Profile # 56 Mehboob Ali Sehito (HST - GBHS Amri) محبوب علي سھتو

 

محترم جناب سائين محبوب علي سھتو صاحب جو جنم 13 سيپٽيمبر 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي شھر سيوھڻ شريف ۾ ٿيو ـ سائين جن 1980ع ۾ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، مين سيوھڻ (جنھن کي بعد ۾ سيڪنڊري جو درجو مليو) مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ـ گورنمنٽ شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو ھاء اسڪول ، سيوھڻ مان 1985ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان A گريڊ ۾ 71% مارڪن سان پاس ڪيو ـ ان اسڪول ۾ سائين جن ڇھين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين فرسٽ پوزيشن ايندا رھيا ـ سائين جن اٺين ڪلاس ۾ مڊل اسٽينڊرڊ جو امتحان گورنمنٽ پائيليٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ، دادو مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ ٻن سالن جي اسڪالرشپ حاصل ڪئي ، جيڪو اٺين ڪلاس جي سالياني امتحان کان ٻه مھينا پھرين ورتو ويو ۽ جڏھن اھو ساليانو امتحان ٿيو ته ان امتحان ۾ به سندن فرسٽ پوزيشن رھي ـ گورنمنٽ انٽر ميڊيئيٽ ڪاليج ، سيوھڻ مان انٽر ۽ گريجوئيشن جا امتحان پاس ڪيا ، جيڪو ھاڻ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ، سيوھڻ آهي ـ سنڌ يونيورسٽي ، ڄامشورو مان اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪئي ـ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ايڊ ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ، ٽنڊو ڄام مان ايم ايڊ جون پروفيشنل ڊگريون حاصل ڪيون ـ

سائين جن کي 1988ع ۾ نئين روشني اسڪول ۾ نوڪري ملي ، جيڪو ان وقت جي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو شروع ڪيو ھو ـ ان اسڪول ۾ پھريون ٻيون ٽيون ڪلاس جا ڪتاب ھڪ سال ۾ ۽ چوٿون پنجون ڪلاس جا ڪتاب ٻئي سال ۾ پڙھايا ويندا ھئا ـ جڏھن ان اسڪول جي ٻارن جا امتحان ٿيا ته ان اسڪول جا شاگرد سرڪاري اسڪول جي ٻارن کان به وڌيڪ ھوشيار ھئا ، جيڪي پنج سال پرائمري پڙھي آيا ھئا ـ حافظ شبير احمد چنه صاحب جيڪو ان امتحان جو انچارج ھو ، غلام مصطفي بليدي جيڪو سندن سپروائيزر ھو ۽ دين محمد کوسو صاحب جيڪو ٽيم ۾ شامل ھو ، تن سائين جن جي محنت کي تمام گھڻو ساراھيو ـ اھي شاگرد ھن وقت سعودي عرب ۽ دبئي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جون نوڪريون ڪري رھيا آهن ـ سائين جن کي تعليم کاتي ۾ 5 نومبر 1990ع ۾ پي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن اپائنٽمنٽ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، باغ يوسف ۾ ٿي ـ سندن 5 نومبر 2011ع تي ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيو ۽ ھن وقت گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول ، آمري ۾ تمام بھترين نموني فرض نڀائي رھيا آهن ـ سائين جن رياضي ۽ انگريزي جا سبجيڪٽس پڙھايا آهن ـ

سائين جن استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۽ گسٽا سنڌ جا سپورٽر رھيا آهن ۽ تنظيم جي ھر ڪم ڪار ۾ اڳي کان اڳڀرا رھيا آهن ـ

سائين جن جا ٻه بھترين استاد آھن ، جن ۾ ھڪ سائين عبدالحڪيم قريشي جيڪو ھر سال ڏھين ڪلاس جو رياضي جو پيپر ٺاھيندو ھو ۽ ان مان تقريباً ستر سيڪڙو سوال حيدرآباد بورڊ جي سالياني پيپر ۾ شامل ڪيا ويندا ھئا ، پوء ايس ڊي او ۽ ڊي او ٿيو ، ان وٽ سائين جن ٽيوشن به پڙھيا ـ ٻيو سائين غلام حيدر سولنگي جيڪو ڊي او ٿيو ۽ بعد ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ ان جو ھڪ فرزند انور علي سولنگي سنڌ يونيورسٽي جي ميٿميٽڪس ڊپارٽمنٽ ۾ پروفيسر آهي ـ سندن چار بھترين دوست آهن ، جن ۾ غلام مصطفي بليدي صاحب جيڪو نئين روشني اسڪول ۾ سندن سپروائيزر پڻ رھيو ۽ بعد ۾ تعلقو سيوھڻ جو لٽريسي انسپيڪٽر ٿيو ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ، خيرپور ميرس ۾ پروفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو ـ ٻيو دوست علي اڪبر بوزدار ، ٽيون سلطان پنھور ۽ چوٿون عبدالدرياھ شاھ صاحب جيڪو ھن وقت ايم سي بي بينڪ سيوھڻ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيو آهي ـ

سائين جن جو والد محمد يوسف سھتو صاحب سيوھڻ جي قاضي محلو جي عبدالڪريم عباسي مسجد جا پيش امام هئا ـ سائين جن ڀائرن ۽ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏا آهن ـ سندن ٽئي ننڍا ڀائر برڪت علي سھتو ، زاھد علي سھتو ۽ اسد علي سھتو سائنس گريجوئيٽ آهن جن مان ٻن ڀائرن جا پرچون جا دڪان آهن ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي پنهنجي زندگي جا واقعا ٻڌائيندي چيو ته اٺين ڪلاس ۾ غلام سرور اوٺو (جيڪو ھن وقت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ، ڪراچي ۾ آفيسر آهي) ۽ ارشاد علي رند (جيڪو ھن وقت لينڊ سيٽلمينٽ ڊپارٽمنٽ ، ڪراچي ۾ آفيسر آهي) منھنجا ڪلاس ميٽ رھيا ـ اٺين ڪلاس ۾ ھڪ دفعي ايس ڊي ايم چاچڙ صاحب ڪلاس وزٽ ڪيو ۽ ڪلاس ۾ جيڪي به سوال پڇيائين انھن جا مون جواب ڏنا ته چاچڙ صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ مون کي ھڪ سو روپيه انعام ڏنائين جيڪو منهنجي لاء وڏو مان ھو ـ نائين ڪلاس ۾ 1984ع ۾ اڳوڻي ھيڊ ماستر سيد ضياء الحسنين شاھ صاحب انھن سڀني شاگردن جي مان ۾ پروگرام رکيو ، جيڪي ڇھين ڪلاس کان ڏھين تائين فرسٽ پوزيشن رھيا ، انھن شاگردن لاء انعام ۽ منجھند جي ماني جو انتظام ڪيو ويو ۽ ان ۾ مان به ھوس جيڪو منهنجي لاء ھڪ اعزاز ھو ـ 1998ع ۾ جڏھن سيوھڻ تعلقو ۾ چوٿين ۽ پنجين ڪلاس جو بورڊ ٺاھيو ويو ته پانڌي خان ٽالپر صاحب (موجودھ ڊي او پرائمري ضلعو ڄامشورو) کي تعلقو سيوھڻ جو چيئرمين ڪيو ويو ۽ مان ان وقت گورنمنٽ پرائمري اسڪول ، شھباز ڪالوني جو انچارج ھيڊ ماستر ۽ ڪنٽرولر ايگزيمنيشن ھوس ـ ان سال اسڪول طرفان تعليمي سيمينار ڪرايو ويو ـ ان پروگرام ۾ سندن خدمتن جي مڃتا ۾ سيڪريٽري تعليم سنڌ نظر حسين مھر صاحب کين سند سان نوازيو ۽ سيد رسول بخش شاھ صاحب (جيڪو ان وقت ايس ڊي او تعلقو سيوھڻ ھو) جي ھٿان ايپريسيئيشن ايوارڊ مليو ـ 

سائين جن تعليم جي باري ۾  ڳالھائيندي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ ٽيچر جو محنتي ھجڻ تمام ضروري آهي جيڪو ٻارن تي محنت ڪري ۽ سندن مستقبل سنواري ـ

سائين جن سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سان ڳالھائيندي فيسبوڪ جي توسل سان شاگردن ۽ عام ماڻهن کي ھنن لفظن ۾ پيغام ڏنو " تعليم کي چور چوري نٿو ڪري سگھي - تعليم حاصل ڪريو ۽ اڳتي وڌو ـ"

سنڌ ايجوڪيٽرز جي ٽيم سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي ـ

Comments

Popular posts from this blog

Profile # 37 Akbar Ahmed Channa (HST - GBHS Kotri) اڪبر احمد چنہ

Profile # 12 Mushtaque Ahmed Rahu (HST - GHSS Kazi Ahmed) مشتاق احمد راھو

Profile # 10 Abdul Saleem Mughal (PST - GBPSII Kotri) عبدالسليم مغل