Profile # 42 Madad Ali Kalhoro (HST - GBHS Kotri) مدد علي ڪلھوڙو

 

محترم جناب سائين مدد علي ڪلھوڙو صاحب جو جنم 2 جنوري 1984ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر ڪوٽڙي ۾ ٿيو ـ سائين جن جو والد ڪوڙل ڪلھوڙو صاحب ھڪ مشھور بزنس مين ھو ـ سائين جن پنهنجي والد جو پھريون اولاد آھن ۽ سندن والد صاحب سندن تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو ھو ـ سائين جن گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول المھراڻ ، غريب آباد ڪالوني ، ڪوٽڙي مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون ـ علي بابا گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، ڪوٽڙي مان پري ميڊيڪل ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائون ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان بي ايس سي ۽ نباتات ۾ ايم ايس سي جا امتحان پاس ڪيا ـ ايلسا قاضي ڪيمپس ، حيدرآباد مان بي ايڊ ۽ ايم ايڊ ريگيولر ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ـ

سائين جن پنھنجي ٽيچنگ ڪيريئر جي شروعات 2006ع ۾ پرائيويٽ اسڪولز ۾ ٽيچنگ کان ڪئي ـ سائين جن تعليم کاتي ۾ ايس ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 28 مئي 2010ع تي پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، ولي داد جوکيو ، تعلقو ٿاڻو بولا خان ۾ ٿي ـ سائين جن ھڪ دفعو ٻيھر تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ 23 سيپٽيمبر 2014ع تي جي ايس ٽي طور ڀرتي ٿيا ـ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، الھبچايو شورو ، ڪوٽڙي ۾ ٿي ـ سائين جن جو 2019ع ۾ ٽرانسفر گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، ڪوٽڙي ۾ ٿيو جتان سائين جن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ھو ـ سائين جن جو 15 جنوري 2021ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ـ سائين جن بايولاجي ، ابتدائي سائنس ۽ انگلش جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن تعليم کاتي طرفان مختلف ٽريننگز ۽ اسائنمينٽس تي ڪم ڪيو آهي ـ سائين جن 2013ع جي عام چونڊن ۾ پولنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ، 2015ع ۾ آر ايس يو جي طرفان انڊڪشن ٽريننگ ڪئي ، 2015ع جي بلدياتي چونڊن ۾ پولنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ، 2016 ۽ 2017ع ۾ آر ايس يو جي طرفان اسڪول پروفائلنگ ڪئي ۽ ڪوٽڙي تعلقي جو فوڪل پرسن طور پڻ ڪم ڪيو ، 2017ع جي آدمشماري ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪيو ، 2018ع جي عام چونڊن ۾ پولنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ، 2018ع ۾ ڪيپيسٽي بلڊنگ ٽريننگ ڪئي ، 2019ع ۾ ايل ايس بي اي جي ٽريننگ ڪئي ، 2021ع ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ووٽر ويريفڪيشن ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪيو ، 2021ع ۽ 2022ع ۾ آر ايس يو جي طرفان اسڪول سينسس ڪئي ، 2023ع جي بلدياتي چونڊن ۾ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر طور ڪم ڪيو ـ

تنظيمي لحاظ کان سائين جن 2022ع ۾ استادن جي تنظيم گسٽا سنڌ جي يونٽ بوائز ھاء اسڪول جا پريس سيڪريٽري منتخب ٿيا ـ

سائين جن 2020ع کان ٽيوشن پڙھائڻ شروع ڪيو ـ آگسٽ 2022ع ۾ پنهنجن پيارن دوستن اعجاز سولنگي ، حسن علي کوسو ، شعيب محمد ھڪڙو ، مختيار علي ڏاھري ، عدنان حسين مغل ، محمد اياز کوسو ، نادر علي جھتيال ۽ ظفر علي ٻليدائي سان ملي ڪري نعيم علي ابڙو جي اسڪول ، برائيٽ فائونڊيشن پبلڪ اسڪول ۾ شام جو ٽيوشن سينٽر سڪسيس اڪيڊمي آف ماڊرن سائنسز کوليائون ـ سائين جن سينٽر ۾ بايولاجي پڙھائي رھيا آهن ـ

سائين جن جا بھترين استاد سائين سيد سڪندر علي شاھ ، سائين منظور پنھور ، سائين خدا دوست صديقي ، سائين ماجد کوکر ۽ سائين غلام سرور ملاح آھن ـ سائين جن اسڪول لائف ۾ انھن ٽيچرز کان تمام گھڻو متاثر ٿيا ـ سائين جن ڪاليج لائف ۾ آفتاب شيخ (باٽني) ۽ عبدالقدير قريشي (زولوجي) کان متاثر ٿي باٽني جي فيلڊ جو انتخاب ڪيو ـ سندن يونيورسٽي لائف ۾ پروفيسر طاھر راجپوت ، پروفيسر پرسومل شاھاڻي ، پروفيسر شير محمد مڱريو، پروفيسر ڊاڪٽر امجد آرائين ۽ پروفيسر سيد احسان الله شاھ راشدي بھترين ٽيچرز آھن ـ سندن بھترين دوست امتياز ڪلھوڙو صاحب ، اعجاز سولنگي صاحب ، مختيار علي ڏاھري صاحب ، ظفر علي ٻليدائي صاحب ، رسول بخش مڱريو صاحب ، نادر علي جھتيال صاحب ، مختيار احمد مھر صاحب ، شاھد عمر سومرو صاحب ، علي نواز ڀنڀرو صاحب ۽ زمان چانڊيو صاحب آهن ـ سائين جن ڪرڪيٽ ۽ والي بال جا بھترين کلاڙي آهن ـ سائين جن کي ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ انھن کي پڙهڻ جو شوق آهي ـ

سائين جن تعليم جي باري ۾ سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ مان پنهنجن ٽيچرز کان موٽيويٽ ٿي ڪري انھن جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس ـ اڄ جي دور ۾ استاد جي شخصيت اھڙي ھجي ۽ استاد کي اھڙو پڙھائڻ گھرجي جو ٻار انھن استادن جھڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان سان ئي ٻار تعليم ڏانهن موٽيويٽ ٿي سگھن ٿا ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم تي توجھ ڏيو ، محنت ڪريو ـ محنت ڪري پنهنجي خاندان ، شھر ، صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريو ـ جيڪڏهن توھان چاھيو ٿا ته دنيا توهان کي سو سالن تائين ياد رکي ته ضروري ناھي توهان جي عمر بہ سو سالن جي ھجي ، بلڪہ توهان اھڙو ڪو ڪم ڪريو جو دنيا توهان کي سو سالن تائين ياد رکي -"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل