروموشن ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول ، رائلو مياڻ ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن انگريزي ، اسلاميات ، سنڌي ، ابتدائي سائنس ، انگلش ۽ پاڪستان جو اڀياس جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ۽ ڪلاس ڇھين ستين ، اٺين ، نائين ۽ ڏھين جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن ـ
تنظيمي لحاظ کان سائين جن استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ رائلو مياڻ جا جنرل سيڪريٽري رھيا آهن ـ سائين جن 2012ع ۾ ھڪ سماجي تنظيم آر ڊي ايف ۾ سوشل موبلائزر طور ڪم ڪيو ـ سائين جن اسڪول ۾ مئٽرڪ تائين سٺن شاگردن ۾ شمار ھئا ۽ اسٽوڊنٽ لائف ۾ ڪرڪيٽ جا بھترين رانديگر رھيا آهن ـ سندن ھوبيز ۾ ڪتاب پڙھڻ ۽ تاريخي ماڳن جو سير ڪرڻ شامل آهن ـ
سائين جن جا بھترين استاد سائين روشن علي برھماڻي ، سائين قربان علي سولنگي ، سائين محمد علي ھنڱورو ، سائين محمد صديق جويو ، سائين گلشير ڪوريجو ، سائين سيد عباس علي شاهه ، سائين عبدالوحيد خاصخيلي ، سائين مولوي دين محمد ٻگھيو ۽ سائين امداد علي شاھاڻي آهن ـ سائين جن جا بھترين دوست شنڪر لعل ، مختيار برفت ، مختيار علي ڏاھري ، فقير غلام حسين مھيسر ، اعجاز سولنگي ، منصور ڪوريجو ، عابد علي عباسي ۽ محمد يوسف سيلرو آهن ـ
سائين جن جو خاندان علمي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ـ سندن پڙڏاڏو مرحوم بھادر خان چانڊيو آبپاشي کاتي ۾ داروغو ھو ـ سندن والد مرحوم امير بخش چانڊيو صاحب پڻ ايرگيشن کاتي ۾ چارج مين طور ريٽائرڊ ٿيا ـ سندن چاچو مرحوم مھر علي چانڊيو پڻ ساڳي کاتي ۾ بيلدار ھئا نوڪري دوران ھي جھان ڇڏي ويا ـ سائين جن جو وڏو چاچو حاجي حسين بخش چانڊيو جيڪي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ اڪائونٽ آفيسر طور ريٽائرڊ ٿيا سندن جا ٻہ چاچا ڄامشورو ٿرمل پاور ھائوس ۾ ملازم آهن ۽ سندن ننڍو چاچو گورنمينٽ بوائز علي بابا ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهن سندن ھڪ سؤٽ فشريز کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهن ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ ٻئي نمبر تي آهن ـ
سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو تہ "وقت جو قدر ڪريو ۽ استادن جو احترام ڪريو ـ پوزيٽو ڳالھيون اپنايو ـ انر موٽيويشن حاصل ڪيو ـ توھان جو اصل ڪردار ۽ شخصيت سنوارڻ انر موٽيويشن جو ئي ڪم آهي ـ ماء پيء دعا جا در آهن انهن کان دعائون وٺو ۽ انھن جي خدمت ڪريو -"
سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments
Post a Comment