Profile # 150 Pandhi Khan Talpur (DEO Primary - District Jamshoro) پانڌي خان ٽالپر
محترم جناب سائين پانڌي خان ٽالپر صاحب جو جنم 28 فيبروري 1967ع تي ضلعو ڄامشورو جي ڳوٺ مارُو خان ٽالپر لڳ آراضي، تعلقو سيوھڻ شريف ۾ ٿيو. پاڻ گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي پريل شاھ لڳ بُوبڪ اسٽيشن مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائون، ان اسڪول مان اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ پڻ تعليم حاصل ڪئي ھئي. ان اسڪول ۾ جڏھن سندن استاد ٽريننگ تي ويو ته ڪجھ عرصو گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ڳوٺ علي خاناڻا ۾ تعليم ورتي. ان کانپوء گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول آراضي ۾ داخلا ورتائون جتي ڇھين کان اٺين درجي تائين سندن پھرين پوزيشن رھي ۽ ڇھين کان ڏھين درجي تائين ڪلاس جا مانيٽر پڻ رھيا. 1983ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوء گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج، سيوھڻ شريف مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائون. سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوء سندن تعليم کاتي ۾ 15 جون 1987ع تي جي ايس ٽي جو آرڊر مليو ۽ سندن تقرري گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول ٿاڻو احمد خان ۾ ٿي. ملازمت دوران سنڌ يونيورسٽي مان سياسيات ۾ ماسٽرس کان علاوھ 92-1991ع ۾ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري حاصل ڪيائون. سندن 4 آڪٽوبر 1993ع تي ايڇ ...